Showing posts with label ٻڪرار جي سياڻپ، ڪھاڻي، دوست، محمد، جوڻو،. Show all posts
Showing posts with label ٻڪرار جي سياڻپ، ڪھاڻي، دوست، محمد، جوڻو،. Show all posts

Monday, October 27, 2014

ٻڪرار جي سياڻپ - دوست محمد جوڻو

ٻڪرار جي سياڻپ
دوست محمد جوڻو
ڪنهن زماني جي هڪ بادشاهه جي ڳالهه آهي. بادشاهه جو نالو جان هو. اهو بادشاهه پنهنجي عوام لاءِ وڏو ظالم ۽ حاسد هوندو هو. هو سمجهندو هو ته سڄي ملڪ ۾ مون کان سواءِ نه ڪنهن وٽ دولت هجي ۽ نه عزت. هن کي جيڪڏهن ڪنهن شخص تي شڪ ٿيندو هو ته ماڻهو هن جي عزت ڪن ٿا ۽ هن جي ڳالهه مڃن ٿا ته پوءِ بادشاهه انهيءَ شخص جو دشمن ٿي پوندو هو ۽ هن تي ڏاڍا ظلم ڪندو هو.