Tuesday, June 3, 2025

عيدگاه - منشي پريم چند - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

عيدگاه

(ريختہ ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: منشي پريم چند

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



رمضان جي پورن ٽيھ روزن پڄاڻان، اڄ عيد آئي. ڪيڏي نه وڻندڙ ۽ رنگين صبح آ. ٻارن وانگي ٽڙندڙ، وڻن تي پڻ عجيب ساوڪ آ. ٻنين ۾ پڻ عجيب رونق آ. آسمان تي به فضا، ٿوري عجيب آ. اڄ جو سج ڏس ته ڪيڏو نه پيارو آ، ڄڻ جڳ جھان کي عيد جي خوشيءَ تي مبارڪون پيو ڏئي. ڳوٺ ۾ ڪيڏي نه چھل پھل آ. عيدگاھ ڏي وڃڻ جا سانباھا آھن. ڪنھن جي قميص جو بٽڻ ڇڳل آ ته سئي ڌاڳي لاءِ پيو ڀڄندو وتي. ڪنھن جو بوٽ ٺوٻر ٿي ويو آ. ان کي تيل ۽ پاڻيءَ سان پيو نرم ڪري. ڊڪي ڊڪي ڏاندن کي گاھ پاڻي پيو ڏنو وڃي، جو عيدگاھ کان موٽندي موٽندي، ٻپھري ٿي ويندي.



ٽي ڪوھ پنڌ جو رستو، مٿئون سوين مٽن مائٽن ۽ دوستن قريبن سان ملڻ جلڻ. ٻپھريءَ کان اڳي موٽڻ، ناممڪن آ. ڇوڪرا، مڙني کئون وڌيڪ خوش آھن. ڪنھن ھڪڙو روزو رکيو، سو به ٻپھريءَ تائين. ڪنھن ته اھو به نه رکيو، ليڪن عيدگاھ تائين وڃڻ جي خوشي به سندن حصي ۾ آ. روزا، وڏن ڪراڙن لاءِ ھوندا، ٻارن لاءِ ته عيد آ. ڏھاڙي عيد جو نالو پيا رٽيندا ھيا. سا عيد اچي وئي. ھاڻ وٺ وٺان لڳي پئي آ ته عيدگاھ ڏي ڇو نه ٿا ھلو. کين گھر گرھستيءَ جي ڳڻتين جي ڪھڙي پرواھ؟ سيوين لاءِ گھر ۾ کير، کنڊ ۽ ڪشمش بادام آھن يا نه! ان جي کين ڳڻتي ڇو ھجي؟ اھي ڇا ڄاڻن ته ابو ڇو بي حوصلو ٿيو ڳوٺ جي وڏي وياجي چوڌري قاسم عليءَ جي گھر ڏانھن ڊوڙندو ٿو وڃي؟

سندن کيسن ۾ ته قارون جو خزانو ڀريو پيو آھي. ورائي ورائي کيسي مان خزانو ڪڍيو پيا ڳڻين. دوستن کي پيا ڏيکارين ۽ وري خوش ٿي پيا رکن. انھن ئي چئن پئسڙن مان دنيا جون ست نعمتون آڻيندا. رانديڪا، مٺايون، باجا ۽ رب ڄاڻي ته ڇا ڇا آڻيندا. مڙني کان وڌيڪ خوش آ حامد. ھو چئن سالن جو سھڻو ٻارڙو آ، جنھن جو پيءُ پَرُ، دستن جي وبا ۾ ھليو ويو ۽ ماڻس به سائي ٿي ٿي نيٺ ھڪ ڏھاڙي مري وئي. ڪنھن کي ڪا خبر نه پئي ته بيماري ڪھڙي ھيس؟ ٻڌائي ڪنھن کي؟ ڪير ٻڌڻ وارو ھيس؟ دل تي جيڪا گذريس پئي سا سھندي ھئي ۽ جڏھن سھپ کان چڙھي ويس دنيا مان ئي ھلي وئي. ھاڻ حامد پنھنجي ڪراڙي ڏاڏيءَ امينا جي ھنج ۾ سمھندو آ ۽ اوترو ئي خوش آ. سندس پيءُ گھڻو ڏور، ڏوڪڙ پئسا ڪمائڻ ويو ھيو ۽ گھڻيون ٿيلھيون ڀريل آڻيندو. امڙ سانئڻ، الله سائينءَ کان مٺايون وٺڻ وئي آ. ان ڪري ماٺ آ. حامد جي پيرن ۾ بوٽ ناھي. مٿي تي ھڪڙي پراڻي سراڻي ٽوپڙي اٿس، جنھن جي ڀرٿ وارو ڌاڳو ڪارو ٿي ويو آ. ۽ پوءِ به ھو خوش آ. جڏھن سندس پيءُ ٿيلھيون ۽ ماءُ نعمتون وٺي ايندا، تڏھن ھو دل کولي شيل ڪندو. تڏھن ڏسندو ته محمود ۽ محسن، آذر ۽ سميع، ڪٿئون ٿا ايترا پئسا آڻين. دنيا پنھنجي مصيبتن جي سڄي فوج لاھي، ھن جي ھڪڙي معصوم نگاھ، ان کي ڇيھون ڇيھون ڪرڻ لاءِ ڪافي آ.

