Friday, August 5, 2016

رمون پيٽي -اڪبر جسڪاڻي

رمون پيٽي
ڪھاڻي
اڪبر جسڪاڻي
گهر ۾ جڏهن رمون ايندو هو ته سڀ ٻار ڀڄي پري ٿي ويندا هئا. رمون ڄڻ ته ٻارن لاءِ ڪو ديو هو. جڏهن ته ٻارن سان پيار به ڪندو هو. پر هو رڳو پيٽي هو. ٻار کي هٿ جيڪا شيءِ ڏسندو سا ڦري کائي ويندو هو. ان ڪري ٻار اڪثر چوندا هئس؛ ”رمون پيٽي، قلم سليٽي.“ انهن لفظن جو هن تي ڪو اثر ڪو نه ٿيندو هو.


ضد ڪيائين پوءِ اها ضرور پوري ڪندو هو. ان ڪري ڪيترا ڀيرا نقصان به ڏسڻو پيس. مدي جو بخار به ٿي پيس.ڊاڪٽرن ماني کائڻ کان منع ڪيس. پر هن زوري ٻوڙ ماني کاڌي ۽ سڄو مهينو ٿوري غلطي جي ڪري لوڙڻو پيس. هي اهڙو ته ضدي ٿي ويو جو رات جو گهر ۾ رکيل شيون چوري کائڻ لڳو. ڪيترا ڀيرا امڙ سمجهايس، پيءُ جا دڙڪا مليس پر ڪو نه مڙيو.
هڪ ڀيري پڻس حيدرآباد مان بسڪيٽ وٺي آيو. هن کي به حصو مليو. ڪجهه بچت بسڪٽ ڪٻٽ ۾ رکي ڇڏيائون. همراهه کي سڄي رات ننڊ ڪا نه آئي. اڌ رات جو اٿي، ڪٻٽ کولي، بسڪٽ کڻڻ لڳو. آواز تي پڻس سمجهيو ته ڪو ٻلو آهي، سو هش ٻلو، ڪري ڀت ڏانهن چئمپل اڇلايائين، جيڪو ٽڪڻ ۾ ٺڪاءُ ٿي ويس. پنهنجي چوري کي لڪائڻ لاءِ جلدي ۾کٽ تي سمهي پيو. پڻس سمجهي ويو ته رمون آهي. پر همراهه صبح جو مڃيو ئي ڪو نه ۽ سڄو ڏينهن ٻار هن کي چيڙائڻ لڳا؛ ”رمون پيٽي، قلم سليٽي.“
هن ۾ هاڻ کير جي ملائي ٺاهي کائڻ جو چسڪو به اچي پيو. سو اڌ رات جو اٿي، پنهنجو پرائو کير کڻي، ملائي ٺاهي کائيندو هو. مائٽ نه ڏسندا هيس ته چوندو هو ته کير ٻلي پي وئي آهي. جي ڏسندس ته صفا ڪاوڙجي چوندو ته مون نه کنيو آهي. بڪ نه ڪيو.
هن جي شرارتن ۾ به اضافو اچي ويو هو. هڪ ڀيري ماءُ ٿورو ڳالهايس. هن کي شرارت سجهي آئي. ماءُ وئي گهر ۾ اندر ڪوٺي کي ٻهاري ڏيڻ. پٺيان هن چلم کڻي ان جي ٽوپيءَ ۾ ڳاڙها مرچ وجهي، ٽانڊو رکي، چلم تي ٽوپي رکي ڇڏي. ماڻس ڪم گهر جو ختم ڪري جڏهن آئي ۽ چلم مان ڦوڪ ڀريائين ته اچي کنگهه ڇٽڪيس. ويچاري سڄو ڏينهن کنگهندي رهي. انهي حرڪت ڪري پيءُ موچڙا به هنيس.
هڪ رات جو چوري صبح جو چانهه لاءِ رکيل کير کڻي چلهي تي ويو ۽ اتي ملائي ٺاهڻ لڳو. کير تمام گرم ٿي ويو هو ۽ هيءُ ڊپ مان آهستي آهستي ڊيڳڙي ۾ چمچو گهمائي رهيو هو. اوچتو پڻس ڪو پنهنجي ليکي کنگهيو. کنگهه سان هن ڇرڪ ڀريو. چمچو ديڳڙي جي ڪناري سان لڳو. سڄو کير هن جي ٽنگ تي هارجي ويو. هن کان رڙ نڪري وئي. ماڻس ابا ابا ڪري ڀڄندي آئي. سڀ گهر جا ڀاتي اچي مڙيا، ننڍڙا ٻار به اٿيا. پڻس ٿورو ڳالهايس. ماڻس چيو ته ابا تو کي ڇا چوان. ان ئي وقت برنال هنيائونس.
صبح جو رمون اٿيو. ٻار چنبڙي ويس؛ ”رمون پيٽي، قلم سليٽي. رات پيٽ جي ڪري سڙي پيو.“ پر اڄ همراهه ڪنهن سان ڪو نه ڳالهايو پر شرم کان ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيو. ٽي چار ڏينهن شرم کان شهر به ڪو نه ويو.

ان ڏينهن کان وٺي وري چوري ڦري ڪا شيءِ نه کاڌائين.

No comments:

Post a Comment