Sunday, August 7, 2016

رهجي ويل چانهن - نور گهلو

رهجي ويل چانهن
مزاحيه ڪالم ڪهاڻي
نور گهلو
مکڻ خان اڄ ڏاڍو پريشان هو، بي روزگاري، اڃا به هڏ حراميءَ سبب پريشان ته سدائين رهندو هو ته وري هن جي پوڙهي زال، جوان ڇوڪري وانگر فرمائشون ڪندي هئي ته اڃا به وڌيڪ پريشان ٿي ويندو هئو. پر جيئن ته چالاڪ هئو، تنهنڪري هو ماڻهن کي مکڻ لڳائي، ڪجهه نه ڪجهه بندوبست ڪري ڪم ٽپائي ويندو هو.


ڪالهوڪي ڏينهن به هو پنهنجي خوشامدي هنر سان ايترو ڪمائي آيو هو جو رات جو ويلو نصيب ٿيو هئس ۽ صبح جي چانهن لاءِ به کير جو بندوبست ٿي ويو هئس. اڄ جمعي جو جيئن ئي اُٿي بورچيخاني تي نظر وڌائين ته ڪاريءَ وارا ڪک نظر آيس. ايتري ۾ سندس زال به اٿي آئي، جنهن کان هن چانهن لاءِ پڇيو ته جواب مليس؛ ”کير ٻلي پي وئي.“ زال جو رکو جواب ٻڌي ڪاوڙ ته ڏاڍي آيس، پر ڪُڇي نه سگهيو. هن کي پڪ هئي ته کير پيئڻ جو ٻليءَ تي الزام آهي، پڪ سان هن وري گوري ٿيڻ لاءِ کير سان پنهنجي چهري تي مهٽ سهٽ ڪئي هوندي، جنهن جا نشان سندس چهري تي نظر اچي رهيا هئا. کيس ياد آيو ته جوڻس، رات جو هن سان گوري ڪرڻ واري ڪريم آڻي ڏيڻ جي فرمائش ڪئي هئي. جنهن تي هن ڇڙٻ ڏئي چيو هئس ته، ”ڏسين نه ٿي ته هتي ويلو کائڻ ئي مشڪل سان نصيب ٿو ٿئي، تو کي وري لڳي آ گوري ٿيڻ جي، شرم ڪر، هيءَ عمر تنهنجي آهي نخرا ڪرڻ جي.“ سندس جواب ٻڌي جوڻس ڪاوڙجي پئي هئي ۽ مُنهن سڄائي بڙ بڙ ڪندي، پاسو ورائي سمهي پئي هئي. مکڻ خان کي پڪ هئي ته جوڻس کيس سزا ڏيڻ لاءِ کير پنهنجي گوري ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو هوندو ۽ الزام وري ويچاري ٻليءَ تي هڻي رهي آهي. ائين هوءَ اڳ ۾ به ڪيترا ڀيرا ڪري چڪي هئي.
مکڻ جي عادت هئي ته جيستائين نيراني چانهن، جنهن کي وڏا ماڻهو بيڊ ٽي چوندا آهن ۽ ٻيڙيءَ جو ڪش نه لڳائيندو هو تيستائين هن جو بيت الخلا جو معاملو اُلجهندو نظر ايندو هو. مٿي جو سور ۽ اکين آڏو ترورا، هن جي سڄي جسم جو ڄڻ ساھُ ئي ڪڍي ڇڏيندا هئا. ان ڏينهن به هن سوچيو ته، ”هاڻي ڇا ڪجي؟ اهو ڪم نه ٿيو ته منهنجو مٿو ئي ڦاٽي پوندو. تنهن هوندي به ٻيڙيءَ جي ڪش تي ڪوشش ڪري ٿو ڏسا. جيڪڏهن ڪم نه ٿيو ته ڪا ترڪيب ٿئي سوچي وٺبي.“ اهو سوچي هو بيت الاخلا ويو. جنهن کي ماڻهو بيت السڪون به چوندا آهن ۽ ڪٿي اهو به ٻڌو  هئائين ته، اُتي ماڻهو مٿي کي هٿ ڏئي، دنيا جي فڪرن کان آزاد ٿي، بهتر نموني سوچي سگهي ٿو، انڪري ئي ته وڏا وڏا دانشور ۽ سائسندان ان کي بيت التخيل يا آئيڊياز جو مرڪز چوندا آهن جتي ماڻهو جي ذهن ۾ وڏيون وڏيون آئيڊيائون اينديون آهن ۽ نيون نيون ايجادون ۽ خوبصورت تخليقون جنم وٺنديون آهن مکڻ کان به اُتي وڃي ڏاڍا زور ڏنا پر خالي ٻيڙيءَ جي ڪش تي ڪم نه ٿيس ڇاڪاڻ ته چانهن سان گڏ ٻيڙيءَ جو ڪش ئي سون تي سهاڳي وارو ڪم ڏيندو هو. مايوس ٿي اٿڻ وارو هو ته اوچتو هن جي ذهن ۾ هڪ زبردست آئيڊيا اچي وئي. ”علڻ خان“ هن سوچيو ۽ جلدي جلدي ٻاهر نڪري آيو ۽ هلندي اڳٽ ٻڌندي گهر کان باهر نڪري ويو.
وڏيرو علڻ خان جيڪو هن تي سدائين مهربان رهندو هو. ڇاڪاڻ ته مکڻ خان هن کي سندس مخالف وڏيري سانوڻ جون گلائون ڪري، ڪجهه هيڏانهن هوڏانهون جو اوڀاريون لهورايون ڳالهيون ڪري خوش ڪري وجهندو هئو، مکڻ خان کي اُها خبر هئي ته رئيس علڻ خان وٽ کير پتي چانهن سان گڏ پاپا به کائڻ لاءِ ملندا هئا جو رئيس خود به پاپا کائڻ جو شوقين هو.
جيئن ئي مکڻ خان رئيس علڻ خان جي اوطاق ۾ داخل ٿيو ته ڏٺائين، رئيس جي هٿ ۾ هڪ شادي جي دعوت جو ڪارڊ هئو ۽ سندس نوڪر جمن هن جي وارن کي خضاب هڻندي چئي رهيو هو،” رئيس منهنجي پگهار ڊبل ڪيو“
”اهو وري ڇو“ رئيس ڪارڊ ڏسندي چيو.
”ڏسو نه سائين“ جمن برش واري کي ڦيريندي چيو؛ ”اوهان پگهار ته نوڪر واري ٿا ڏيو پر ڪم زال وارو ٿا وٺو.“
”ڇا مطلب!“ رئيس ڪاوڙ مان چئي ٿو.
