Monday, May 25, 2015

هڪ بادشاهه جي ڳالهه - ڪومل رضا شيخ

هڪ بادشاهه جي ڳالهه
ڪومل رضا شيخ
ڪنهن زماني ۾ هڪ بادشاهه کي آفيم واپرائڻ جي ڏاڍي عادت هئي. هڪ ڏينهن هڪ وزير چيس: بادشاهه سلامت گستاخي معاف ٿئي ته اوهان جي خدمت ۾ ڪجهه عرض ڪرڻ چاهيان ٿو؟ بادشاهه چيس ته، چئو! ڇا ٿو چوڻ چاهين… وزير چيس: حضور اوهان آفيم واپرايو ٿا، جيڪا تمام خراب عادت آهي، انهيءَ جو نتيجو به خراب نڪرندو، ڪڏهن اهڙو وقت به اوهان مٿان ايندو جو اوهان دشمن ۽ سڄڻ کي نه سڃاڻي سگهندئو، چوري ڪندؤ ۽ ڪوڙ ڳالهائيندئو. بادشاهه وزير جي ڳالهه ٻڌي حيران ٿي ويو، وزير کي چيائين: اڙي وزير! اڄ وري اها ڪهڙي نئين ڳالهه پيو ڪرين. آئون ته آفيم روز واپرائيندو آهيان. سو اڄ ڪيئن ٿو چوين ته آئون سڄن ۽ دشمن سڃاڻيندس، چوري ڪندس ۽ ڪوڙ ڳالهائيندس؟ وزير چيس: بادشاهه سلامت جئين آئون چوان ٿو، تيئن ٺيڪ آهي، ڪجهه ڏينهن مُهلت ڏيو ته اوهان کي اها ڳالهه ثابت ڪري ڏيکاريندس.


ڪجهه ڏينهن کان پوءِ بادشاهه کي شڪار جو خيال ٿيو، سو پنهنجي سٿ سان گڏ شڪار تي روانو ٿيو، هلڻ کان اڳ بادشاهه هڪ شرط رکيو ته شڪار جنهن جي سامهون ايندو. اهو ئي انهيءَ جي پٺيان ويندو. ۽ جيڪڏهن شڪار نه ڪيائين ته پوءِ کيس سزا ڏني ويندي. سڀني اها شرط قبول ڪئي، پوءِ سڄو لشڪر گهوڙا ڊوڙائيندو، اچي شڪار گاهه ۾ رسيو، ٿورو ئي اڳتي وڌيا ته اچي هڪڙي گهاٽي جهنگ ۾ پهتا، اوچتو هڪ سونن سڱن وارو هرڻ ڇلانگ ڏئي، بادشاهه جي سامهون آيو ۽ شرط موجب بادشاهه گهوڙو هرڻ جي پٺيان ڊوڙايو. اڳيان هرڻ پٺيان باشاهه، ڊوڙندي ڊوڙندي ڳچ دير کان پوءِ بادشاهه کي اُڃ لڳي ۽ کڻي گهوڙي جو لغام ڍَرو ڪيائين. ايتري ۾ هرڻ هڪ گهاٽي ٻوٽي جي پٺيان گُم ٿي ويو. اهو ڏسي بادشاهه شِشدر ٿي ويو، اوسي پاسي نظر ڪيائين ته ڪير به ڏسڻ ۾ نه آيس. اُڃ به اچي ڏاڍو ستايو هوس ڏاڍو حيران ۽ پريشان ٿيو، نه ساٿي نه سنگتي نظر آيس، ڪري ته ڪري به ڇا.
نيٺ آهستي آهستي وڌي اڳتي هليو ٿوري پنڌ کان پوءِ کيس پريان هڪ ٻڪرار نظر آيو. جنهن وٽ پاڻي جي کَلي هُلي، بادشاهه ٻڪرار کي کي چيو، اي ٻڪرار! مون کي پاڻي ڏي. ٻڪرار بادشاهه کي نه سڃاتو، تنهن ڪري پاڻي ڏيڻ کان انڪار ڪيو. بادشاهه ٻڪرار کان کُلي ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ٻڪرار کُلي اڳ ۾ ئي ڪجهه پاڻي پيتو باقي هاري ڇڏي. بادشاهه پوءِ نااميد ٿي اڳتي هليو. هلندي هلندي وري به ساڳيو هرڻ ڏٺائين، بادشاهه گهوڙي کي ڊوڙائي وڃي هرڻ کي جهليائين. بادشاهه تمام گهڻو ٿڪجي چڪو هو. سو هرڻ کي کڻي اچي هڪڙي وڻ جي هيٺان ويٺو. بادشاهه جو هڪ طوطو هوندو هو. جيڪو بادشاهه جو سڄڻ هو ۽ مٿانئس اڏامندو پئي آيو. بادشاهه کيس سڏي پنهنجي ڀرسان ويهاريو، اوچتو مٿان وڻ مان پاڻي جي ڦڙن جهڙا ٽيپا ٽِمڻ لڳا. بادشاهه وڻ جي پنن تان ڦڙو ڦڙو ڪري پيئڻ ٿي چاهيو، هن ٽي ڀيرا ڪوشش ڪئي. پر ٽئي ڀيرا طوطي ڀڙڪو ڏئي اهو پاڻي هاري ڇڏيو. بادشاهه کي به لڳي ڪاوڙ، سو منڍي کان وٺي جو مرٽو ڏنائينس ته منڍي وڃي پري پيس.

