Showing posts with label چنڊ ۽ ماني، علي بابا، ياسر قاضي،. Show all posts
Showing posts with label چنڊ ۽ ماني، علي بابا، ياسر قاضي،. Show all posts

Sunday, June 24, 2012

چنڊ ۽ ماني - علي بابا


چنڊ ۽ ماني
علي بابا
تڏھن مان تمام ننڍڙو ھوس. مون کي اڄ به چٽيءَ طرح ياد آھي، ھڪ ڏينهن منهنجي ماءُ ڏاڍي پريشان ھئي. مان صبح کان بکايل ھئس. اسان جي گھر جو سمورو راشن کٽي ويو ھو. صبح جو امان مون کي ھڪ پاروٿو مانيءَ جو ٽڪر ٻڪريءَ جي ٻاڙي کير سان ڏنو ھو ۽ مٿان اچي شام پئي ھئي. منهنجي پيٽ ۾ بک کان وڍ پئجي رھيا ھئا. امان مون کي پاڙي واريءَ ڏانهن اڌاري اٽي لاءِ موڪليو ھو، پر اتان به جواب مليو ھو. امان سڄو ڏينهن پنهنجين مٺڙين ۽ لطيف ڳالھين سان منهنجي دل وندرائيندي رھي، جن سان ٿوريءَ دير لاءِ منهنجي بک جو احساس ڪجھ گھٽجي ويو. پر ڪڏھن ڳالھين سان به پيٽ ڀرجي سگھيو آھي؟ چاھي انهن ۾ ماکيءَ جي ميٺ ھجي يا ڪيتريون ئي لطيف ھجن، انهن سان پيٽ نٿو ڀري سگھجي. پيٽ جي دوزخ کي ڀرڻ لاءِ ته صرف ماني درڪار آھي، صرف ماني. جا منهنجي ماءُ وٽ نه ھئي. منهنجي بک رکي رکي اوچتو شدت اختيار ڪري ٿي وئي. ڄڻ اوچتو ڪنهن دھل تي ڏونڪو ھڻي ٿي ڇڏيو. منهنجي صبر جو پيمانو لبريز ٿي ٿي ويو.