پرديسياڻي ماءُ
(مختصر ھندي ڪھاڻي)
ڪھاڻيڪار: ڀوديو شرما (ڀارت)
سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو
آشيش دويدي، ھيوسٽن ۾ سالن کان رھندو آ. ھڪ ڏھاڙي ٻڌايائين ته پاڻ گورکپور جو رھواسي آ ته مون به ٻڌايس ته منھنجي وڏي ڀيڻ به اتي رھندي آ، ۽ ڀيڻيويو ديدورت، گورکپور ۾ ماجسٽريٽ آھي. ان کان پوءِ ڀارت ويس ته آشيش، پنھنجي ماءُ لاءِ ٿورو سامان سڙو موڪلڻ چاھيو. مان خوشيءَ سان کڻڻ لاءِ تيار ٿي ويس. مان ھتي ھڪ وڏي ميڊيڪل ڪمپنيءَ ۾، جنھن جون شاخون ڪيترن ئي ملڪن منجھ آھن، ’ريسرچ ۽ ڊولپمينٽ‘ جو ڊائريڪٽر آھيان. اڪثر منھنجو ٻاھر وڃڻ ٿيندو رھندو آ، ٻيو ته ڀارت ڪڏھن ڪڏھن ڊوڙي ڊڪي سال ۾ ٿي ئي ايندو آھيان.
ڀارت پھچي، مون سامان سنيتا ديديءَ کي ڏئي، آشيش جي امڙ کي موڪلڻ لاءِ چيو. نالو ۽ ايڊريس ڏسي ديدورت چوڻ لڳو؛ ”اڙي! ھيءَ ته ريلوي جي رٽائرڊ ڪنٽرولر مسٽر گنگاڌر دويديءَ جي گھر واري آھي. وڏو اوچو خاندان آ، گورکپور جو. مان کين فون ٿو ڪيان. سڀ سندن گھر ھلئون ته ڏاڍو ڀلو ٿيندو.“