Sunday, May 24, 2015

پڙهڻ جو پڪو ارادو - احسان هاليپوٽو

پڙهڻ جو پڪو ارادو
احسان هاليپوٽو
ربو… او… ربو… اڙي ڇورا ڪٿي آهين؟ ڪيڏانهن گم ٿي ويو آهين. سڏ جو جواب ئي نه ٿو ڏين. ربوءَ جي ماءُ چيس: ربوءَ جا پيءُ مون ربنواز کي اسڪول مولڪيو آهي، جيئن ٻه اکر علم جا پرائي سگهي، پنهنجو پٽ ربنواز پڙهي پيو ته کيس نوڪري به ملي ويندي، پاڻ به سٺا ۽ سُکيا ڏينهن ڏسندو ته اسان کي به سٺا ۽ سُکيا ڏينهن ڏيکاريندو. تون الله تي رک… ربنواز پڙهي پوندو ۽ کيس سٺي نوڪري به ملندي، الله منهنجي ٻچڙي کي وڏي ڄمار ڏئي. ربوءَ جي ماءُ دڪيءَ تي لسي ولوڙيندي پٽ کي دعا ڏئي رهئي هئي. ربوءَ جو پيءُ ڪتر ٿيل لوسڻ جو گاهه چيڪي مٽيءَ جي ٺهيل آهر ۾ بهه سان ملائي هڪ ڳئون، مينهن ۽ ڏاندن جي جوڙي کي ڏئي رهيو هو. تنهن چيو، ربو وري ٿي ويو آهي ربنواز… ڀلا پڙهي ڪهڙا ڦاڙها ماريندو؟ يا ڪهڙا وري پڙهي اَڪَ ڪارا ڪندو؟ اسان جا ابا ڏاڏا ۽ پڙ ڏاڏا وري ڪهڙو پڙهيل هئا جو ربوءَ کي اسڪول موڪليو اٿئي؟ ڪل ته ڪان ٿڙي اَٿئي، وڏيري کي خبر پئي ته اصل پوليس کان ٻڌرائي جيل ۾ پادر هڻائيندو. تو ربوءَ کي اسڪول ڇو موڪليو؟ سڀاڻي کان ربوءَ جو اسڪول وڃڻ بند ۽ هو مون سان گڏجي ٻنيءَ جو ڪم ڪندو ۽ هاريءَ جو پٽ آهي سو هاري ٿيندو. سمجهئي يا نه؟ ربوءَ جي پيءُ فيصلي ڪرڻ واري انداز ۾ چيو. ربوءَ جي ماءُ چيس: تنهنجا به حوصلا اصل صفا خطا ٿي ويا آهن. دنيا وڃي چنڊ تي پهتي آهي، تون اتي جو اتي آهين. لڪير جو فقير… هاريءَ جو پٽ هاري ٿيندو. تون سوچ؟ تون ٿورو پنهنجي سوچ کي به تبديل ڪر. ڇا هاريءَ جي پٽ کي پڙهڻ نه گهرجي؟ نوڪري نه ڪرڻ گهرجي؟ هي ڪٿان جو انصاف آهي؟ تون ڪن کولي ٻڌ…. ڇو ته ربوءَ جا پيءُ تون ٿورو ٻوڙو به آهي، ربنواز پڙهندو… اڄ ربو اسڪول پاڻ ويو آهي. گهڻن ڏينهن کان چئي پيو ته امان! مون کي پڙهڻو آهي. ٻيا ٻار به اسڪول ويندا آهن، مون کي به اسڪول موڪل، ضد پئي ڪيائين، تنهن ڪري مون کيس تيار ڪري اسڪول موڪلي ڇڏيو، منهنجي ٻچڙي کي ڇڏ ته پڙهي، ٽن پٽن ۽ ٻن ڌيئن ۾ سڀني کان ننڍو اٿئي، تنهن کي ته پڙهاءِ ٻين ٻارن کي ته ڪونه پڙهايو اٿئي.! ربوءَ جي پيءُ چيس: چڱو چڱو هاڻي تون ماٺِ به ڪر، منهنجو ته مٿو ئي کائي وئي آهين. مون فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته سڀاڻي کان ربو اسڪول پڙهڻ نه ويندو. ربوءَ کي اچڻ ڏي ته کيس سڌو ٿو ڪيان. ماءُ خاموش ٿي وئي. ربنواز اسڪول ۾ پڙهي موڪل ٿيڻ کان پوءِ گهر موٽي آيو، ربنواز جو اسڪول ۾ پهريون ڏينهن سٺو گذريو، هُو تمام گهڻو خوش هو، گهر اچڻ سان ماءُ کي خوشيءَ مان سڀ ڪجهه ٻڌايائين، ماءُ کانپوءِ واري واري سان ۽ هڪ هڪ وٽ وڃي پنهنجن ڀائرن ۽ ڀيڻن کي خوشيءَ مان سڀ ڪجهه ٻڌايائين ته اسڪول ۾ سندس پهريون ڏينهن ڪيئن گذريو ۽ کين اهيو به ٻڌايائين ته هوءَ هاڻي پڙهندو، روزانو اسڪول ويندو ۽ هو پڙهڻ جو پڪو ارادو ڪري چڪو آهي.


