Saturday, November 26, 2011

حسرتن جو خون - رضوان گل


حسرتن جو خون
رضوان گل
رات جي سانت ۾ ڪشادي گهر جي هڪ اونداهي ڪمري مان مسلسل پوڙهي شخص جي کنگهڻ جو آواز. سندس پٽ ايئر ڪنڊيشن واري ايئر ٽائيٽ روم ۾ پنهنجي گهر واريءَ جي ڀاڪر ۾ ستل، جيڪو پيءُ جي خراب طبعيت جي ڄاڻ هوندي به.....!!
پوڙهو شخص مسلسل کنگهي رهيو هو...
اسٽور روم مان نوڪرياڻي اٿي اچي ڪمري جي بتي ٻاري کيس پاڻيءَ جو گلاس ڀري پيئاري ٿي. ”بابا! دوا جو وزن کاڌو اٿئي؟“


پوڙهي پنهنجو ڏڪندڙ ڪنڌ هاڪار ۾ ڌوڻيو. سندس اکين ۾ پاڻي تري آيو هو ۽ جسم ڪنبي رهيو هوس. ڏڪندڙ آواز سان پڇيائين؛ ”ڌيءَ اسد آيو آهي؟“
”ها! بابا، اسد صاحب ۽ بيگم صاحبه ڪمري ۾ آهن.“
پوڙهو وري کنگهڻ لڳو. هاڻي سندس اها کنگهه پاڻيءَ جا ڍڪ پيئڻ سان جهڪي ٿيڻ واري نه هئي. انهيءَ دائمي کنگهه سندس جسم کي کوکلي پڃري جيان بڻائي ڇڏيو هو، جنهن ۾ سندس ساهه ڪنهن ڪمزور ۽ مجبور پنڇيءَ جيان قيد هو.
مسجد مان ’اصلواة خير من نوم‘ جو آواز بلند ٿيو. گهر جي لان واري وڻ ۾ جهرڪين جي چون چون ڪانون جي ڪان ڪان ۽ ٻين پکين پنهنجون ٻوليون ٻولڻ شروع ڪيون ۽ هر رات جيان هڪ ٻي رات به گذري وئي. اسد صبح ٿيڻ سان ئي آفيس جي تياري ۾ لڳي ويو. پينٽ، شرٽ، ٽاءِ ۽ پوءِ ڪوٽ پائي ناشتي تي ڊائننگ ٽيبل تي ويهندي... وڏي پيار مان گهر واريءَ کي سڏيائين؛ ”بيگم پليز جلدي اچو.. مونکي دير پئي ٿئي!“
بيگم پنهنجا آلا وار ٻنهي ڪلهن تي رکي، جلدي اچي اسد جي ڀر واري ڪرسيءَ تي ويٺي. پهريون گرهه بيگم صاحبه کي پنهنجي هٿ سان کارائي، ناشتو شروع ڪيائين.
”اسد! پٽ اسد!“
والد جو جهيڻو آواز سندس سماعتن سان ٽڪرائجي ٿو. پر ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري، گهر واريءَ سان گفتگوءَ ۾ مصروف ٿي وڃي ٿو. نوڪرياڻيءَ بريف ڪيس گاڏيءَ ۾ رکيو. اسد گهر مان نڪرندي آخري دفعو آئيني تي ٽاءِ سيٽ ڪندي اچي ٿڌيءَ گاڏيءَ ۾ ويٺو. ڊرائيور گاڏي اسٽارٽ ڪئي، پهريون فرسٽ گيئر پوءِ سيڪنڊ ۽ ٿرڊ کانپوءِ فورٿ گيئر ۾ گاڏي ويڪري روڊ تي ڊوڙڻ لڳي. ڪوٽ جي اندرئين کيسي ۾ رکيل موبائيل ۾ پهريون وائبريشن ٿي ۽ پوءِ بيل وڄڻ لڳي. ”هيلو.“
”سائين اسد صاحب؟“
”جي ڳالهايان پيو!“
”عرفان صاحب جو والد رات وفات ڪري ويو آهي. سندس اڄ 12 بجي تدفين ٿيندي.“
”ٺيڪ آ.“ اسد موبائيل کي ڀرسان سيٽ تي رکي ڇڏيو. اسد اها خبر ٻڌي پنهنجي والد بابت سوچڻ لڳو....
کيس سندس پيءُ جو هر هڪ ڳالهه ۾ دخل ڏيڻ، بغير پڇڻ جي مشورا ڏيڻ، ڳالهه ڳالهه جو ورجائي پڇڻ ۽ سندس گهر واريءَ جي آزاديءَ سان گهمڻ تي ٽوڪڻ ۽ روڪڻ وارو انداز چڙ ڏياريندو آهي. اهڙين ئي ڳالهين جي ڪري هن پيءُ کي گهر ۾ پيل ڪنهن پراڻي ۽ بي جان شيءِ جيان وساري ڇڏيو آهي!! اسد آفيسريءَ جي نشي ۽ زال جي خوشامند ۾ پنهنجي پيءُ کي پل پل اذيت ناڪ عذاب ڏيندو ۽ سندس حسرتن جو خون ڪندو رهيو. ڪيترين ئي بيمارين جي ور چڙهيل سندس پوڙهو پيءُ، زندگيءَ جي تتل صحرا ۾ ڀٽڪي رهيو هو، ڪنهن لاوارث جيان.
