Showing posts with label صابو، ڌاڙيل، ڪهاڻي، نعيم، ملڪ،. Show all posts
Showing posts with label صابو، ڌاڙيل، ڪهاڻي، نعيم، ملڪ،. Show all posts

Saturday, July 30, 2016

صابو ڌاڙيل - نعيم ملڪ

صابو ڌاڙيل
ڪهاڻي
نعيم ملڪ
گذريل 15 ڏينهن کان آءٌ پريس ڪلب جي سامهون بک هڙتال ڪري رهيو آهيان. اڄ تائين هڪ به حڪومتي نمائندو يا ڪو وزير منهنجي بک هڙتال ختم ڪرائڻ لاءِ نه پهتو آهي ۽ اڄ تائين منهنجا مطالبا تسليم نه ڪيا ويا آهن. مون به پڪو پهه ڪيو آهي ته جيستائين منهنجا سڀ مطالبا نه مڃيا ويندا آءٌ پنهنجي بک هڙتال ختم نه ڪندس.