آخر بادشاهه مايوس ٿي، اُتان به اُٿيو، ٿوري پنڌ کان پوءِ کيس هڪ فقيري آستانو نظر آيو، بادشاهه تڪڙو تڪڙو وکون کڻي اُڏانهن هليو. فقير ويو هو پاڻي ڀڙڻ، سو به پريان پئي آيو. پنهنجي جهوپڙي وٽ هڪ مسافر ڏسي، اُن جو آڌر ڀاءُ ڪيائين، پاڻي به پياريائينس ۽ فقير بادشاهه کان حال احوال ڪرڻ شروع ڪيو، ڪچهري دوران بادشاهه کيس ٻڌايو ته مون کي آفيم جي به ضرورت آهي، فقير بادشاهه کي آفيم جي دٻي ڏئي چيو، جيترو کائيندو آهين، اوترو کاءُ ٻيو اتي رک ته آئون ٻاهران ٿي اچان ٿو. بادشاهه ڇا ڪيو جو کائڻ جيترو کائي ٻيو اوترو کيسي ۾ وجهي ڇڏيائين، فقير اهو ڏسي ورتو. فقير بادشاهه کي چيو، مون کي تو کي آفيم کائڻ لاءِ ڏنو نه ڪي چوري ڪرڻ لاءِ بادشاهه پڪو منهن ڪري چيس مون چوري ڪانه ڪئي آهي، اهي اڃا پاڻ ۾ سوال جواب ڪري رهيا هئا ته وزير به اتي اچي نڪتو. وزير فقير کان پڇيو ته ڇا ڳالهه آهي؟ فقير سر بستي ڳالهه ڪري ٻڌايس ۽ بادشاهه جي کيسي مان آفيم به ڪڍي ڏيکاريائينس اُتي وزير بادشاهه کي پنهنجي ڳالهه ياد ڏياريندي چيو ته بادشاهه سلامت مون اوهان کي چيو هو ته آفيم کائڻ سان اوهان جي هي ٽي ڳالهه ڪندا، جيڪي اوهان هن وقت ڪري چڪا آهيو. چڱو هاڻي ٻڌايو ته اوهان جو سڄڻ طوطو ڪٿي آهي؟ بادشاهه چيس ته اهو وڻ ويٺان ماري ڇڏيم، وزير پڇس ته اهو وڻ ڪٿي آهي؟ مون کي ته ڏيکاريو، بادشاهه اهو وڻ ڏيکاريس، انهيءَ وڻ جي چوٽيءَ تي ارڙ بلا کي ڪنهن ماري ڇڏيو هو، جنهن جو زهر پئي اتان ٽميو. وزير چيو ته طوطي اوهان کي اهو پاڻي پيئڻ نه ڏنو جو ڏٺائين پئي ته زهر آهي، پر اوهان سڄڻ کي نه سڄاتو ۽ ان کي ماري ڇڏيو. بادشاهه کي وزير جون ٽئي ڳالهيون دل سان لڳيون ۽ ڏاڍو افسوس ڪيائين، ان کان پوءِ بادشاهه آفيم کائڻ ڇڏي ڏني. ۽ آخر پنهنجو پڪڙيل سونن سڱن وارو هرڻ کڻي اُهي منزل ڏانهن موٽيا.

No comments:

Post a Comment