”جي جي منهنجو مطلب آ“ جمن گهٻرائجي، ”ڏسو سائين، هي رنگ لڳائڻ، پاڻي گرم ڪرڻ، شلوار ۾ اڳٺ وجهڻ، زور ڏيڻ اُهو ته زالن جو ڪم آهي نه...“
”وڏو ڪو پلستر آهين جمن.“ رئيس ٽهڪ ڏنو. ايتري ۾ مکڻ خان سامهون ايندي زور سان؛ ”السلام عليڪم.........رئيس وڏي جو خير.“
”اڙي مکڻ خان وعليڪم السلام ڀلي آئين جي آئين.“ رئيس خوشدليءَ سان مکڻ خان جي آجيان ڪئي؛ ”ڏاڍن ڏينهن کانپوءِ آيو آهين.“
”ها سائين بس ائين ئي.“ ڪا ڏي وڃڻ جي تياري آهي ڇا سائين“
”ها نه. هي ڏس شادي جو ڪارڊ آيو آهي.“ رئيس کلندي، ”اسان کان ته هڪ ئي نه ٿي سنڀالي وڃي ۽ هي همراھ ٻي شادي پيو ڪري، ڪيئن مکڻ خان؟“
”ها سائين، صحيح ٿا چئو.“ مکڻ خان رئيس جي ها ۾ ها ملائيندي؛ ”مان ته ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته ڪٿي ميلي ۾ وڃي مائي کپائي اچان.“
”ها ها ها“، رئيس ٽهڪ ڏيندي، ”ايڏو بيزار آهين ڇا؟“
”ڳالهه نه پڇ رئيس وڏا“ مکڻ خان مظلوميت جي ايڪٽنگ ڪندي، ”لوڪ لڄا کان چپ آهيان نه ته ...“
”خير ...خير... دل نه لاھ مکڻ خان سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. اڙي جمن ڏسين نه ٿو ته مکڻ خان گهڻن ڏينهن کانپوءِ آيو آهي.“ رئيس جمن کي چيو؛ ”بابا! ڪا چانهن ٻانهن ٿي وڃي. رئيس جي ڳالهه ٻڌي مکڻ خان جي چهري تي ڄڻ رونق اچي وئي ۽ جمن ڏي نهاري چيائين، ۽ هو پاپا به.“ جمن، مکڻ خان ڏي ڪاوڙ مان نهاريندي وڃڻ لڳي ٿو.
”ڏي خبر مکڻ خان. هي صبح صبح ڪيئن پنڌ پيو آهين؟ ڪجهه پريشان به پيو نظر اچين، خير ته آهي نه.“
”خير وري ڪٿي آهي سائين.“ جمن مظلوميت جي ايڪٽنگ جاري رکندي“ هوءَ مون واري زال آهي نه...“
”ها ..ها... ڇا ٿيو هن کي، ڪنهن سان ڀڄي وئي ڇا!؟“
”گوڏن ۾ سور نه هجيس ها ته ڪنهن سان ڀڄي به وڃي ها.هوءَ هميشه اهڙا طعنا ڏيندي آهي.“
”خير.. خير.. ڇا ٿيو آ تنهنجي گهرواري کي“
”ڇا ٿا پڇو سائين.....اهو واٽر سپلاءِ جو خراب پاڻي پيو اچي، سڄي شهر ۾ ڊائريا جي بيماري ڦهلجي وئي آهي نه.بس ُاها ئي..“
”اوھ......اوھ، صحيح ٿو چئين مکڻ خان“ رئيس همدرديءَ ڪندي؛ ”پوءِ هاڻي ...“
”سرڪاري اسپتال ۾ ڇڏي آيو آهيانس“
”اوه....... رئيس سوچيندي ”سرڪاري استپال ۾ آهي ته پوءِ خدا ئي حافظ.“
”ڇا مطلب رئيس“ مکڻ خان پريشاني جي ايڪٽنگ ڪندي.
”ٻڌو نه اٿئي ته؛“ رئيس کلندي چيو؛ ”گدڙ جو موت ايندو آهي ته اهو شهر جو رخ ڪندو آهي، شاگرد کي کٽي کڻندي آهي ته اهو سرڪاري اسڪول ۾ داخل ٿيندو آهي ۽ مريضن جو موت ايندو آهي ته اهو سرڪاري اسپتال ۾ ڀرتي ٿيندو آهي.“
.اوه ...... اوه.“ مکڻ خان انتهائي پريشاني جي زبردست ايڪٽنگ ڪندي، روئڻهارڪي انداز ۾، ”ته ڇا. ته ڇا منهنجي زال جو بچڻ مشڪل آ رئيس!“ مکڻ خان دروازي ڏانهن نهاريو ۽ دل ئي دل ۾ جمن کي ست سريون ٻڌائيندي سوچيائين ته ”چانهن ۾ ايڏي دير“ رئيس کيسي مان ڪجهه نوٽ ڪڍي، مکڻ خان ڏانهن وڌائيندي چيو گهر واري جو ڪنهن سٺي ڊاڪٽر کان علاج ڪراءِ...دير نه ڪر...“ مکڻ خان پئسا وٺي کيسي ۾ وجهندي در ڏانهن نهاري ٿو جتان جمن چانهن جي ٽري ۽ پاپا کڻي داخل ٿي رهيو آهي.
”پر ...پر....هوءَ چانهن.“ مکڻ خان جمن ڏي اشارو ڪندي چيو.
”چانهن کي هڻ گولي!“ رئيس دڙڪو ڏيندي چيو؛ ”جلدي اسپتال پهچي زال کي بچاءِ ائين نه ٿئي جو تون هتي چانهن پيئڻ ويهي رهين ۽ هُتي ڊاڪٽر تنهنجي زال جا ڪم ئي لاهي ڇڏين.“
”جي.....جي سائين ...... صحيح ٿا چئو،“ مکڻ خان جلدي اٿندي، حسرت سان جمن کي چانهن آڻي ٽيبل تي رکندي ڏسي، مُنهن ڀيلو ڪري ٻاهر نڪري ويو؛ ”اڄ ته قسمت ئي خراب آهي.“ ٻاهر نڪري سوچيائين؛ ”چانهن چپن تائين ايندي ايندي رهجي وئي پر خير.“ هن پاسي واري کيسي ۾ رکيل نوٽن کي هٿ هڻي. ”خير هاڻي کيسي ۾ پئسا به آهن. رئيس جي چانهن نه سهي، پٺاڻ جي چانهن به لاجواب آهي.“ هو ٿورو پرڀرو مارڪيٽ ۾ پٺاڻ جي هوٽل ۾ داخل ٿيو ۽ ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي اسپيشل کير پتي چانهن جو آرڊر ڏنو ۽ کيسي پيل نوٽن تي پيار مان هٿ ڦيرندي رئيس کي دعائون ڏيڻ لڳو.

