Tuesday, May 14, 2024

سائيڊ افيڪٽ - خالد آزاد

سائيڊ افيڪٽ

مختصر ڪهاڻي

خالد آزاد



ڪوسٽر ۾ چڙھندي ئي مون دريءَ واري سيٽ هٿ ڪرڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو؛ ٻنهي پاسي ٻه ٻه سيٽون هيون، جن تي اڪثر ماڻهو ويٺل نظر آيا. مون بيگ ڪُلهي تان لاٿو ۽ چشمو وارن ۾ اٽڪائي ڇڏيو! پريان ٻه سيٽون ڇڏي، ٽين سيٽ تي هڪ اڌڙوٽ عورت، ٻنهي سيٽن جي وچ تي ويٺي هئي، شايد اها هڪ ئي جاءِ خالي وڃي بچي هئي سڄي ڪوسٽر ۾! آئون وڃي سندس ڀر ۾ بيٺس:

“ايڪسڪيوز مي....” شائستگيءَ سان چيم.

“ييس”: هُن مون ڏانهن ڏسندي وراڻيو.

“ايڪچئلي آءِ نيڊ ونڊو”: چيم.

Wednesday, May 8, 2024

مقامي، غيرمقامي ۽ ريڊ انڊين - منظور ڪوھيار

مقامي، غيرمقامي ۽ ريڊ انڊين

ننڍڙي ڪھاڻي

منظور ڪوھيار



چانھ چڪي پيئڻ کان پوءِ به ڪکو خان اڄ خاموش ويٺو هيو، ته کانئس هڪ سيريس سوال پڇيم؛ ”اڄڪلھ ڪراچيءَ ۾ مقامي ۽ غيرمقاميءَ جو اصطلاح هلي رهيو آهي، ان جو مطلب ڇا آهي؟“

سنجيدگيءَ سان وراڻيائين ته: ”هر اهو ماڻهو غير مقامي آهي، جيڪو هندوستان مان نه آيل هجي!“

Wednesday, May 1, 2024

ڇا ڏاڏي، ڇا ڏھ-پئسي - گلزار - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ڇا ڏاڏي، ڇا ڏھ-پئسي

(ريختہ ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: گلزار

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



بس، ھڪڙي ڏھ-پئسيءَ تان ئي ڏاڏيءَ سان جھيڙو ٿيو ۽ چِڪو گھرئون ڀڄي نڪتو.

ڏھ-پئسي به ڪا وَٿُ ھوندي آھي؟ رام منوھر جي گيدي ۾ ڪيترو ريزو ھوندو آھي. جڏھن دل چويس، وڃي لغڙ وٺي اچي. ھڪڙو ڪاٽا ٿيو، ٻئي ۾ ڌاڳو پئجي ويو. مانجھي وارو چرخو سدائين تارئون تار ويڙھيل.... ۽ سديءَ جا ڪيترا سارا پتا پيا اٿس گھر ۾. اھو سڀ ياد ايندي ئي وري ڏاڏيءَ تي چڙ چڙھي ويس. ڏاڏي آھي ئي اھڙي ٻانڀ. ان ڪري ته منھن ۾ ايترا گھنج اٿس. رام جي ڏاڏيءَ جي شڪل تي ته ھڪ به ڪونھي. ھڪ پٺيان ٻيو ٿي، ڏاڏيءَ جا سمورا نقص ياد اچڻ لڳس. ڪن ڪيڏا نه ڊگھا اٿس. جڏھن به ڳٽن تي چمي ڏيندي، اکين تي لڙڪي پوندا ۽ پنبڻيون ته اٿس ئي ڪو نه. رات جو سمھندي آھي ته اڌ تي اکيون ته کليون پيون ھونديون اٿس. وات به اَلَ ڪانءَ وانگر ڦاٽو پيو ھوندو اٿس... ڏاڏيءَ جا ڪارٽون ٺاھيندو، ھو پيرين اگھاڙو ئي ريل جي ٽيشڻ تي پھچي ويو. بنا ڪنھن ارادي جي ٽيشڻ ۾ گھڙي ويو ۽ جيئن ئي گاڏيءَ سيٽي ھنئي، ھي به ٽپو ڏئي، ھڪڙي گاڏي ۾ چڙھي پيو.