حامد، اندر وڃي امينا کي چوي ٿو؛ ”اما! تون ڀؤ نه ڪجانءِ! مان ڳوٺ وارن جو ساٿ ڪو نه ڇڏيندس. بلڪل به نه ڊڄجانءِ!“ ليڪن امينا جي دل ڪا نه ٿي مڃي. ڳوٺ جا ٻار، پنھنجن پنھنجن پيئرن سان ٿا وڃن. حامد اڪيلو ڪيئن ويندو. ان رش ۽ گڙديءَ ۾ ڪاڏي گم ٿي ويو ته پوءِ؟ نه! امينا کيس اڪيلو وڃڻ ڪا نه ڏيندي. پتڪڙو ساھدار. ٽي ڪوھ ھلندو ته پيرن ۾ لڦون پئجي ويندس؟

پر جي ھوءَ به ساڻ وڃيس ته پويان سيويون ڪير رڌيندو؟ اڃيو بکيو، منجھند ڌاري موٽندو. پوءِ ان وقت اچي سيويون رڌڻ ويھندي؟ ارمان ته اھو آھي جو امينا وٽ پئسو به ڪونھي. ھن فھيمن جا لٽا سبيا ھيا، اٺ آنا مليا ھيس. انھيءَ آڌيءَ کي، ايمان وانگي بچائيندي آئي ھئي، ھن عيد لاءِ. ليڪن گھر ۾ ٻيا پئسا ته ھيا ڪو نه. ٻيو ته ڳنوارڻ جي اوڌر چڙھي وئي ھيس، سو ڏيڻا پئجي ويس. حامد لاءِ، ڏھاڙي ٻن پئسن جو کير ته وٺڻو پوندو آ. ھاڻ ڪل ملائي ٻه آنا ۽ ھڪ پئسو بچيا پئي. ٽي پئسا حامد جي کيسي ۾ ۽ پنج امينا جي ٻٽونءَ ۾. اھا ھئي ڪل ديوال. الله ٻيڙا پار ڪندو. ڌوٻياڻي، ڀنگياڻي ۽ حجامڻ به ته اينديون. انھن کي به سيويون کپن. ڪنھن ڪنھن کان منھن لڪائيندي؟ سڄي سال جو تھوار آ. زندگي، خيريت سان ھجي. ھنن جي تقدير به ھنن سان آھي. ٻچي کي رب سلامت رکي. ھيءُ ڏھاڙا به ائين ئي لنگھي ويندا.

گوٺئون، ماڻھو ويا ۽ حامد به ٻارن سان گڏ ھيو. سمورا، ڊڪي اڳتي نڪريو وڃن. وري اڳتي وڃي ڪنھن وڻ ھيٺئون بيھي، گڏ ھلڻ وارن جو انتظار ڪن. ھيءُ ماڻھو، ڇو ايترو آھستڙي آھستڙي پيا ھلن.

