Sunday, May 24, 2015

سچي محنت جو ڦل - احسان هاليپوٽو

سچي محنت جو ڦل
احسان هاليپوٽو
هڪ هاريءَ کي ٻه پٽ هئا. هڪ جو نالو رشيد ۽ ٻئي جو وسيم هيو. جڏهن رشيد ۽ وسيم پڙهڻ لائق ٿيا ته سندن والد، کين اسڪول موڪليو.


رشيد کي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. تنھنڪري روزانو اسڪول ويندو هو. وقت جو قدر ڪندو هو ۽ هر ڪم وقت کي صحيح سليقي ۽ طريقي سان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. وقت تي اسڪول وڃڻ ۽ گهر ۾ اسڪول جو هوم ورڪ ڪرڻ سندس پرهيان ڪم هوندا هئا. تنهن کان پوءِ گهر جا ٻيا ڪم به ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي پيءَ کي به ٻنيءَ جي ڪمن ۾ مدد ڪندو هو. خدا تعاليٰ کيس ذهن به ڏاڍو سٺو ڏنو هو. پڙهڻ ۾ ڏاڍو هوشيار هوندو هو. تنهنڪري کيس، سندس استاد به ڀائيندا هئا. حافظو به ڏاڍو تيز هئس. کيس سنڌي، اردو، انگريزي ۽ عربيءَ ۾ جيڪو به سبق ملندو هو ته ان کي ايترو ته پڙهندو هو جو اُهو سبق، لفظن جي معنيٰ، سوالن جا جواب به ياد ٿي ويندا هئس. رياضي جي حسابن کي سمجهڻ سان گڏ وڌيڪ مشقون سکڻ يا پيءَ جا ٻنيءَ جا حساب حل ڪندو رهندو هو. هر سال هو امتحان ۾ پاس ٿيڻ سان گڏ ڪلاس ۾ پهريون نمبر به کڻندو هو.
ٻئي طرف وسيم وري رشيد جي بلڪل ابتڙ هو. کيس پڙهڻ جو شوق بلڪل به نه هو. اسڪول کان گسائيندو رهندو هو. رسيس ۾ گهر هليو ويندو هو يا وري ڪو بهانو ڪري اسڪول کان موڪلون ڪندو هو. اسڪول جو هوم ورڪ طور مليل ڪم لکڻ، پڙهڻ يا سبق ياد بلڪل به نه ڪندو هو. علم پرائڻ ۾ بلڪل دلچسپي نه وٺندو هو. نيٺ هڪ ڏينهن پنهنجي پيءُ کي چيائين؛
“بابا هاڻي مان ڪونه پڙهندس، نه ئي وري اسڪول ويندس. مون کي توهان نه پڙهايو.”
پيءَ چيس؛ “پٽ وسيم! تون پڙهه. ڇو ته علم سڀ کان وڏو ۽ قيمتي خزانو آهي. پٽ! پڙهڻ سان پنهنجو مستقبل ۽ معاشري کي سنواري سگهين ٿو. ان سان گڏ تون پنهنجي تي اولاد جي به سٺي پرگهور لهي سگهندين. وڌيڪ تنهنجي مرضي پڙهين يا نه…؟”
پيءُ کيس گهڻو ئي سمجهايو پر وسيم سندس هڪ به نه ٻڌي. پڙهڻ ڇڏي ڏنائين ۽ پيءُ سان گڏ ٻنيءَ جي ڪم ۾ لڳي ويو. ھاڻي هو هاري بڻجي ويو.
هڪ ڏينهن وسيم، رشيد کي چيو: “ادا رشيد! تون پڙهين ٿو. تون سخت محنت به ڪرين ٿو، جيڪڏهن تو کي پنهنجي محنت جو ڦل نه ملي يا ڪير حسد ۾ اچي تنهنجي محنت تي پاڻي ڦيري ڇڏي ته پوءِ تون ڇا ڪندين؟ تو کي ته ڪجهه به حاصل ٿي نه سگهندو. پوءِ تنهنجي پڙهڻ ۽ سخت محنت ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو؟”
رشيد پهرين ٿورڙو کليو. پوءِ کيس جواب ڏنائين: “خدا تعاليٰ ڪنهن جي به سچي محنت تي پاڻي ڦيريندو ناهي. پر خدا سچي محنت ڪرڻ وارن کي سچي محنت جو ڦل ضرور ڏيندو آهي. مون کي خدا تي ڀروسو آهي ته مون کي خدا منهنجي سچي محنت جو ڦل ضرور ڏيندو. تون ڏسجانءِ وسيم! مان هڪ ڏينهن ڊاڪٽر بڻجندس. غريب مريضن جو علاج ڪري انهن جون دعائون به کٽيندس.”

وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو رهيو. ڏينهن، هفتا، مهينا ۽ سالن بدلجندا رهيا. رشيد پڙهندو رهيو. سخت محنت ڪندو رهيو…. ۽ نيٺ هڪ ڏينهن ڊاڪٽر بڻجي ويو. جڏهن وسيم کي خبر پئي ته رشيد ڊاڪٽر بڻجي ويو آهي ته خوشيءَ مان رشيد کي ڀاڪر پائي چيائين: “ادا رشيد! تنهنجي ڳالهه سچي هئي ته خدا تعاليٰ ڪنهن جي به محنت تي پاڻي ناهي ڦيريندو. پر خدا سچي محنت جو ڦل ضرور ڏيندو آهي. اڄ تو کي تنهنجي سچي محنت جو ڦل ملي ويو آهي. تون ڊاڪٽر بڻجي وئين، تو کي مبارڪون هجن… مبارڪون…”

No comments:

Post a Comment