Showing posts with label ڌرتيءَ، ڌوڙ، آسمان، تارا، امر، جليل،. Show all posts
Showing posts with label ڌرتيءَ، ڌوڙ، آسمان، تارا، امر، جليل،. Show all posts

Monday, February 14, 2011

ڌرتيءَ جي ڌوڙ، آسمان جا تارا - امر جليل

ڌرتيءَ جي ڌوڙ، آسمان جا تارا
امر جليل
جنهن ڏينهن سندس عزت لٽي ھئائين، تنهن ڏينهن خواب خيال ۾ به نه ھئس، ته فقط ڪجھ مھينن کان پوءِ ھوءَ سندس جان جنجال ۾ وجھي ڇڏيندي، ۽ جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيندي.
ڳوٺ موٽيو ته سيراج ٻڌايس، ”شاھو، باليءَ جي پيٽ ۾ تنهنجو ٻار آھي!“
مسلسل خيالن جا سلسلا شاھوءَ جي دماغ کي وڪوڙي ويا. ھڪ غريب، مسڪين ۽ مفلس ڀيلياڻي ھن لاءِ مسئلو ٿي پيئي. ھڪ آزاد، بي پرواھ شخص جي پيرن ۾ ڄڻ زنجير پئجي وئي.
ھڪ ان ڏينهن کي ملامت ڪرڻ لڳو، جنهن ڏينهن ڀيلن جي ٽوليءَ روھڙي اسٽيشن ٻاھران گھانگھوٽي ميدان ۾ پنهنجا پکا ۽ جھڳيون اڏيون ھيون. منجھن بالي به ھئي، ميري، گدلي، جوئن واري بالي.
انهن ڏينهن ۾ شاھو وئڪيشن گذارڻ لاءِ ڳوٺ آيو ھو.