Monday, October 22, 2012

چور - طفيل مگسي


چور
ازبيڪ ڪھاڻي
طفيل مگسي
جيئن ته اسان جي بابا سائين جو ڳچ سال پهرين انتقال ٿي چڪو هو، هاڻي جڏهن ۱۹۱۷ع جي موسم بهار ۾ والده جو پاڇو به اسان جي مٿان کڄي ويو ته اسين يتيم ۽ ڇورا ڇنا رهجي وياسين. اهڙي طرح اسان جي پالنا جو سڄو بار اسان جي ناني مُردان جي ڪلهن تي اچي پيو، جيڪا سانوري هوندي هئي، ان ڪري اسان کيس اڪثر ڪاري ناني چئي سڏيندا هئاسين.


هي شروعاتي خزان جي هڪ ٿڌي رات جو ذڪر آهي، اسان پنهنجن جسمن کي گرم رکڻ جي لاءِ هڪ ٻئي سان چنبڙي سمهي پيا هئاسين ۽ اسان جي مهربان ناني کٽ جي بلڪل ٻانهين وٽ ستل هئي ۽ سدائين جيان سندس وات ۾ نسوار جو چپٽو ڏنل هو.
انهيءَ رات جڏهن ڪڪڙ ٽين ٻانگ ڏني ۽ چنڊ پوئين پساهه ۾ هو ته اوچتو منهنجي اک کلي وئي، ڪاري ناني ڪنهن سان محو گفتگو هئي، پر هوريان هوريان نه بلڪه، اهڙي ريت ان گفتگو سان، جنهن مون کي بيدار ڪري ڇڏيو هو، مون تي چٽو ٿي ويو ته اسان وٽ ڪو چور گهڙي آيو آهي، ڪو اهڙو شخص به آهي جيڪو ان جي گهر آيو، يعني ته اسان جو شمار به انسانن ۾ ٿئي ٿو، مون سوچيو سڀاڻي ڇوڪرن جي سامهون خوب ڊاڙون هڻندس، اسان وٽ چور آيو هو، ۽ کين ڌوڙ يقين ايندو. ڪچي ڇت تي لٿو هو، پر ان حصي تائين جنهن جي هيٺان اسان سمهي رهيا هئاسين، رسندي ئي کيس کي نڇ اچي وئي هئي، ان وقت ناني نئين وهاڻي تي ليٽيون ۽ وات ۾ نسوار جو چپٽو وجهيو پنهنجن فڪرن ۾ پئي هئي، هن افسوس سان گڏ نسوار جي ٿڪ ٻاهر ڪڍندي ڇت ڏانهن ڏٺو.
منهنجا پٽ چور، صاف ظاهر آ ته تون هن ڇت تي محض ائين ئي نه بلڪه روزي ڪمائڻ جي فڪر ۾ چڙهيو آهين، پر تنهنجي روزي ۾ ته ڇنڊي ڇنڊي وک کڻڻ جي ضرورت هوندي آهي، اڙي جناب گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي زڪام جو علاج ته ڪرائي وٺين ها.
جڏهن ته چور ڇت تي بيٺي بيٺي جواب ڏنو تون به ڏاڏي گهٽ ۾ گهٽ هڪ رات گهوڙا کپائي سمهين پوين ها ته جيئن مان پيٽ جي باهه وسائڻ جي لاءِ ڪا صورت ڪڍي سگهان ها.
ايتري ۾ منهنجي اک کلي وئي ۽ باقي ڳالهيون پاڻ پنهنجن ڪنن سان ٻڌم، هاءِ منهنجا چور پٽ، مان صدقو وڃان، مٿي تي مصيبتن جو اهڙو جبل ٽٽو آهي، ته بي فڪري جي ننڊ جو ڇا سوال؟ ڇهه مهينا ٿي ويا ته مون اک نه ٻوٽِ يعني ڏينهن جو شرابين جيان نچان ٿي، جهرڪين وانگر بيٺي اکي بند ٿي پوي ٿي ۽ رات جو فڪرن جو ميڙ مون کي قبضي ۾ ڪري ڇڏي ٿو، سو ننڊ اڀاڳي ڪٿان اچي!
نيٺ اهڙي به ڪهڙي پريشاني اٿئي، مٺڙي ڏاڏي؟ اهو چئي چور پنهنجو سامان لاهي هيٺ رکيو بعد ۾ کيس وهاڻي جيان بغل ۾ ڪيو ۽ پڇٽ تي گوڏن ڀر ويهي رهيو.
