چور
ازبيڪ ڪھاڻي
طفيل مگسي
جيئن ته اسان جي بابا سائين جو ڳچ سال پهرين انتقال ٿي چڪو هو، هاڻي جڏهن
۱۹۱۷ع جي موسم بهار ۾ والده جو پاڇو به اسان جي مٿان کڄي
ويو ته اسين يتيم ۽ ڇورا ڇنا رهجي وياسين. اهڙي طرح اسان جي پالنا جو سڄو بار اسان
جي ناني مُردان جي ڪلهن تي اچي پيو، جيڪا سانوري هوندي هئي، ان ڪري اسان کيس اڪثر ڪاري
ناني چئي سڏيندا هئاسين.
