Showing posts with label ڀنڀوري پَري اينڊ بريٽن،علي بابا،. Show all posts
Showing posts with label ڀنڀوري پَري اينڊ بريٽن،علي بابا،. Show all posts

Sunday, July 24, 2016

ڀنڀوري پَري اينڊ بريٽن -علي بابا

ڀنڀوري پَري اينڊ بريٽن
علي بابا
گهڻو وقت اڳي جي ڳالهه آهي، انگلينڊ جي هڪ ڳوٺ ۾ هڪ ماڻهو رهندو هو. هن جو سڀ کان وڏو شوق پوپٽ ۽ ڀنڀوريون ڦاسائڻ ۽ گڏ ڪرڻ هو. جڏهن به کيس واندڪائي ملندي هئي، ته هو پوپٽ ڦاسائڻ جو ڄار کڻي ساين ويڙهين ۽ باغن ڏانهن هليو ويندو هو. سندس اکيون سدائين اهڙن پوپٽن ۽ ڀنڀورين جي ڳولا پيون ڪنديون هيون، جن کي هن اڳ ڪڏهن به پڪڙيو نه هجي. هو ڪوشش ڪري نوان نوان پوپٽ ۽ ڀنڀوريون ڦاسائيندو هو.