بي اي سي
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
دعا
سلام بعد تعارف جو سلسلو شروع ٿيو ته مون واري پراڻي دوست، ساڻس گڏ آيل نوجوان جو
تعارف ڪرائيندي چيو؛ ”ھن عمر ۾ به غزل جو بھترين شاعر آھي. سندس نظم به شاھڪار آھن.
پاڻ تعليم ۾ به ’بي اي سي‘ آھي.“
مون ’بي
اي سي‘ لفظ ٻُڌي، حيرت مان پڇيس؛ ”ڇا؟ ’بي اي سي‘؟“
”جي،
ھا!“ منھنجي دوست جي جواب ڏيڻ کان اڳ، ساڻس گڏ آيل نوجوان، يڪدم وچ ۾ ٽپو ڏيئي چيو؛
”ڪاليج سائيڊ تي ’بي اي سي‘ ڪئي اٿم.“
مون،
واري واري سان، ٻنھي جي مُنھن ڏانھن نھاري، سندن اکين ۾ اکيون ملائي، ڪجھ چوڻ پئي
چاھيو. ان کان اڳ، مون واري آيل مھمان دوست، وضاحت ڪندي چئي ڏنو؛ ”يونيورسٽين ۾ ’بي
ايس سي‘ ۽ ڪاليج سائيڊ تي ’بي اي سي‘ ئي ٿيندي آھي.“
No comments:
Post a Comment