سوکڙي ڳالھين جي
جوڙيل: ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي
سنواريل: وهاب سهتو
ھن ڪتاب ۾ چڱا چڱا پھاڪا ۽ ڀلا
ڀلا رواجي سنڌي حرف آيا آھن، جنھن جھڙا اڳي سنڌي ڪتابن ۾ ٿورا آيا ھوندا. تن جي
پڙھڻ مان گھڻي واقفي (ڄاڻ) ٿيندي ۽ منجھس چڱيون چڱيون آکاڻيون آيون آھن، جن جي
پڙھڻ کان گھڻو دل خوش رھندي. ۽ منجھس گھڻيون نصيحتون آھن، جن جي پڙھڻ مان گھڻو
فائدو ٿيندو.