Showing posts with label چوٽيھون در، نسيم احمد کرل، مختصر ڪھاڻي، افسانو،. Show all posts
Showing posts with label چوٽيھون در، نسيم احمد کرل، مختصر ڪھاڻي، افسانو،. Show all posts

Tuesday, November 29, 2011

چوٽيھون در - نسيم احمد کرل

نسيم احمد کرل


باک مھل پاڻيءَ جي ماپ وٺندي، ھن جي اوچتي نظر وڃي ھڪ لاش تي پئي، جو بئراج جي در ۾ ڦاٿو پيو ھو. لاش جي ڳچي آروپار ڪپيل ھئي ۽ سسي باقي وڃي کل جي ٽڪريءَ سان ڳنڍيل ھئي. لاش ڏسي ھو ھراسجي ويو ۽ ڪي گھڙيون ڀت کي ھٿ وجھيون چپ چاپ بيٺو رھيو. ڳپل مھل کان پوءِ ھن تان ٿورو ھراس لٿو ته وري لاش کي غور سان ڏسڻ لڳو. لاش ڪنهن زائفان جو ھو، جنهن کي ڳاڙھو گھگھو پيل ھو، جنهن جا ڊگھا وار پاڻيءَ ۾ لڙھڻ ڪري کلي پيا ھئا ۽ جنهن جو ڀورو باھ جھڙو رنگ ان لڙئي پاڻيءَ ۾ به ڪوڏ جيان پئي جرڪيو. ھن جي ھڪ دل گھريو ته جيڪر ان ڦڏي ۾ ئي نه پوي ۽ در کولي لاش کي ھيٺ لوڙھي ڇڏي، پر وري ٻيءَ دل ھن کي ائين ڪرڻ کان جھليو ۽ کيس رب جي ڏاڍي سرڪار ياد ڏياري، جا اھڙين ڳالھين ۾ راضي ڪانه ھئي. ھن دل ئي دل ۾ پڪو پھ ڪيو ته ھو پاڻ وڃي ٿاڻي تي فريادي ٿيندو ۽ صوبيدار کان ڪرڙي جانچ ڪرائي، خونين کي سوگھو ڪرائيندو. اھو ارادو ڪري پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ آيو ۽ ڪلف کڻي در بند ڪرڻ لڳو. در بند ڪري اوچتو ھن کي پور پيو ته جيڪر پنهنجي ترتي عملدار، سروير کي اھو سمورو مذڪور ٻڌائيندو وڃي. ان پور تي ھن وڃي سروير جو ڪوارٽر جو ڪڙو کڙڪايو. پر سروير جو سڄي رات سکر گھمي ۽ فلم ڏسي اسر موٽيو ھو، سو ڪيئن پيو اھي اٺين ٻارھين آنين وارا کڙڪا ٻڌي. پر ھن در کي ايستائين نه ڇڏيو، جيستائين سروير اچي در نه کوليو. اکيون مھٽيندي کانئس پڇيائين: ”ڇو ڙي ڪو کنڊ پيو آ ڇا؟“