اسد شام جا پاڇا لڙڻ کان ٿورو اڳ گهر پهتو. پيءُ جي کنگھڻ جا آواز ۽ اسد.. اسد..! جي پڪار ٻڌي. کيس هڪ لمحي لاءِ خيال آيو ته انهيءَ اونداهي ڪمري ڏانهن وڃان ۽ پيءُ کي ڏسان، پر ائين نه ڪيائين ۽ تڪڙو تڪڙو پنهنجي ٿڌي بيڊ روم ڏانهن وڌي ويو. جتي سندس گهر واري ويڪري بيڊ تي سمهي ڪنهن سهيليءَ سان وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي فون تي ڳالهائي رهي هئي. اسد جو والد، اڄ اهي سڀئي ماضيءَ جي يادن جا ورق اٿلائي اندر ئي اندر ۾ جُهري پيو هو. لڙڪن جو سيلاب سندس اکين جا بند ڀڃي ٻاهر نڪري پيو هو. کيس ياد اچي رهيو هو....
جڏهن اسد جي ڄمڻ جي باس باسي هئائون، پوءِ آهستي آهستي کيس وڏو ٿيندي ڏسي دل ئي دل ۾ سپنا سانڍيا هئائون. سٺي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ جا ۽ وڏو آفيسر ٿيڻ جا. هي پاڻ ته سرڪاري آفيس ۾ ننڍڙو ملازم هو پر هڪڙي سڪي لڌي پٽ جي آسائش لاءِ ڏاڍو پاڻ پتوڙيو هئائين. پرائيويٽ انگلش ميڊيم اسڪول کانپوءِ، سائنس ڪاليج ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽي تائين، سندس تعليم جو خرچ آفيس ۾ اوور ٽائيم ڪري به پورو ڪندو هو. پاڻ ته پراڻا ڪپڙا پائي گذارو ڪندو هو، پر اسد کي نئين ڊريس ضرور سبرائي ڏيندو هو. اسد جي ماءُ جي گذاري وڃڻ بعد هن ئي کيس ماءُ ۽ پيءُ واري شفقت ۽ محبت ڏني.
ننڍي هوندي جڏهن اسد کانئس هڪ ئي سوال ڏهه ڀيرا پڇندو هو ته هي کيس ڏهه ئي ڀيرا جواب ڏيندو هو، پر اڄ...!! کيس ڪلهي تي ويهاري گهر جي پڌر ۾ گهمائيندو ۽ ڳلن، ٻانهن ۽ هٿن تي مٺيون ڏيندو هو، بيمار ٿيندو هو ته هي ٻه ٻه ويلا ماني به نه کائيندو هو. ٻانهن ۽ مٿي تي زور ڏيندو هوس ۽ دعائون گهرندو هو سندس صحتيابي جون. اسد جڏهن انجنيئرنگ جي ڊگري وٺي گهر موٽيو هو ته سندس لاءِ يونيورسٽيءَ ۾ گڏ پڙهندڙ هڪ اميرزاديءَ جو رشتو آيو هو. هن ته انڪار ڪيو پر اسد جي ضد ۽ خوشيءَ خاطر اهو رشتو ڪرڻ تي مجبور ٿيو. کيس ڪهڙي خبر ته انهيءَ نئين رشتي جي ڪري اسد پنهنجا سڀئي رشتا وساري ڇڏيندو! انهيءَ اميرزاديءَ جي طفيل ئي هي تمام وڏي ڪمپنيءَ ۾ انجنيئر ته ٿي ويو... پر کانئس اهي سڀئي پل ڪنهن پراڻي پڙهيل سبق جيان وسري ويا، جنهن کي ٻيهر ورجائي پڙهڻ جي ڪا ضرورت ئي ناهي پوندي.
پوڙهو دل ئي دل ۾ اسد کي اولاد ٿيڻ لاءِ دعائون گهري رهيو هو.. کيس اچانڪ ئي هڏڪين مٿان هڏڪيون اچڻ لڳن ٿيون. نوڪرياڻي ۽ نوڪر هڏڪين جي زوردار آواز تي پوڙهي جي ڪمري ۾ اچن ٿا، سندس بگڙيل حالت ڏسي اسد جي ڪمري واري در کي زور زور سان کڙڪائڻ لڳن ٿا ۽ هوڏانهن پوڙهي جي هڏڪين سان گڏوگڏ اسد..! اسد! جا لفظ به ورجائجڻ لڳن ٿا.
ڪمري جي اندران بيگم صاحبه جو آواز اچي ٿو؛ ”اسد باٿ روم ۾ آهي شور نه مچايو!، مان فون تي پئي ڳالهايان!“
پوڙهي آخري هڏڪي ڏني ته سندس زبان مان اَس.. اَس.... نڪرندي رهجي ويو. ان وقت جسم جي زندان مان سندس روح ڪنهن پکيءَ جيان ڀڙڪو کائي اڏري ويو...

1 comment:

  1. Sir is it possible to get a jpg and four lines of introduction of ritz wan gul
    Dnangrani

    ReplyDelete