شھر جو منڍ شروع ٿي ويو. رستي جي ٻنھي پاسن کان، اميرن جا باغ آھن. پڪيون چؤديوارون ڏنل اٿن. وڻن ۾ انب بيٺا آھن. حامد ھڪڙي پٿري کڻي، ھڪڙي انب کي نشان وٺي چٽيو. مالھي اندرئون گاريون ڏيندو ٻاھر ڀڳو آيو. ٻار، اتئون فرلانگ پري آھن. ڏاڍا کلي رھيا آھن. مالھيءَ کي باقاعده بيوقوف ٺاھيائون.

وڏيون وڏيون عمارتون اچڻ لڳيون. ھيءَ ڪورٽ آ. ھيءُ مدرسو آ. ھيءُ ڪلب گھر آ. ايڏي وڏي مدرسي ۾ ڪيترا سارا نه ڇوڪرا پڙھندا ھوندا. ڇوڪرا ڪونھن، بلڪ وڏا وڏا مرد آھن. سچ پچ ته کين مڇون آھن. ايڏا وڏا ٿي ويا آھن، اڃا تائين پيا پڙھڻ وڃن. اڄ ته موڪل آ. ليڪن ھڪڙو ڀيرو جڏھن اڳي آيا ھيا، تڏھن ڏاڙھيءَ مڇ سان وڏا ڇوڪرا ھتي کيڏي رھيا ھيا. خبر ناھي ڪيستائين پڙھندا. ٻيو ته ڪندا ڇا، ايترو پڙھي؟ ڳوٺ جي ٻھراڙيءَ واري مدرسي ۾ ٻه ٽي وڏا ڇوڪرا آھن. صفا ٻُٿَ جو ٻُٿَ. ڪم کان ونءُ ويندڙ. ھيءُ ڇوڪرا به ائين ئي ھوندا. ٻيو وري ڇا ھوندو. ٻيو نه ته اڃا تائين پيا پڙھن ھا. ھو ڪلب گھر آ. اتي جادوءَ جو کيل تماشو ٿيندو آ. ٻڌو آ مُڙدن جون کوپڙيون اڏامنديون آھن. ماڻھوءَ کي بيھوش ڪري ڇڏينديون آھن. وري کانئس جيڪو پڇندا آھن، اھي سمورو ٻڌائي ڇڏيندا آھن. ٻيا به وڏا وڏا تماشا ٿيندا آھن ۽ ميڊمون به کيڏنديون آھن. سچ، اسان جي مائرن کي اھو ڏئي ڇڏيو، ڇا چوندا اٿس؛ ھا ”بئٽ“ ته ان کي گھمائيندي ئي وڃي ڦھڪو ڪن.

محسن چيو؛ ”اسان واري امڙ ته ان کي پڪڙي به نه سگھي. ھٿ ڏڪڻ لڳنس. الله جو قسم!“

حامد ساڻس اختلاف ڪيو. ھل! مڻن جا مڻ اٽو پيھين ٿي وٺي. ھيءَ بئٽ پڪڙيندي ته ھٿ ڏڪڻ لڳندس. سوين گھڙا پاڻيءَ جا روز ٿي ڇڪي ڪڍي. ڪنھن مئڊم کي ھڪڙو دلو پاڻيءَ جو ڇڪي ڪڍڻو پوي ته آکين آڏو آنڌاريون اچي وڃنس.“

محسن؛ ”ليڪن ڊڪن ڪو نه ٿيون. ٺينگ ٽپا نه ٿيون ڏئي سگھن.“

حامد؛ ”سر تي اچي وڃين ته ڊوڙي به وٺنديون آھن. ھاڻي ان ڏھاڙي تو واري ڳئون ڇنائي وئي ھئي ۽ چوڌريءَ جي ٻنيءَ ۾ وڃي پئي ھئي ته تو واري ماءُ ئي ته ڊوڙي وڃي ڪڍي آيس. ڪيڏو نه تيز پئي ڀڳي. تون مان ٻئي پوئتي رھجي ويا ھياسين.“

