رمون پيٽي
ڪھاڻي
اڪبر جسڪاڻي
گهر ۾ جڏهن رمون ايندو هو ته سڀ
ٻار ڀڄي پري ٿي ويندا هئا. رمون ڄڻ ته ٻارن لاءِ ڪو ديو هو. جڏهن ته ٻارن سان پيار
به ڪندو هو. پر هو رڳو پيٽي هو. ٻار کي هٿ جيڪا شيءِ ڏسندو سا ڦري کائي ويندو هو. ان
ڪري ٻار اڪثر چوندا هئس؛ ”رمون پيٽي، قلم سليٽي.“ انهن لفظن جو هن تي ڪو اثر ڪو نه
ٿيندو هو.
