ٽيون
وڳو
محمد
علي پٺاڻ
وس ته ڏاڍا ڪيائين، پر مڙسهنس هيروئن پيئڻ واري علت کان پاڻ
کي باز رکي نه سگهيو. هن جي غريباڻي گهر جون خوشيون اجڙي ويون. مرڪ چپن کان
موڪلائي ويس ۽ اکيون اڪثر لڙڪي جي سمنڊ ۾ ٻڏل رهڻ لڳس. ڏک جي اهڙن شديد لمحن ۾
هوءَ گهڻو ڪري خودڪشيءَ وارن خيالن جي ڪُن ۾ ڦيراٽيون پائڻ لڳي. ڪڏهن چاهيائين پئي
ته شهتير ۾ کٽ جي واڏڻ وجهي، سرڪڻ ڦاهي ٺاهي پاڻ کي ان جي حوالي ڪري ڇڏي، ته ڪڏهن
ريل هيٺان يا درياھ ۾ ٽپو ڏئي حياتيءَ تان هٿ کڻڻ جو سوچڻ لڳي، پر سدائين پنهنجي
مرحيات ماءُ جا اهي لفظ ياد ڪري ته، ”پنهنجي هٿ سان پاڻ کي ماريندڙ تان دوزخ جي
باھ ڪڏهن به نه هٽندي“ هوءَ پاڻ مارڻ جو اردو تبديل ڪري، نه چاهيندي به زهر جهڙي
زندگيءَ سان نڀاءُ ڪرڻ تي مجبور ٿي پئي هئي.