اڃا اڳتي ھليا. حلوائين جا دڪان شروع ٿي ويا. اڄ گھڻو سينگاريل ھيا؛ ”ايڏيون مٺايون ڪير کائيندو آ؟ ڏس ته! ھڪڙي ھڪڙي دڪان تي مڻن جا مڻ مٺاين جا پيا آھن. ٻڌو آ ته رات ڌاري ھڪڙو جن، ھر ھڪ دڪان تي ويندو آ، جيترو مال بچيو پيو ھوندو آ، سو سمورو خريد ڪندو آ ۽ سچ پچلا روپيا ڏيندو آ، بلڪل اھڙا ئي چانديءَ جا بربلا روپيا.“

محمود کي پڪ نه ٿي. پڇيائينس؛ ”اھڙا روپيا، جنن کي ڪٿان ملندا آھن؟“

محسن؛ ”جنن وٽ روپين جي ڪھڙي کوٽي آ؟ جنھن خزاني ۾ دل گھرين، ھليا وڃن، کين ڪير ڏسي به نه ٿو سگھي. لوھي دروازو به روڪي نه سگھين. سائين منھنجا! تون آھين ڪھڙن خيالن ۾. وٽن ھيرا جواھر ھوندا آھن. جنھن تي راضي ٿين، تنھن کي جواھرن جا ٽوڪرا ڀري ڏئي اچن. پنجن منٽن ۾، چئين ته ڪابل پڄي وڃن.“

حامد؛ ”جن، ڏاڍا وڏا ھوندا؟“

محسن؛ ”ٻيو وري! ھڪڙو ھڪڙو آسمان جيڏو ٿيندو آ. ڌرتيءَ تي اٿي بيھي ته مٿو وڃي آسمان سان لڳيس. وري جي دل چويس ته ھڪڙي ڪونئري ۾ گھڙي ويھي رھي.“

سميع؛ ”ٻڌو آ! چوڌري صاحب جي قبضي ۾ گھڻا جن آھن. ڪا شيءِ چوري ٿي وڃيس ته چوڌري صاحب جھٽ ان جو پيرو کُرو ٻڌائي. ٻيو ته چور جو نالو به ٻڌائي ڇڏي. جمعراتيءَ جو پاڏو، تنھن ڏھاڙي وڃائجي ويو ھيو. ٽي ڏينھن ويچارو پريشان ويٺو ھيو. ڪٿان ڏس پتو نه پيس. تڏھن مٿا ماريءَ کان پوءِ چوڌريءَ وٽ وڃي پھتو. چوڌريءَ ٻڌايس؛ ڌڻ ۾ اٿئي ۽ اتان ئي مليس. جنَّ اچي، کيس سڀ خبرون ڏئي ويندا آھن.“

ھاڻ ھر ھڪ کي سمجھ ۾ آيو آ ته چوڌري قاسم عليءَ وٽ ايتري دولت ڇو آ ۽ ڇو ھو اوس پاس جي ڳوٺن جو مھاجن آھي. جِنَّ اچي کيس روپيا ڏئي ويندا آھن. اڳتي ھلو. ھيءَ پوليس لائين آ. ھتي پوليس وارا تربيت حاصل ڪندا آھن. رائيٽ ليف، ڦام ڦو.

نوريءَ سڌو ڪندي ٻڌايو؛ ”ھتي پوليس وارا پھرو ڏيندا آھن. تڏھن ته کين سموري سُڌِ آھي. اڙي منھنجا سائين، اھي ماڻھو ئي چوريون ڪرائيندا آھن. شھر جا جيترا چور ڊاڪو آھن، سي سمورا سندن سلامي آھن. رات جو سمورا ھڪ محلي ۾ چورن کي چوندا آھن ۽ ٻئي محلي ۾ رڙيون ڪندا آھن؛ جاڳو جاڳو! منھنجو مامو به ھڪڙي ٿاڻي تي سپاھي آ. ويھ روپيا مھينو پگھار اٿس. ليڪن ٿيلھيون ڀري ڀري گھر موڪليندو آ. مون ھڪڙي ڏھاڙي پڇيو ھيس؛ ماما! ايترا روپيا، جيڪڏھن تون چاھين ته، ڏينھڪ لک ڀيرا آڻين. چيائين؛ اسان ته ايترو وٺندا آھيون، جنھن سان بدنامي نه ٿئي ۽ نوڪري به ھلندي رھي.“