هنن ئي چئني يتيمن جي فڪر ۾ گهلبي رهان ٿي، مون کي ٻيو ڇا جو فڪر ٿي سگهي ٿو، پاڻ ئي بهتر ڄاڻين پيو ته ڪهڙو زمانو اچي ويو آهي، يعني زندگي پٿر کان به سخت آهي ۽ اٺ جي اک برابر ننڍا ننڍا يتيم ٻارڙا هينئر ڪنهن لائق ناهن، سندن هڪ ٽانگي وارو مامو ضرور آهي، پر ان غريب جي ڪمائي پاڻ پنهنجي لاءِ مشڪل هوندي آهي، اسان جي گهر ۾ ڪجهه به ته ناهي بچيو، جيڪي شيون وڪرو ٿي پئي سگهيون، انهن کي وڪڻي کائي ويا آهيون، انهيءَ ڪري ننڊ ڏور کان ڏور ٿي وئي آهي، مسلسل فڪر مندرهان ٿي ته اهي ٻارڙا ڪڏهن وڏا ٿيندا، ڪڏهن پنهنجو پيٽ پالي سگهندا ۽ وري انهن منجهان ڇوڪرو هڪڙو ئي آهي، باقي ڇوڪريون آهن، منهنجا عزيز پٽ، چور پٽ، مصيبت جي هن گهڙي ۾ ڀلا ڪير سندن مددگار ٿيندو. ڪيڏو نه ڏکيو وقت اچي ٿيو آ.
تون ٺيڪ چئي رهي آهين، مٺڙي ڏاڏي، چور تصديق ڪئي، منهنجا پڻ ٻه ٻار آهن، زال آ ۽ هڪ پوڙهي ماءُ ۽ داڻي پاڻي جي ته جيئن چوندا آهن، ڪڪڙ کي به ضرورت پوندي آهي، مان انهن سڀني جو پيٽ ڀريان ته ڪيئن ڀريان؟ حال اهو آ ته نان لاءِ به جان جوکي ۾ وجهڻي پوي ٿي ۽ ڪٿي تون اهو ته نه پئي سمجهين ته چوري جو اهو ڪميڻو پيشو مون کي پسند آ، ”ته ميان ڪو ٻيو پيشو اختيار ڪرين ها“، منهنجي نانيءَ چيو. ٻيو پيشو، مگر ڪهڙو؟ موچڪو، جيڪو اباڻو آهي، پر ٿيلها بڻائڻ ۽ جوتا ٺاهڻ جي لاءِ مون وٽ چمڙو آهي نه ڌاڳو، وارنش آ نه کونئر، سوچيو هيئم ته مزدور ئي بڻجي وڃان، پر اڄ اهڙا ماڻهو ڏيئو کڻي ڳولهڻ سان به نٿا ملن، جيڪي پراڻي وقت ۾ گيهه جا دٻن جا دٻا خريد ڪندا هئا، ڪالهه سخي دوز موچين مزدورن واري پاڙو جي سڀ کان پراڻي پوڙهي موچي پنهنجي ڪم جون سڀئي شيون يعني چمڙي جو سائنچو، سئو، ڌاڳا مطلب ته سڀ ڪجهه وڪڻي دوپود( ۳ ۽ ۱۴ ڪلو برابر وزن قديم روسي پيمانو)، مڪئي خريد ڪئي، هن ٺيڪ ئي ڪيو، ڇاڪاڻ ته هينئر اهي ازبيڪ، قزاخ ۽ قر غير امير رهيا ئي ڪٿي، جيڪي سندن جا ٺهيل لانگ بوٽ پائيندا هئا، يعني اهي سڀ رب کي وڃي پرتا ۽ هينئر انهن جا اگهاڙا بکيا ۽ يتيم ئي اسان جي شهر ۾ هر هنڌ ائين چوندي ملندا ته اسان کي هڪ اڌ ٽڪرو ماني جو ڏيو، اها تباهه حالي منهنجي ئي نه سڀني دستڪارن جو مقدر بڻجي وئي آهي، يعني حجام هجن يا موچي هجن، سڀئي ٽڪر ٽڪر جي ڳولها ۾ دربدر ٺوڪرون کائي رهيا آهن.
رب ڪري بٺي ۾ وڃي پوي اها جنگ، شايد قيامت جو ڏينهن اچي ڪڙڪيو آ، پر منهنجا پٽ تو کي ته دولتمند وٽ قسمت آزمائي ڪرڻ گهربي هئي.
تون به ڏاڏي جان، ڪيتري نه اڻڄاڻ آهين، چور چيو
دولتمند وٽ گهڙي وڃن ڪا راند آهي، سندن اڱڻن جون ڀتيون ته ڏهه ڏهه فوٽ اوچيون هونديون آهن، دروازا لوها ۽ هر اڱڻ ۾ گڏهن جيترا وڏا وڏا ڪتا بيٺل هوندا آهن، يعني ڪا مصيبت جي ماريل تڏ به اڏامي اڱڻ ۾ رسي ٿي ته ڪميڻي سڄو هفتو آسمان مٿي تي کڻي ڏئي ٿي ۽ عادل خواجه وٽ ته پوليس جو سپاهي پڻ بندوق کنيو پهرو ڏيندو رهي ٿو، جيڪڏهن ان جان بخشي به ڇڏي ته پوءِ به جلاوطن ڪري سائيبريا ضرور موڪليندو، جتي سڙي ڳري وڃڻو پوندو.