سندس پيءُ گاهه جي ڀري کڻي گهر آيو، ۽ ڪتر جي مشين جي ڀرسان گاهه کي اُڇلايائين، ربنواز ڊوڙي وٽس آيو ۽ چيائينس: بابا! اڄ آئون اسڪول پڙهڻ ويو هئس، بابا! اسڪول ۾ گهڻا ٻار هئا. مون کان ڪي ننڍا ۽ وڏا ٻار هئا. اسڪول ۾ استاد ٻارن کي پڙهائي پيو، جنهن کي سڀئي ٻار سائين، سائين چون پيا. هڪ پٽيوالو به هو، جيڪو گهنٽي وڄائي پيو. سائينءَ مون کي پٽيءَ تي سبق ڏنو آهي. بابا! هاڻي آئون روزانو اسڪول ويندس. پڙهي پوءِ وڏو آفيسر ٿيندس. ربنواز تڪڙ ۾ ڪاٺ جي پٽي اڳيان ڪئي. پٽي تي سنڌي ٻوليءَ جي الف، بي، ٻي، ڀي ۽ تي لکيل هئا. بابا هيءُ (ا) الف اک، هيءُ (ب) بي بدڪ، هيءُ (ٻ) ٻي ٻڪري، هيءَ (ڀ) ڀي ڀت ۽ هيءُ (ت) تي تارو لکيل آهي، ربنواز جو پيءُ کيس غور سان کي ڏسي رهيو هو. ربنواز تمام گهڻو خوش لڳي رهيو هو. ربنواز کي اڳ ۾ ايڏو ڪڏهن به خوش نه ڏٺو هئائين، ربنواز جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي. خوش سندس چهري ۽ آواز مان ظاهر ٿي رهي هئي. ربنواز مرڪي پنهنجي پيءُ ڏي نهاري رهيو هو.

ربوءَ جي پيءُ ربوءَ کي پنهنجي اڳيان تمام گهڻو خوش ڏٺو ته ربوءَ تان ڪاوڙ لهي ويس. ربوءَ جي پيءُ جي ڪاوڙ محبت ۽ شفقت ۾ تبديل ٿي ويس. پنهنجي پٽ کي خوش ڏسي پاڻ به ڏاڍو خوش ٿيو. ربوءَ جي ماءُ ڀائر ۽ ڀيڻون ربوءَ ۽ سندس پيءُ کي ڏسي رهيا هئا ۽ ربوءَ جون ڳالهيون ٻڌي رهيا هئا. اوچتو  ربوءَ جي پيءُ خوشيءَ مان ربوءَ کي چيو شاباس پٽ! شاباس… تون پڙهه توکي پڙهڻ جي اجازت آهي. هاڻي تون ڀلي روزانو اسڪول پڙهڻ وڃجان ربوءَ جو پيءُ جهڪي ربوءَکي ڪڇ تي کنيو ۽ چميون ڏيڻ لڳو. پيءُ جي محبت ۽ شفقت جاڳي پئي محبت ۽ شفقت مان ربوءَ کي چيو: پٽ! الله تو کي ڪامياب ڪندو. تنهن مهل ربوءَ سندس پيءُ ماءُ ٻه ڀائر ۽ ٻه ڀيڻون خوش ٿيڻ لڳا.

No comments:

Post a Comment