Showing posts with label شهزادي رابيل، ٻاراڻي ڪھاڻي،. Show all posts
Showing posts with label شهزادي رابيل، ٻاراڻي ڪھاڻي،. Show all posts

Saturday, July 29, 2017

شهزادي رابيل

شهزادي رابيل
ٻاراڻي ڪھاڻي
هڪڙو هو بادشاهه، جنهن کي رب جو ڏنو سڀ ڪجهه هو، پر اولاد ڪو نه هئس. ان ڪري پاڻ ۽ سندس راڻي، غم ۾ گذاريندا هئا. هڪڙي ڏينهن هڪڙو، فقير بادشاهه وٽ آيو، جنهن کيس چيو ”تو کي جلد هڪڙي ڌيءَ ڄمندي، پر تنهنجي زال ان جي ڄمڻ کانپوءِ جلدي مري ويندي.“
ائين ٿيو، جيئن فقير چيو ھيو. جلد ئي راڻيءَ کي ڌيءُ ڄائي. راڻي، ڌيءُ جي ڄمڻ وارن سورن ۾ ئي مري وئي. بادشاهه کي جيتري ڌيءُ جي ڄمڻ جي خوشي ٿي، اوترو ئي زال جي مرڻ جو ڏک به ٿيس.