ها اهو ته درست چئين پيو، منهنجا پٽ، منهنجا بدنصيب چور، بهرحال احتياط لازمي آهي، ڪٿي ماڻهن ۾ رسوا نه ٿي وڃين.
تنهنجو مشورو درست آهي، مٺڙي ڏاڏي، ڪي ڏينهن ٿيندا، مان عارف ڀائي جي گهران ڪڪڙيون ۽ هڪ ڪڪڙ چورائي آيس.
اڙي انهن احمقن ٽران ٽران ڪري تنهنجي ان حرڪت جو نه ٽوڙيو ڇا؟
اڙي واهه هر ڪم جي پنهنجي نوعيت هوندي آهي، مٺڙي ڏاڏي يعني ڪڪڙين جي چوري تي نڪرندو آهيان ته کيسي ۾ پاڻي جي بوتل رکڻ ڪڏهن ناهيان وساريندو. مطلب ته جڏهن ڪڪڙ فارم رسندو آهيان ته وات ۾ پاڻي وجهي ڪڪڙِن تي ڦوهارو ڪندو آهيان. اهڙي طرح انهن احمقن کي يقين ٿي ويندو آهي، ته برسات پئجي رهي آ، سي سوڙهيون ٿي پنهنجيون منڍيون پرن ۾ لڪائي ڇڏينديون آهن ۽ تڏهن کين هڪ هڪ ڪري ٿيلهي ۾ بند ڪري ڇڏيندو آهيان.
اڇا! ته اها ئي ترڪيب آ، مون کي ان جو پتو ئي نه هو، واقعي هر ڪم جي پنهنجي ئي نوعيت هوندي آهي.
پر منهنجي مٺڙي ڏاڏي ان سڄي اٽڪل بازيءَ جي باوجود مان پڪڙيو ئي ويس ۽ نيٺ فارم جي رکوالي، رحمان خواجه وٽ رسايو، تڏهن وڃي مامرو ٽريو.
الله سندس ڀلو ڪري، چڱو هاڻي منهنجي ڳالهه ٻڌ، منهنجا چور پٽ، باک ڦٽڻ واري آ، ۽ ڏينهن جو تارو اڀري چڪو آ، تون هاڻي ترت ئي وڻ ذريعي هيٺ لهي اچ، هوري هوري تندور جنهن کي ٻارڻ جي لاءِ اسان وٽ ڪاٺيون ناهن، اتڙي اخروٽ جا ڪي بند پيل آهن. ڪهاڙي کڻي انهن مان ڪنهن جا ٻه ٽڪر ڪر، مان تندور ۾ باهه ٻاري چانهه ٺاهيندس.
اهو تون ڇا چئي رهي آهين، ڏاڏي ؟ چور جواب ڏنو.
ڪاٺيون مان ضرور ڏاريندس، پر چانهه نٿو پي سگهان، ڇو ته ڏينهن ٿي ويندو ۽ تون مون کي سڃاڻي وٺندينءَ، چور ٿيس ته ڇا ٿيو، شرم حيا ته ناهي وڃايو.
اڙي پٽ، اسين غريب ته آهيون، پر هي شريفن جو گهر آهي، هتان چانهه پيئڻ بنا ئي هليو ويندين ڇا؟ ڪجهه ساڻ کنيون ته وڃ نه، پر تو کي ڏجي ڇا؟ ترس، مون کي ياد اچي ويو، اسان وٽ هڪ ديڳڙو بچيو آهي، جڏهن هي گهر ڀريل ۽ آباد هوندو هو ته انهيءَ ديڳڙي ۾ کاڌو پچندو هو، لڳي ٿو ته رب پاڪ اسان کي اسان جي گناهن جي سزا ڏني آهي.
ايڏي وڏي خاندان ۾ اهي چارئي يتيم رهجي ويا آهن، انهن ويچارن کي ديڳڙي جي ڪهڙي ضرورت؟ پٽ تون ان کي ساڻ کنيو وڃ ۽ ممڪن آ ته ڪو ان کي خريد ڪري.
تون به ڇا چئي رهيو آهين، مٺڙي ڏاڏي، اهڙيون ڳالهيون نه ڪر، مصيبتن جا هي ڪڪر لهي ويندا، مڪان گهر ڀاتين سان ڀرجي ويندو ۽ تڏهن اهو ديڳڙو به ڪم ايندو، خدا ڪري ان کي اهي يتيم ئي ڪنهن ڏينهن استعمال ڪن، خدا ڪري ته مان سندن شادين ۾ ڪم ڪريان، خدا حافظ، منهنجي مٺڙي ڏاڏي، سج اڀري رهيو آ.
خدا حافظ منهنجا چور پٽ، اسان وٽ ايندو رهجانءِ ۽ هن غريب خاني کي وساري نه ڇڏجان.
خدا حافظ، منهنجي مٺڙي ڏاڏي.
مون ان چور کي انهيءَ وقت سڃاڻي ورتو هو، پر اڄ تائين ڪنهن سان به ان واقعي جو ذڪر نه ڪيو آھي.

No comments:

Post a Comment