ڊاڪٽر منظور قادر جي ڪهاڻين جو مجموعو فيس بڪ
بادل جمالي
ڊاڪٽر مظور قادر پيشي جي لحاظ کان
ته ڊاڪٽر آهي، پر ادب، شاعري ۽ فنون لطيفه سان سندس دلچسپي، ننڍي هوندي کان رهي آهي. هو جڏهن اڃا ڪاليج ۾ پڙهندو هو، ته سنڌ جي مختلف
ادبي رسالن ۾ ڇپيل منهنجي ڪهاڻين بابت، پنهنجي راءِ خط ذريعي مون کي موڪليندو هو. اڳتي
هلي هو پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي مرڪز تي به پهچي ويو. جتي آئون نوڪري ڪندو هئس. مون
سان روبرو ملي، هن پنهنجي ادبي ذوق جو اظهار ڪيو هو. ان سان گڏ، هن ٽي وي ڊرامن ۾ ڪم
ڪرڻ جي خواهش به ڏيکاري هئي. مهانڊي جو ملوڪ، قدر ڪاٺ ۾ ٺيڪ ٺاڪ، ٺاهوڪو نوجوان هو.
ان ڪري سڀني پروڊيوسرن کيس ڊرامن ۾ بوڪ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هو ڊاڪٽر سان
گڏ، هڪ سٺو آرٽسٽ به ٿي ويو.
پنهنجي ڊاڪٽريءَ واري شعبي ۾ ڪجهه
عرصو اڳ هن هڪ نئين شعبي” هيئر ٽرانسپلاٽيشن“ ۾ اسپيلائيزيشن ڪري ورتي. اهڙيءَ طرح
اڄڪلهه هو قوم جي خوشحال ٺوڙهن جي ٽڪڻ تي ڪاميابي سان گهاٽا واري پوکي، سندن حسن ۾
چار چنڊ لڳائي رهيو آهي.
