Friday, November 2, 2012

سوالِي پيپر - رياضت ٻرڙو


سوالِي پيپر
رياضت ٻرڙو
امتحاني مُند سالَ جي وقفي کان پوءِ موٽي آئي.
استادن، والدين، دوستن، مِٽن مائٽن، ڪاليجي ڪامريڊن ۽ شاگردن جون سرگرميون تيز تر هيون. هر ڪو ڪوشش ڪري رهيو هو ته ساڻس واسطيدار شاگرد جو پيپر ’واهَه جو ڀلو‘ ۽ ’مڪمل‘ حل ٿئي. ان لاءِ عام ماڻهن ۽ عام شاگردن جو مارو گائيڊن تي هو، جيڪي عموماً سبجيڪٽ موجب صبح جو بُڪ اسٽورن تان ورتيون وينديون آهن، جڏهن ته خاص ماڻهن ۽ خاص شاگردن لاءِ سُٺن ۽ مشهور پروفيسرن جي لکيل نوٽسن سميت استاد صاحب پاڻ به خدمت ۾ حاضر هئا. اهڙن ئي پروفيسرن مان هڪُ پروفيسر واحد بخش به هو، جنهن جو سبجيڪٽ ’طاقت وارو‘ يعني فزڪس هو.


اڄ فزڪس جو پيپر هو ۽ امتحان به ڄڻ ته پروفيسر واحد بخش جو ئي هو. معنى، ته وڌ ۾ وڌ هڪ ڪلاڪ اندر سڄو پيپر، پرابلمن سوڌو، حل ڪرڻو هيس. پيپر حل ڪرڻ لاءِ ’ويهڻ جي جڳهه‘ ڪاليج جي ئي ڀرسان، هڪ اثرائتي ماڻهوءَ جِي ڪُنڊائتي اوطاق کان وڌيڪ بهتر ٻي ڪا نه هئي.
پروفيسر واحد بخش پنهنجي چوڦير مڙيل خاص ماڻهن جي ميڙ کي بظاهر سرسري، پر اصل ۾ فخريه نظرن سان ڏٺو. هن وقت هُو هر ڪنهن جو ’منظورِ نظر‘، ’پنهنجو‘ ۽ ’سِر جو سائين‘ هيو. کيس هڪ ئي وقت ڪجھه خوشي ۽ ڪجھه لَئه محسوس ٿي.
پيپر جو وقت نَـوَ هو، پر 8:50 تي ئي هڪ خاص ماڻهو سَهڪندي پهتو ۽ سوالي پيپر پروفيسر واحد بخش کي ڏئي فاتحاڻين نظرن سان سڀني کي ڏسڻ لڳو. ڄڻ ته ڪاپيءَ تي پهريون حق مڃرائي چڪو هجي. جھٽ نه گذري، ته ڪجھه ٻين ماڻهن به پيپر آڻي ٽيبل تي رکيا.
پروفيسر واحد بخشَ ڪتابَ، نوٽسَ، سائنٽيفڪ ڪيلڪيوليٽر وغيره سنڀاليا. هڪ همراهه فوري طور اڇن ڪاڳرن جو ڪاربان پيپر لڳل سيٽُ سُرڪائي سندس ڀرسان رکيو. ڪاروائي شروع ٿي وئي.
پهرئين مرحلي ۾ ’ٿيورِيءَ‘ جا سوال نوٽسن ۽ ڪتابن مان ڳولڻ ۽ ڦاڙڻ جي شروعات سرگرميءَ سان ٿي، جنهن ۾ اڌُ مُنو ڪلاڪ لڳي ويو، پوءِ اصل مسئلي يعني پرابلمن جي گُهر ٿيڻ لڳي. هڪ پرابلم حل ٿيو، ته ڪاڳرن ۾ وٺ پڪڙ ۽ ڇِڪ ڇڪان پروفيسر واحد بخش جو دماغ ڦيرائي ڇڏيو. خاص ماڻهن تڙ تڪڙ ۾ حل ٿيل پرابلم به شاگردن ڏانهن موڪلي ڇڏيو. ٻيو ۽ ٽيون پرابلم به حل ٿي ويا ته هڪ همراهه ٻيهرَ هڪ ٻئي ’وڏي‘ ماڻهوءَ‘ جي پُٽ لاءِ پهرئين پرابلم جِي گُهرَ ڪئي، پر ان پرابلم جي ڪا نقل ڪاپي ڪا نه بچِي هئي.
پروفيسر واحد بخش هڪ سوالي پيپر کڻي ساڳو پرابلم حل ڪرڻ پڙهيو، ته اوچتو سندس نظر پيپر جي سال تي پئي، ۽ اهو ڏسي هن جا طاق لڳي ويا ته ان تي گذريل سالُ ڇپيل هو. اهو پيپر ڪنهن غلطيءَ سبب يا ارادي سان، سازش ڪري، نئين سال جي پيپرن سان رَلائي ڇڏيو هو، جنهن تان پروفيسر واحد بخش پرابلم حل ڪيو هو.
پروفيسر واحد بخش نئون ۽ پراڻو سوالي پيپرُ پنهنجي مُنهن کي گُھوريندي ۽ ٽهڪَ ڏيندي محسوس ڪيو.
”هِي پيپر هتي ڪنهن رکيو آهي؟“ پروفيسر واحد بخش پنهنجي آواز کي وس پُڳي لرزش کان بچائيندي چيو، ” اهو ته گذريل سال جو پيپر آهي.“
”ڇا!؟“ سڀني موجود ماڻهن کان دانهن نڪري وئي.
ماڻهن جا مُنهن ڪاراٽجي ويا ۽ ٻه ڄڻا بي سَتا ٿِي، ڪرسين تي ڪِري پيا.
ڪيترائي ماڻهو پروفيسر واحد بخش تي ڏمرندي آفيس مان نڪري ويا.
ڪنهن وٽ به ان سوال جو جواب نه هو، ته گذريل سال جو پيپر ٽيبل تي ڪنهن آڻي رکيو هو جيڪو پنهنجي ’مقصد‘ ۾ ڪامياب ٿِي ويو هو.

No comments:

Post a Comment