چار حڪيم
ٻالڪ ڪهاڻي
ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن ملڪ ۾ هڪ وڏو حڪيم رهندو هو. هوُ غريبن
جو علاج مفت ۾ ڪندو هو. انهيءَ ڪري سڀئي ماڻهو کيس گهڻو پيار ڪندا هئا.
هڪ دفعي اهو حڪيم اهڙو اچي بيمار ٿيو جو ماڻهن کي پڪ ٿي وئي
ته هاڻ نه بچندو. ننڍا وڏا، ٻار ٻچا، پوڙها پڪا سڀئي هن جي کٽ کي وڪوڙي ويا. هنن جي
اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا. اوچتو حڪيم اکيون کوليون ۽ سڀني ڏانهن نهاري چوڻ لڳو
ته اوهان ڇو ٿا رويو؟