خوف
(مختصر ڪھاڻي)
حيدر دريا
سيپٽمبر جو مهينو،
خزان جي موسم ۽ آڌي رات جو وقت هو. پوين تاريخن وارو چنڊ، گيڙو رنگ واري بيمار ڪيفيت
سان اڀريو هو. وحشت ڀريو خاموش ماحول هو. سارو لوڪ، خواب لڀندڙ گهري ننڊ ستل هو.
اوچتو هو ابتيون سبتيون رڙيون ڪري جاڳي پيو. سڄو گھر پريشانيءَ ۾ وٺجي ويو. زال پڇيس؛
”ڇا ٿيو، خير ته آهي؟!“
گھٻراهٽ مان چوڻ لڳو؛
”مون خواب پئي ڏٺو ته مري ويو آهيان. ماڻهو منهنجو جنازو دفنائڻ لاءِ قبرستان کڻي
پيا وڃن. آخر انهن ڪانڌين، منهنجو جنازو جڏهن قبر ۾ لاٿو ته قبر جي وحشت ناڪ خوف
کان مون رڙيون ڪري چيو پئي بچايو، بچايو! مان زنده آهيان! ايئن ڪندي ته مان جاڳي
پيو آهيان!“
