برصغير ۾ جديد سنڌي افساني جي
ابتدا
ريحانه نظير
سنڌي ٻوليءَ
جي آئيويٽا 1953ع ۾ ٺهي راس ٿيڻ کان پوءِ ماڻهن کي جديد تعليم کان متعارف ڪرائڻ
لاءِ پڙهيل لکيل سماجي خدمتگارن (جن ۾ گهڻي اڪثريت هندو برادري جي هئي) پنهنجي
ذاتي خرچ مان ڪيترائي اسڪول، ڪاليج ڌرم سنٿائون قائم ڪيون ته جيئن عام ماڻهوءَ کي
تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش نه اچن. ان سلسلي ۾ ڪيترائي ڪتاب ڇپايا ويا جن ۾،
درسي ڪتابن سان گڏ ماڻهن جي وندر لاءِ ادبي ڪتاب پڻ ڇپايا ويا. جن ۾ داستان، قصا ۽
شاعري وغيره جا ڪتاب شامل هئا. پر وقت جي تيزرفتاري ۽ صنعتي ترقي ۽ بدلجندڙ سماجي
قدرن اندر عام ماڻهن وٽ ايترو وقت ڪونه هو جو وڏا قصا يا داستان پڙهي سگهن. معاملي
جي نزاڪت کي سمجهندي ان وقت جي باشعور ليکڪن ادب ۾ نين صنفن ناول، ڊراما ۽ آکاڻين
جا ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا، جن پڙهندڙن ۾ چڱي مقبوليت حاصل ڪئي. بقول ڊاڪٽر انورفگار
هڪڙو جي ته ”انگريز سرڪار سنڌ کي انتظامي لحاظ کان ٽن ضلعن ۾ ورهايو: ڪراچي،
حيدرآباد ۽ شڪارپور. جنهنڪري اهي ٽيئي شهر ضلعي هيڊڪواٽر جي حيثيت ملڻ ڪري وڌيڪ
ترقي ماڻي سگهيا. نئين تشڪيل ڏنل آئيويٽا کان پوءِ اهي ٽيئي شهر جديد تعليم ۽ ادب
۾ اڳڀرا ٿيڻ لڳا. ڪراچي ۽ حيدرآباد کان علاوه شڪارپور جي علمي ادبي ماحول ۾ جيئن
پوءِ تيئن نيون رونقون رونما ٿيڻ لڳيون. جديد تعليمي ادارا قائم ٿيڻ سان گڏ اشاعتي
ادارا به وجود ۾ اچڻ لڳا. جنهنڪري قلمڪارن جو قلمي پورهيو به شايع ٿيڻ لڳو. ان وقت
جي تقاضا موجب ماڻهو روح جي راحت ۽ دل جي وندر لاءِ قصن ۽ داستانن جو مطالعو ڪندا
هئا. جنهنڪري اديب، قصن ۽ داستانن جي لکڻ ۽ ڇپائڻ طرف توجهه ڏيڻ لڳا. اڳتي هلي اهي
قصا ۽ داستان ئي افسانوي ادب جو بڻياد بڻيا. انگريزن جي دور ۾ ادب جي مختلف صنفن
کان سواءِ نثري صنف ڪهاڻي پڻ ترقي ڪئي. قصن ۽ داستانن جي دور ناول، ڪهاڻي ۽ افساني
جي دور ۾ پاسو بدلايو.(1)
