Showing posts with label تاريخ، جو ڪفن، امر، جليل،. Show all posts
Showing posts with label تاريخ، جو ڪفن، امر، جليل،. Show all posts

Thursday, February 17, 2011

تاريخ جو ڪفن - امر جليل

تاريخ جو ڪفن
امر جليل

        عيد نماز شروع ٿيڻ کان ڪجهه دير اڳ هڪ ڪارو ڪوجهو شيدي، جنهن جا وار اڻڀا، اکيون ڏرا ڏنل، ڏيل ڏٻرو ۽ لٽا ليڙون هئا، سو نمازين جي پوئين قطار مان اُٿي کڙو ٿيو. هو اڌڙ عمر وارو قداور مڙس هو. ڪلها صليب وانگر سڌا، ۽ سينو ويڪرو هوس. زندگيءَ جو ٻوجهه کڻندي،  سهندي پٺيءَ جو ڪنڊو ڪمان ٿي ويو هوس. هن وڏو ساهه کڻي، هڪ اڏامندڙ نگاهه عيد گاهه تي وڌي.
        سمورو عيدگاهه ڪراچيءَ جي قسمين قسمين ماڻهن سان سٿيو پيو هو. قطارون انت کان ٻاهر، نمازي بي انداز! ڪن جا وڳا نوان، ڪن جا ڌوتل، ڪن جا اُجرا! رنگ ايترا، ڄڻ آسمان مان رنگن جي انڊلٺ زمين تي لهي آئي هئي. عيد نماز شروع ٿيڻ ۾ ڪجهه گهڙيون وڃي بچيون هيون. ملان بيحد عقيدت، ۽ تمام جوش سان اسلامي تاريخ جا ورق ورائي رهيو هو. هو ڪنهن وقت ٻانهون کولي، ۽ ڪنهن وقت هيٺ ڪري! آواز چاڙهي، ۽ ڪڏهن لاهي، ڪڏهن سڌو ۽ ڪڏهن سـُـر ۾ ڳالهائي، ماڻهن ۾ ايمان جو ستل جذبو جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ماڻهو ادب سان ويٺا هئا ۽ وعظ دوران ڪنهن ڪنهن وقت جهوٽا کائي رهيا هئا. سندن نگاهون مصلحن آڏو رکيل بوٽن تي کتل هيون. ڪجهه بوٽ نوان، ڪجهه پراڻا، ۽ ڇڳل هئا. بوٽن، سليپرن، سپاٽن ۽ چمپلن جا ترا، ترن سان مليل هئا ۽ سجدي واري هنڌ کان انچ کن پري رکيا هئا. جن نمازين پاڻ سان دُلدُل وانگر سينگاريل ٻار آندا هئا، تن جي هڪ اک بوٽن ۾، ٻئي ٻارن تي کتل هئي. صحتمند ملان، صحتمند آواز ۾ وعظ ڪري رهيو هو، ۽ ماڻهن کي الله سائين جي رحم ۽ ڪرم بدران، الله سائينءَ جي قهر ۽ قبر جي عذاب جون ڳالهيون ٻڌائي، ڊيڄاري رهيو هو. ائين پئي محسوس ٿيو، ڄڻ جوش ۾ لائوڊ اسپيڪر ڦاڙي وجهندو.