Showing posts with label وريل، جو وهان، ڪهاڻي، اختر، حفيظ،. Show all posts
Showing posts with label وريل، جو وهان، ڪهاڻي، اختر، حفيظ،. Show all posts

Friday, January 17, 2014

وريل جو وهان - اختر حفيظ

وريل جو وهان
ڪهاڻي
اختر حفيظ
هي پنجون ڀيرو هو جو وريل جي شاديءَ لاءِ رکيل پتاشا ماڪوڙا کائي ويا هئا. هن جڏهن به شادي ڪرڻ جو رٿيو ٿئي تڏهن ڪا نه ڪا رنڊڪ ضرور نروار ٿي پوندي هئي ۽ همراهه جو منهن ئي لهي ويندو هو. وري قسمت کي پٽون پاراتا شروع ٿي ويندا هئا. هن جي ڄمار جا سڀ يار دوست پرڻجي ٻارن وارا ٿي ويا هئا پر هن تي قسمت جي ديوي مهربان ٿيڻ کان اصل نابري واري ويٺي هئي. هن ڀيري سندس ڏاڏي برقعو مٽايو هو. وري ڪجهه مهينن لاءِ هن جو وهانءُ دير سان ٿيڻ جا چٽا امڪان ٿي ويا هئا. انهيءَ کان اڳ، جڏهن سندس ناني بيمار ٿي هئي ته هن سندس خدمت ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيا هئا. نانيءَ جي خدمت هن دل سان ڪئي. بيمار نانيءَ جي کٽ تان اٿيندو ئي ڪو نه هو. ايئن لڳندو هو ڄڻ هن پنهنجي وجود کي کٽ جي پاڳي سان ٻڌي ڇڏيو هجي. حڪيمن کان ڪشتا، ڊاڪٽرن کان دوائون ۽ درگاهن تان پڙهايل ڪارا ۽ ڳاڙها سڳا به نانيءَ جي ڳچيءَ ۾ انهي اميد سان ٻڌي ڇڏيا ته من موت جي بلا سندس شاديءَ تائين ٽري وڃي. نانيءَ جي طبيعت کي وڌيڪ خراب ٿيندو ڏسي هن نماز به شروع ڪري ڇڏي هئي ۽ جڏهن نماز کان پوءِ دعا لا هٿ کڄندا هئا ته چپن تي اها ئي دعا هوندي هيس ته؛ رب! نانيءَ کي وڏي ڄمار ڏي جيڪڏهن وڏي ڄمار نٿي ملي سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ منهنجا موڙ ڏسڻ جيتري ته حياتي ڏي. اها ٻي ڳالهه آهي ته نانيءَ جي موڪلائڻ کانپوءِ سندس نماز به موڪلائي وئي. پوءِ هن جيئن ئي مصلو ويڙهي رکيو ته اتي ئي پيو رهيو. جنهن تي دز جا تهه ڄمي ويا هئا. انهن ڏينهن ۾ هو نانيءَ جي کٽ ڀرسان ويهي کيس صحتمند ٿيڻ جو يقين ڏياريندو هو ته ”ناني تون ڏسجان جلدي ٺيڪ ٿي ويندين اڃا ته مون کي موڙ ٻڌڻا اٿيئي.“ پر جڏهن نانيءَ جي هڏائين پڃري ۾ تبديل ٿيل جسم کي ڏسندو هو ته سندس اکين ۾ مايوسي ديرا ڄمائڻ لڳندي هئي ۽ هو هٿ مليندو، پنهنجي منهن ڀڻڪڻ لڳندو هو ته لڳي ٿو هن سال به پاڻ گهوڙي نه چڙهنداسين.