Showing posts with label پاڻَ ۾ پاڻُ ڳولهڻ جي جستجو، اخلاق انصاري، ڪھاڻي، رکيل مورائي،. Show all posts
Showing posts with label پاڻَ ۾ پاڻُ ڳولهڻ جي جستجو، اخلاق انصاري، ڪھاڻي، رکيل مورائي،. Show all posts

Friday, August 21, 2020

پاڻَ ۾ پاڻُ ڳولهڻ جي جستجو

پاڻَ ۾ پاڻُ ڳولهڻ جي جستجو

اخلاق انصاريءَ جي ڪھاڻي ڪتاب ”مان پاڻ کي ڳولڻ نڪتو آهيان“ جو تعارفي اڀياس

رکيل مورائي


جيئڻ، ڪهڙين به حالتن ۾ جيئڻ آهي. جيڪڏهن حالتون موت کان ڪنهن به طرح نراليون آهن ته! ڪجهه به نئون لکڻ، نئون جيئڻ ئي ته آهي. ۽ سنڌي ٻوليءَ کي نئون/جديد ادب ڏيندڙ ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ننڍي دائري ۾ ڪوتاڪار اخلاق انصاري صاحب جي ڪهاڻين تي ڪجهه به لکڻ ائين آهي.

اخلاق انصاري صاحب جي ڪهاڻين تي لکندي هڪ ڳالهه ته کٽڪي ٿي ته نئين/جديد ادب جي تشريح يا تعارف اسان وٽ مڪمل طرح نه ٿي سگهيو آهي. سبب اهو آهي جو ان طرف اسان جو ويچار يا رخ ٺيڪ طرح سان ويو ئي نه آهي. اڄ تائين جيڪو به ڪجهه ان سلسلي ۾ لکيو ويو آهي اهو بنهه گهٽ آهي ۽ ان ڪري ان ۾ نئين/جديد ادب جي چٽائي نه ڪئي وئي آهي. جيڪو ڪجهه ڪيو ويو آهي، اهي سڀ ڪوششون ئي آهن. ڪامياب/ناڪامياب.