Showing posts with label حقيقت ڪن خواب، ترڪي، ڪھاڻي، عزيز نيسن، انجنيئر عبدالوهاب سهتو،. Show all posts
Showing posts with label حقيقت ڪن خواب، ترڪي، ڪھاڻي، عزيز نيسن، انجنيئر عبدالوهاب سهتو،. Show all posts

Sunday, May 8, 2022

حقيقت ڪن خواب

حقيقت ڪن خواب

(ترڪي ڪھاڻي)

عزيز نيسن

انجنيئر عبدالوهاب سهتو



ھو پنڌ ڪري ڪري، ساڻُو ٿي پيو ھيو. ڏاڍي ڏکيائيءَ سان، پير گيسڙائي گيسڙائي، اڳتي رڙھي رھيو ھيو. ھاڻ ان حقيقت جو شدت سان احساس ٿيڻ لڳو ھيس ته؛ انسان جي لاءِ جيڪو ٻوجھ کڻڻ مڙني کان اوکو آھي سو خود سندس جسم جو ٻوجھ آھي. ڪنھن به شخص کي، موت کان اڳي، ان ٻوجھ کان آجائي نه ٿي ملي سگھي. ھليو به پئي، سوچيائين به پئي. رستي تي گاڏيون ڦرڙاٽ ڪيو لنگھي پئي ويون، مگر ھيءُ پنھنجي ڌن ۾ مست مگن ھلندو پئي ويو.