جيئڻ جو ملهه
ڪھاڻي
صائمه سنڌو ڪلوڙ
ويچاري پٽيوالي کي پوليس ايڏي ته مار ڏني جو
هو صفا ساڻو ٿي ويو. پر پوءِ به پوليس کي هن جي هيڻي حال تي ڪو رحم ڪو نه آيو، پر اچي
به ڇو! هنن ته هر حال ۾ هن کان پنجاهه هزار رپيا موٽائڻ ٿي چاهيا. تنهن ڪري پوليس وڌيڪ
ٻن ڏينهن جو رمانڊ ورتو. پوليس وارا پٽيوالي کان پڇا ڪري ڪري ٿڪجي پيا. رکي رکي کيس
ڏاڍي مار ڏيندا رهيا. پر هن ڏوهه نه باسيو. پوليس جو هن کان اڳ شايد ئي ڪنهن اهڙي پڪي
ڏوهاريءَ سان واسطو پيو هجي. نيٺ مجبور ٿي سب انسپيڪٽر کيس وارن کان جهلي ڪاوڙ مان
ڏند ڀڪوڙيندي چيو ته ”ياد رک، جيڪڏهن تون مري به وئين ته تو کي قبر مان ڪڍي به تو کان
ڏوهه باسرائيندس!“