Showing posts with label عورتاڻو ادب، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ، ٻولي،. Show all posts
Showing posts with label عورتاڻو ادب، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ، ٻولي،. Show all posts

Monday, March 13, 2017

عورتاڻي ادب ۾ ٻوليءَ جي استعمال جو تحقيقي جائزو - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

عورتاڻي ادب ۾ ٻوليءَ جي استعمال جو تحقيقي جائزو
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ


سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ عورتن جو ڪيترو حصو آهي؟ يا ان جي شروعات ڪٿان کان ٿي؟ ۽ هلندڙ وقت تائين ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۾ سندن معاونت ڪهڙي اوج تي پهتل آهي. انهيءَ جو تفصيلي جائزو ڏيڻ کان اڳ پهرين مختصر اها وضاحت ڪنديس ته ٻولي ڇاکي سڏيو وڃي ٿو ۽ ان جي واڌ ويجهه ڪهڙيءَ ريت عمل ۾ اچي ٿي؟ ادب ۽ ٻوليءَ جو ڪهڙو ڳانڍاپو آهي؟