حامد تعجب مان پڇيس؛ ”اھي ماڻھو چوريون ٿا ڪرائين ته کين ڪو پڪڙي به ڪو نه ٿو؟“

نوريءَ سندس ڪم-سمجھيءَ تي ترس کائيندي چيو؛ ”اڙي احمق! انھن کي ڪير پڪڙيندو! پڪڙڻ وارا ته اھي پاڻ آھن. ليڪن الله، سزا کين گھڻي ڏيندو آ. ٿورا ڏھاڙا گذريا، ماما جي گھر ۾ باھ لڳي وئي. سڄو مال متاع، سڙي رک ٿي ويس. ھڪڙو ٿانءُ، نالي ڪاڻ ڪو نه بچيس. ڪيترا ڏھاڙا وڻ ھيٺان ستا پيا ھيا. الله سان، وري الائي ڪٿئون قرض پٽي آيو ته ٿانءَ ٿپا آندائين.“

وسندي، گھاٽي ٿيڻ لڳي. عيدگاه وڃڻ وارن جا ٽولا نظر اچڻ لڳا. ھڙني کي زرق برق پوشاڪون پاتل ھيون. ڪو ٽانگي تي سوار ھيو ته ڪو موٽر تي چڙھيو پئي ويو. ڪپڙن مان رڳو عطر جي ھٻڪار پئي آئي.

ڳوٺاڻن جي ھيءَ ننڍڙي ٽولڙي، بنا ڪنھن سامان سڙي جي پنھنجي غريبي حال آھر، مگر صبر ۽ شڪر سان پئي ھلي. جيڏانھن پيا تڪين، تڪيندا ئي پيا رھن. وري پويئون، وري وري وڄندڙ ھارن جي آواز جو به، ھوش نه ھين. محسن ته موٽر جي ھيٺئون ايندي ايندي بچيو ھيو.

او اھا عيدگاه نظر آين. جماعت شروع ٿي وئي. گدامڙيءَ جي گھاٽن وڻن جي ڇانءَ ھيٺئون، کليل پڪو فرش ھيو. جنھن تي فراسيون وڇايل ھيون.

 

ٻيو ته نمازين جون صفون، ھڪ ٻئي پٺيان، الله ڄاڻي ته ڪيستائين ھليون ويون ھيون. پڪي فرش ھيٺان فراسيون به وڇايل ناھن. ڪيتريون ئي صفون بيٺيون آھن. جيڪي ايندا ٿا وڃن، سي پويان بيھندا ٿا وڃن. اڳيان ھاڻي جاءِ نه بچي آ. ھتي ڪير رتبو يا عھدو ڪو نه ٿو ڏسي. اسلام جي اک ۾ سمورا برابر آھن. ڳوٺاڻن به وضو ساريو ۽ جماعت ۾ شامل ٿي ويا. ڪيڏي نه باقاعده منظم جماعت آ. لکين ماڻھو ھڪٻئي سان گڏ جھڪن ٿا. ھڪٻئي سان گڏ گوڏا ڀڃي ٿا ويھن. وري اھو عمل ورائي ورائي پيو ٿئي. ائين پيو لڳي ڄڻ بجليءَ جا لکين بلب، سڀ گڏجي پيا ٻرن ۽ سڀ گڏجي پيا وسامن. ڪيترو نه احترام ۽ رعب وارو نظارو آ. جنھن جي ھڪ-ڪرائي، وشال ۽ ڳاڻيٽو، دلين تي ھڪڙي وجداني ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي ٿو. ڄڻڪ ڀائيچاري جو رشتو، انھن مڙني روحن کي ڳنڍيو ويٺو ھجي.

