Showing posts with label روشنيءَ جو سفر، ڪهاڻي، رضوان، گل،. Show all posts
Showing posts with label روشنيءَ جو سفر، ڪهاڻي، رضوان، گل،. Show all posts

Thursday, January 30, 2014

روشنيءَ جو سفر - رضوان گل

روشنيءَ جو سفر
ڪهاڻي
رضوان گل
چوڪيدار جي سيٽي گھٽين ۾ ڇانيل خاموشيءَ کي وقفي وقفي سان ٽوڙي رهي هئي. سياري جي ڊگھي سرد رات جا ٻه وڳا هئا. خالد جون اکيون ڪمري جي ڇت ۾ کتل هيون. ٻن ڪلاڪن کان مختلف سوچون سندس مٿي ۾ ڪوڪن جيان ٺوڪجي رهيون هيون. ننڊ ڪرڻ لاءِ بستري تي پاسا ورائي ورائي ٿَڪي پيو هو. بستري تي سُيون چڀي رهيون هيس. ننڊ جا آثار کيس پري پري تائين نظر نه ٿي آيا. عام حالتن ۾ کيس جڏهن ننڊ نه ايندي هئي ته ماضيءَ جا ڪي خوبصورت پل ياد ڪرڻ لڳندو هو ۽ اهي پل ياد ڪندي کيس ننڊ اچي ويندي هئي، پر اڄ ڪلهه ننڊ سندس نيڻن مان اڏامي ويئي هئي.