Sunday, January 13, 2013

هـُو حـُر هـو - جمال ابڙو

هـُو حـُر هـو ...
جمال ابڙو
هُو حـُر هو. مشهور حر، خيرُو خاصخيلي. سندس رت نئون هو. پير صاحب پاڳاري کي انگريزن قيد ڪيو. حرن ۾ ڪُھرام مچي ويو. خيري جي رڳن ۾ جنسي باهه ٿي ٻري. سندس بدن ۾ ڄڻ ته پيٽرول پئي وهيو، صرف چڻگ جي ضرورت هئي، جا لڳي چُڪي هئي. سندس گهر ۾ ماءُ ۽ ننڍڙي ڀيڻ هئي. انهن به کيس چيو ته؛ ”وڃي فقيرن سان مِل!“
سنڌ سُونھاري جھنم جو ٽڪرو بڻجي وئي. ريلُون ڪِريون، ڌاڙا لڳا، خون مٿان خون، مٿان اچي ملٽري ڪَڙڪي. باهه تي گاسليٽ پيو.
خيري جو واهڻي منهن ڦِري هيبتناڪ ٿي پيو. اکيون ڳاڙهيون، ”ڀيڄ پاڳارا!“ چوندي منجهائن رت ٿي ٽِميو. خشڪ چپن خُون ٿي گهريو.

Friday, January 11, 2013

مُـنـھـن ڪـارو - جمال ابڙو


مُـنـھـن ڪـارو
جمال ابڙو
دين محمد جو منھن ڪارو ٿيل ھو. اڌ مٿو ڪوڙيل، مڇون پَٽيل، ڏاڙھي مروٽيل، چَڳون وڍيل، ھِيسيل، اکيون ٻاھر ڦوٽاريل، منھن سڄيل، ڪپڙا چيھاڙيون. لڱن تي مار جا ڊٻڙ. پُٺي ڌڙڳ ڌڙڳ. ڏنن تي رت جا ڦڙا، چمڙي رھڙيل ۽ ڇليل. بس سڄو کنڀيل ھو. سنھو، ھڙٻاٺيون کٿل ڳيري وانگر، چھرو ڀيانڪ، اکيون ٻاھر، ڳل اندر، وات ڦاٽل، ھر ھر سُڪل زبان سان چپ پئي آلا ڪيائين.
سندس بُت اندان ۽ ٻاھران ھڪ جھڙو چيھاڙيون ٿيل ھو. ڳچيءَ ۾ اڃا به پادرن جي ڪَنڍي پيل ھئس. ڪنھن ڀٽڪندڙ روح وانگر اچي سامھون بيٺو. جھڙو ڀوت. لڱن مان ٽڙڪاٽ نڪري ويا. ھيبت وٺي ويم.

Thursday, January 10, 2013

شـاهه جـو ڦَـر - جمال ابڙو


شـاهه جـو ڦَـر
جمال ابڙو
مريم ڏاڍي وڻندڙ ھئي. سڀ کي چوندي ھئي؛ماما! پنجن ڇھن سالن جي ٻارڙي ھئي. وار ڪڪا، گلابي رنگ، ۽ ننڍڙيون ٻانھون اھڙيون گول ۽ وڻندڙ جو ڇا ڳالھه ڪجي، پير اگھاڙا، مٿو اگھاڙو، سنھڙي پوتي ڳچيءَ ۾ وجھيون پيئي ڊوڙندي، کلندي ۽ کڙڪندي ھئي، جھڙو فونو. ڪنھن کان نه ڊڄندي ھئي. ڊوڙندي ڊوڙندي ڪنھن کي پٺيءَ ۾ مڪ ھڻي ويندي. وٺي ٽھڪڙا ڏيندي. سڄي پاڙي لاءِ وندر ھئي. سڀ کيس چيڙائيندا ھئا، چوندس؛ ”ممڙي!“ ھوءَ وري وات چٻو ڪري، اکيون ٿرڙائي، چيلھه تي ھٿ رکي، چوندي؛ممڙا!

