Showing posts with label سدابهار، چنبيلو، امر، لغاري، سنڌي، ڪھاڻي،. Show all posts
Showing posts with label سدابهار، چنبيلو، امر، لغاري، سنڌي، ڪھاڻي،. Show all posts

Monday, November 12, 2012

سدابهار چنبيلو - امر لغاري


سدابهار چنبيلو
امر لغاري
ٻه رٽائرڊ دوست ڪنهن ريسٽورانٽ ۾ ماني کائڻ ويا. ٻنهي مان جيڪو مڙهو هو تنهن جو نالو مسٽر (ر) سدا بهار چنبيلو هو. اتفاق سان ٻئي اديب هئا. هڪڙي ٻئي کي چيو ته ”يار، مونکان وڏي غلطي ٿي ويئي!“
 ٻئي پڇيس،”ڪهڙي؟“
”يار، اڄ مون کي اديبن جي اسيمبليءَ ۾ وڃڻو هو!“
”اديبن جي اسيمبلي نه ٿيندي آهي، اديبن جي ڪانگريس ٿيندي آهي!“ٻئي کيس پنهنجي ذهانت سان  درست ڪندي چيو،”اديب ڪي اسڪولي ٻار ڪونهن جو سندن اسيمبلي ٿيندي هجي! “