ٿوري دير کانپوءِ هوٽل جي بئري هڪ وڏي ڪپ ۾ چانهن هن جي سامهون رکي. گرم گرم چانهن مان نڪرندڙ ٻاڦ ۽ خوشبو هن جي دماغ ۾ ڄڻ تازدگي ڀري ڇڏي. هن جلدي ۾ چانهن ساسر ۾ ڀري، ٻنهي هٿن ۾ جهلي اڃا چپن تائين مس آندي ته اوچتو هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو، اوچتي ڇرڪ ۾ هن جي هٿن مان چانهن سان ڀريل ساسر ڇڏائجي وئي ۽ گرم گرم چانهن هن جي ڪپڙن تي ڪري پئي. ڌماڪي سان هر طرف چيخ و پڪار سان گڏ ڀاڄ پئجي وئي، مکڻ خان به هراس ۾ ٽپ ڏئي اٿي ڀڄڻ لڳو، وري مشڪل سان ماڻهن کي ڌڪا ڏيندو ۽ ڌڪاکائيندو وٺي جو ڀڳو ته اچي پنهنجي گهر جي در تي پهتو، سهڪندي سهڪندي کيسي کي هٿ لاتائين ته سندس وات مان دانهن نڪري وئي، ”اڙي پئسا ڪاڏي ويا؟!!“ ان ڀاڄ ۽ ڌڪا ڌوڪيءَ ۾ هن کي خبر ئي نه پئي ته ڪو بشني هن جو کيسو ئي پٽي ويو پر هن کي هڪ ڳالهه جو اطمينان ٿيو ته ان ڀاڄ ۾ هن کي خبر ئي نه پئي ته سندس پيٽ ڪڏهن ۽ ڪيئن هلڪو ٿي ويو هو.

No comments:

Post a Comment