(۲)

نماز پوري ٿي وئي آ. ماڻھو ھڪٻئي سان ڀاڪر پائي پيا ملن. ڪي ماڻھو محتاجن ۽ سوالين کي خيراتون پيا ڏين، جيڪي اڄ ھتي ھزارن ۾ اچي ڪٺا ٿيا آھن. اسان جي ڳوٺائين، مٺاين ۽ رانديڪن جي دڪانن ڏي کڻي ڊِيڙ ٻڌي. ٻڍا به اھڙين ڳالھين ۾، ٻارن گھٽ مزا نه ٿا ماڻين. ھيءُ ڏسو چوڏيل! ھڪڙو پئسو ڏئي، آسمان ڏانھن ويندا پيا محسوس ٿيندا. ڪڏھن زمين تي ٿا ڪرن. ھيءَ ڦرڻي آ. ڪاٺ جا گھوڙا، اٺ ۽ ھاٿي، اُڄٺن سان لڙڪيا پيا اٿس. ھڪڙو پئسو ڏئي ويھو ۽ پنجويھن ڦيرن جو مزو ماڻيو. محمود ۽ محسن، ٻئي چوڏيل تي ويٺا آھن. آزر ۽ سميع، گھوڙن تي. سندن وڏا اھڙي ئي شونق سان ڦرڻيءَ تي ويٺا آھن. حامد، پري بيٺو آ. ٽي پئسا ئي ته وٽس آھن. ٿورڙو چڪر کائڻ لاءِ پنھنجي خزاني جو ٽيون حصو خرچ نه ٿو ڪري سگھي. محسن جو پيءُ ورجائي ورجائي پيو ڦرڻيءَ تي سڏيس، ليڪن ھو راضي نه ٿو ٿئيس. ٻڍا ٿا چون؛ ھن ڇوڪري ۾ ھاڻي سان ئي پنھنجو پرايو اچي ويو آ. حامد سوچي ٿو، ڇو ڪنھن جو ٿورو کڻان. غربت، کيس ضرورت کان وڌيڪ ئي حساس بڻائي ڇڏيو آ.

سڀئي ماڻھو، ڦرڻيءَ تان لھن ٿا. رانديڪن جي خريداري شروع ٿئي ٿي. سپاھي ۽ گلن وارو، راجا راڻي ۽ وڪيل، ڌوٻي ۽ پخالي، بنا فرق جي ڪلھو ھلھي سان ملايو پيا آھن. ڌوٻي، راجا راڻيءَ جي بغل ۾ آ ته پخالي وڪيل جي ڪڇ ۾ آ. واھ! ڪيڏا نه سھڻا آھن. محمود، سپاھيءَ تي موھجي ويو. خاڪي وردي ۽ ڳاڙھو پٽڪو، ڪلھي تي بندوق، لڳي ٿو ڄڻ ھاڻ قاعدي قانون مطابق پيو اچي. محسن کي پخالي پسند آيو. چيلھ چٻي، مٿس رکيل پخال جي ھڪڙي ڪنڊ پڪڙي، ٻئي ھٿ ۾ رسي اٿس. ڪيڏو ٻھڪندڙ چھرو اٿس، ڄڻ ڪو راڳ ڳائيندو پيو اچي. پخال مان پاڻي ٽمندو پيو محسوس ٿئي. نوريءَ کي وڪيل سان دل لڳي وئي آ. ڪيڏي عالمن واري صورت ڪيو ويٺو آ. ڪارو گائون، ھيٺئون ڪاري قميص، قميص جي اڳيان واري کيسي ۾ سوني زنجيري، ھڪڙي ھٿ ۾ قانون جو ڪتاب کنيو بيٺو آ. لڳي ٿو، ڄڻ ھاڻي ڪنھن ڪورٽ ۾ آڏي پڇا يا بحث ڪيو پيو اچي. اھي سمورا ٻن ٻن پاين جا رانديڪڙا آھن. حامد وٽ ڪل ميراث آھي ئي ٽي پئسا. جي ٻن مان وٺي ھڪڙو رانديڪو ته پوءِ ٻيو ڇا وٺي سگھندو؟ نه!! رانديڪا بيڪار آھن. ڪٿي ھٿئون ڪريا، ذرا ذرا ٿي ويندا. ٿورڙو پاڻيءَ چُڪو پين ته سڄو رنگ ڌوپجي ويندن. اھي رانديڪا وٺي، انھن جو ھيءُ ڪندو به ڇا؟ ڪھڙي ڪم جا؟

