نئون گم ٿيل ماڻهو
(مختصر ڪھاڻي)
رزاق سهتو
قاسم کِليو ته سندس
اڇا ڏند ظاهر ٿيا. رمضوءَ کان پڇيائين.
“ڪيئن ٿو ڀانئين.؟”
“ڪهڙي باري
۾.؟”
“اڙي منهنجو پراڻو
يار آن. تو کي هتي گھرايو اٿم ته منهنجو ٺٺ ٺانگر ڏس وائڙا، وتندو هئين سگريٽن جا
ٽوٽا ميڙيندو. اڃا به ساڳيا پرڪار اٿيئي. تنهنجي مالي حالت بهتر ڪرڻ ٿو چاهيان.”
“مان جنهن حال ۾
آهيان، خوش آهيان. تون جَتُ، جَتَ جو پٽ آهين.؟ هرڀرو منهنجي زبان نه کول. ڪيانءِ
نه پِتا پڌرا. دائيءَ کان ڪو دن ڳجھو آهي.”
