Showing posts with label سياڻن، ۾، ھڪ، ڀوڪ، امر، جليل،. Show all posts
Showing posts with label سياڻن، ۾، ھڪ، ڀوڪ، امر، جليل،. Show all posts

Monday, February 14, 2011

سياڻن ۾ ھڪ ڀوڪ - امر جليل

سياڻن ۾ ھڪ ڀوڪ
امر جليل
منهنجا مائٽ ھميشه منهنجي شڪايت ڪندا رھندا آھن. مان آھيان به اڻ گھڙيل ڪاٺ، ڇيتن سان ڀريل. خاص ڪري جڏھن کان بي. اي جي ڊگري ورتي اٿم، تڏھن کان اسان جي گھر ۾ ٻائيتال متل آھي ۽ مون سان ويل.
مان عادتن ۽ افعالن ۾ پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن کان بلڪل مختلف آھيان. ان حقيقت جي شڪايت منهنجي ماءُ اڪثر پنهنجين ساھيڙين ۽ پاڙيسري عورتن سان به ڪندي رھندي آھي، ”الاءِ ڪنهن تي ويو آھي، منهنجن چئني ٻارن کان بدليل آھي. عزيز گزيٽيڊ آفيسر آھي. ڪريم ته ڏسنديئي ڏسندي دوائن جي ڪاروبار ۾ ڀڙ ٿي ويو آھي. بلقيس ڊاڪٽرياڻي ۽ نجمھ انگريزيءَ جي ليڪچرار آھي، پر ھي آجو! چئي ٿو مان اڳتي پڙھندس ئي نه.“
الاءِ، ڪيئن، ڪڪ ٿيندي، ساھ منجھائي، بي. اي جو امتحان ڏنم. منهنجو والد صاحب وڏي اثر رسوخ وارو آھي. سفارشون ھلائي سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪرايائين. بي. اي ڪيم ته سڀني زور رکيو ته علم سياست ۾ ايم. اي ڪيان، پر مون رکائيءَ سان انڪار ڪري ڇڏيو اٿن.
منهنجي انڪار تي ادا طنز ڀريل مرڪ سان چيو ھو، ”ڀوڪ.“