محسن ٿو چوي؛ ”مون وارو پخالي، ڏھاڙي پاڻي پڄائي ويندو، صبح توڙي شام.“

نوريءَ چيو؛ ”وري مون وارو وڪيل، ڏھاڙي ڪيس وڙھندو ۽ ڏھاڙي پئسا ڪمائي ايندو.“

حامد، رانديڪن جي گلا ٿو ڪري. مٽيءَ جا ته آھن. ڪريا ته ڇيھون ڇيھون ٿي ويا. ليڪن ھر شيءِ ڏسي، ھرکجندڙ نظرن سان پيو ٿو ۽ چوي ٿو کن پل لاءِ ھوند ھٿ ۾ کڻي ڏسان. ھيءُ پٽ تي شيون وڪڻڻ واري جو دڪان آھي. ڀانت ڀانت جون شيون اٿس. ھڪڙي چادر وڇائي پئي آھي. کينھون، سيٽيون، واڄا، بينون، رٻڙ جا رانديڪا، ھزارن ۾ شيون پيون اٿس. محسن، ھڪڙي سيٽي ورتي، محمود کينھوڙو، نوريءَ رٻڙ جو بت جيڪو چون چون پيو ڪري ۽ سميع بانسري. اھا، ھو وڄائي وڄائي ڳائيندو. حامد، بيھي ھر ھڪ کي حسرت مان ڏسي رھيو آھي. جڏھن سندس ڪو ساٿي، ڪا شيءِ خريد ڪري وٺي ٿو ته ھيءُ وڏي حب مان کانئس اھا شيءِ وٺي ھٿ ۾ ڏسڻ لاءِ لڙڪي ٿو پوي. ليڪن ٻار، ايڏا دوست نواز ڪو نه ھوندا آھن. خاص طور تي ان شيءِ ۾، جيڪا اڃا ھاڻي ھاڻي ورتي آ. ويچارو، اٻاڻڪو ٿي ويھي ٿو رھي.

رانديڪن کان پوءِ، مٺاين جو وارو آيو. ڪنھن ريوڙيون ورتيون، ڪنھن گلاب ڄمون ورتا، ڪنھن چاٻو حلوو ورتو. چاٻا ڏئي پيو ٿو کائي. حامد، سندن برادريءَ مان ڄڻ نڪتل آ. ويچاري جي کيسڙي ۾ آھن ئي ٽي پئسڙا، جنھن ڪري ڪا شيءِ وٺي به ڪو نه ٿو کائي. حرص ڀرين اکڙين سان سڀني کي پيو چتائي ڏسي.

محسن چيو؛ ”حامد! ھيءَ ريوڙي وٺ! ڪيڏي نه خوشبودار آ.“

حامد سمجھي ويو، اھا رڳو شرارت پيو ڪري. تنھن ھوندي به سندس ويجھو ويو. محسن، کوکي مان ٻه ٽي ريوڙيون ڪڍيون. حامد ڏانھن وڌايائين. حامد ھٿ ڊگھو ڪيو ته محسن ھٿ پوئتي موٽائي ورتو ۽ ريوڙيون پنھنجي وات ۾ وجھي ڇڏيائين. محمود، نوري ۽ سميع تاڙيون وڄائي کلڻ لڳا. حامد، ويچارڙي شڪل ڪري ويھي رھيو. محسن چيس؛ ”چڱو! ھاڻي پڪ ڏيندوسانءِ! ھيءُ وٺ! الله جو سُنھ.“

حامد چيس؛ ”رک رک! مون وٽ پئسا ڪونھن ڇا؟“

سميع چيس؛ ”ٽي پئسڙا ئي ته اٿئي. ڇا ڇا وٺندين؟“

محمود چيو؛ ”تون ھن سان نه ڳالھاءِ! حامد ھيڏي اچ! ھي گلاب ڄمون وٺ.“

حامد؛ ”مٺائي وري ڪھڙي نعمت آ! ڪتاب ۾ ان جا نقصان ٻڌايل آھن.“

محسن؛ ”پر دل ۾ پيو چوين ته ٿورو ڪجھ ملي پوي کائي وٺان. پنھنجا پئسا ڇو نه ٿو ڪڍين؟“