بـدتـمـيز - جمال ابڙو


بـدتـمـيز
جمال ابڙو
مان مئجسٽريٽ آھيان. پئسي وارو آھيان، مڇيءَ ماني وارو ۽ ڪجهه ھلنديءَ پڄينديءَ وارو.  منھنجي ڪِڪڙي  بيمار ٿي پيئي. سج پئي لٿو، ڀڄندو ڊاڪٽر ڏي ويس.
ڊاڪٽر صاحب جي ڪمائيءَ جي سيزن، موسم ھئي، کُٿو نه ٿي پڳو. نرڙ ۾ گُهنج، چِڙيو چِڙيو ٿي ويو. مريض پڇ پڇ تي، ھي دڙڪن تي. مون کي ڏسي مشڪيو، اچو سائين!. دلداري ڏيئي چيائين؛ اجھو ٿا ھلون! تڪڙ ڪا نه ھئي، ويھي رھيس. چيومانس؛ ڀلي ڪم اُڪلائي وٺ!“

Tuesday, January 8, 2013

پِيراڻـي - جمال ابڙو


پِيراڻـي
جمال ابڙو
ٽَڪر تان بِروھين جي لَڏ ٿي لٿي. سياري جي شروعات ھئي، جابلو پَٽن تان خشڪ ھوا سنھڙيون پٿريون گھليون ٿي ويئي. ٻه ٽي ڏاند ھئا، جن تي سامان لڏيل ھو. ھڪ اُٺ جنھن تي بانس جون لٺيون ۽ ڏنڊا سنڌ ۾ وڪري لاءِ کنيل ھئا. پٺيان ٻه ڪتا پڇ لوڏيندا ڀڳا ٿي آيا. مَـڙدن جا پير اگھاڙا، سٿڻون ڦاٽل ۽ لُنڊيون. مٿن ۾ عاليشان ٽڪڙن وارا ڀرت ڀريل ميرا ۽ گندا ٽوپ. وڏا وار، خشڪ، اڻڀا ۽ چِيڙھه پيل. زائفن کي سھڻي کٿل ڀرت سان ڊگھا گَگها. ڏاندن تي وڏا ٻورا رکيل، جن ۾ ڏاس جا وٽيل رسا پيل. ننڍڙا ٻار ڏاندن تي چڙھيل، مائٽن کي سنھا لڪڻ ھٿ ۾ جن سان ڏاندن کي ھڪليندا ٿي آيا ۽ سريلو ھي- ھون“ جو آواز پئي ڪيائون. شڪلين جا سھڻا ۽ شاندار، بدن جي بيھڪ ٺاھوڪي.

مـان مـڙد جمال ابڙو


مـان مـڙد
جمال ابڙو
مان تڏھين ننڍو جوانڙو ھجان! ڳاڙھو ڳاڙھو ڳٽول، لڱ سڊول. پاڻ کي پاڻ ڏسي خوش پيو ٿيان. تيل ڦليل ڪري وارن کي سينگاري ٻاھر نڪران، ڀانيان ته سڀڪو پيو مون کي ڏسي.
ڪنھن ڇوڪريءَ جي مون تي نظر پيئي پڪ ٿي ويندم ته ضرور مون تي فدا ٿي ھوندي. ننڍڙي معصومڙي دل، پوءِ ته وٺي پنھنجا مٺڙا ناٽڪ ٺاھيندي. گُل جھڙي نينگريءَ کي پنھنجو ساٿي سمجھي، ڇا ڇا نه ساڻس خيالي رھاڻيون ڪندو ھوس. چرچا ڀوڳ، ٽھڪڙا، ارڏائيون، دادلن جي دنيا.

Wednesday, January 2, 2013

پيار - رياضت ٻرڙو


پيار
رياضت ٻرڙو                                                

ڌرتي آسمان کي درد منجھان ڏسندي رهي.
آسمان کي ڪا پرواهه نه هئي ته ڌرتي کيس مسلسل ڏسي رهي آهي.
ٻنهي جي وچ ۾ جيڪو مفاصلو هو، ان تي اديبن ۽ نثرنويسن پنهنجين تخليقن ۾ وڏي طبع آزمائي ڪئي هئي، پر ڌرتيءَ ۽ آسمان کي ان بابت ڪا به آگاهي نه هئي.