رکوالي
(مختصر ڪھاڻي)
وفا صالح راڄپر
ننڍڙي
هوٽل جو ڪمرو، يارن جي ڇڙواڳ ٽهڪن سان ايئن پئي گونجيو، ڄڻ سڀ ڀنگ جو ڪونڊو چاڙهي
ويٺا هئا، کلي کلي ٻيڻا ٽيڻا پئي ٿيا. جوانيءَ جا ٽهڪ به، جوانيءَ وانگر مست ئي ته
هوندا آهن. نه لٿي جي خبر، نه اُڀرئي جي ڳڻتي. مائٽن جي ڪلهن تي، ڍءَ جون پستيون
هڻڻ ۽ ٽهڪ ورهائڻ کان سواءِ ٻيو ٽاڪرو به ڪهڙو آهي. اڄ جي جوانڙن کي........!؟
گرمين جي مَنجهد هئي، سو هوٽل جي اندرئين ڪمري ۾ ٻيو ڪوبه ماڻهو نه هو. اسان سڀئي
گلزار کي ورائي ويٺا هئاسين ۽ ساڻس چرچا ڀُوڳ پئي ڪياسين.
