هـُو
حـُر هـو ...
جمال ابڙو
هُو
حـُر هو. مشهور حر، خيرُو خاصخيلي. سندس رت نئون هو. پير صاحب پاڳاري کي انگريزن
قيد ڪيو. حرن ۾ ڪُھرام مچي ويو. خيري جي رڳن ۾ جنسي باهه ٿي ٻري. سندس بدن ۾ ڄڻ ته
پيٽرول پئي وهيو، صرف چڻگ جي ضرورت هئي، جا لڳي چُڪي هئي. سندس گهر ۾ ماءُ ۽ ننڍڙي
ڀيڻ هئي. انهن به کيس چيو ته؛ ”وڃي فقيرن سان مِل!“
سنڌ
سُونھاري جھنم جو ٽڪرو بڻجي وئي. ريلُون ڪِريون، ڌاڙا لڳا، خون مٿان خون، مٿان اچي
ملٽري ڪَڙڪي. باهه تي گاسليٽ پيو.
خيري
جو واهڻي منهن ڦِري هيبتناڪ ٿي پيو. اکيون ڳاڙهيون،
”ڀيڄ پاڳارا!“ چوندي منجهائن رت ٿي ٽِميو. خشڪ چپن خُون ٿي گهريو.





