Showing posts with label خالي کيسي ۾ ڀريل سوچون، نجم، عباسي، ڪھاڻي،. Show all posts
Showing posts with label خالي کيسي ۾ ڀريل سوچون، نجم، عباسي، ڪھاڻي،. Show all posts

Thursday, September 20, 2012

خالي کيسي ۾ ڀريل سوچون - نجم عباسي


خالي کيسي ۾ ڀريل سوچون
نجم عباسي
شمشاد جي ذهني ڪيفيت اها آهي جا هڪ سڄاڻ سنڌي نوجوان جي هوندي آهي، جو پڙهيل ڳڙهيل ۽ سَنَدن وارو هوندي به روزگار کان وانجھو رکيو پيو وڃي. هن جي ڪهاڻي به اهائي آهي جا هزارين لکين سنڌين جي آهي. مسڪين مائٽن ميڙي چونڊي خرچ ڪري، پاڻ کي هر چيز کان سِڪائي، قرض کڻي ۽ بُکون ڪاٽي، پنهنجي ٻار کي پڙهائي ڊگريون پاس ڪرايون. پوءِ ان پڙهيل نوجوان جو ڏهاڙي اخبارن ۾ نوڪرين جا اشتهار جاچڻ، هر کاتي ۽ ڪمپنيءَ ۾ درخواست ڏيڻ ۽ شهر شهر ۾ انٽرويو لاءِ پنڌ ڪرڻ ۽ نتيجو اهو ڏسڻ ته نوڪري پنهنجن کي ڪٿي ڪانه ٿي ملي، پر اهي جڳهون ٻاهرين سان ڀريون وڃن ٿيون، جي ڊگري توڙي لياقتن ۾ اسان کان گھڻو گھٽ هوندا آهن.