محمود؛ ”اڙي ھن جي چالاڪي مان ٿو سمجھان! جڏھن اسان جا سمورا پئسا کپي ويندا، تڏھن ھيءُ مٺائي وٺندو ۽ اسان کي سڪائي سڪائي پيو کائيندو.“

حلوائين جي دڪانن آڏو، ٿورا دڪان لوھي شين جا ھيا. ڪجھ گلٽ ۽ رول گول جي زيورن جا. ڇوڪرن جي لاءِ ھتي دلچسپيءَ جو ڪو سامان ڪو نه ھيو. حامد، کن پل لاءِ بيٺو. چمٽا پيا ھيس. کيس چمٽو وٺڻو آ، جو ڏاڏس وٽ چمٽو ناھي. تئي تان گرم گرم مانيون لاھيندي ھٿ سڙندا اٿس. جيڪڏھن چمٽو وٺي وڃي ڏاڏيءَ کي ڏيندو ته ڪيڏي نه گد گد ٿيندي. وري سندس آڱريون ڪڏھن سڙنديون به نه. گھر ۾ ڄڻ ڪم جو ٽپڙ به ٿي پوندو. رانديڪن مان ڪھڙو فائدو؟ اجايو پئسا ٿا وڃائجن. ٿوري دير خوش ٿجي ٿو، پوءِ ته رانديڪن کي ڪو اک وتائي به ڪو نه ٿو ڏسي. يا ته گھر پھچڻ کان اڳي ڇيھون ڇيھون ٿي ويندا يا ننڍڙا ٻار، جيڪي عيدگاھ نه آيا، ضد ڪري کڻندا ۽ ڀڃي ڇڏيندا.

چمٽو، ڪيڏي نه ڪم جي وٿ آ. مانيون تئي تان اٿلائي، چلھ مان ٽانڊو ٻاھر ڪڍي. ڏاڏي امان کي واندڪائي ڪٿان آئي جو بازار اچي ۽ وري ايترا پئسا ڪٿان ملندس. ڏھاڙي ھٿ ساڙيو ويٺي آ. سندس سنگتي، اڳتي وڌي ويا. سبيل تي سمورا بيھي پاڻي پيئڻ لڳا. ڪيڏا نه لالچي آھن. سمورن ايتريون مٺايون ورتيون، ڪنھن مون کي ڪا ذري شيءِ جي به نه چکائي. وري ان تي چوندا آھن، اسان سان ويھي کيڏ. منھنجي پٽي ته ڌوئي اچجانءِ! ھاڻي نه جيڪڏھن محسن ڪو ڪم ڪرڻ لاءِ چيو ته خبر وٺندوسانس. کائين مٺائيون، پاڻھئي وات سڙندن. ڦلوڪڻا پوندن. پاڻ ئي زبان جا چسيرا ٿي ويندا. پوءِ پئسا چورائڻا پوندن ۽ مارون کائيندا. منھنجي زبان ڇو خراب ٿيندي.

ھن وري سوچيو؛ ڏاڏي امان چمٽو ڏسندي ئي ڊوڙندي منھنجي ھٿ مان اچي وٺندي ۽ چوندي؛ ”منھنجو ٻچڙو پنھنجي ڏاڏي امڙ لاءِ چمٽو وٺي آيو آھي.“ ھزارين ته دعائون ڏيندي. کڻي وڃي پاڙي پتيءَ ۾ ڏيکاريندي. سڄي ڳوٺ ۾ واھ واھ ٿي ويندي. ھنن يارن جي رانديڪن تي ڪير کين دعائون ڏيندو؟ وڏڙن جون دعائون سڌيون عرش تي پھچنديون آھن ۽ ستت قبول به ٿينديون آھن. مون وٽ گھڻا پئسا ته ناھن. تڏھن ئي ته محمود ۽ محسن، پري پري آھن. مان به کين پنھنجي طبيعت ڏيکاريندس. اھي رانديڪن سان کيڏن، مٺايون کائين ۽ مان غريب سھي پر ڪنھن کان پنان ته ڪو نه ٿو. نيٺ ته منھنجو پيءُ ڪڏھن نه ڪڏھن ايندو، پوءِ انھن کان پڇندس ڪيترا رانديڪا ٿا وٺو؟ ھڪ ھڪ کي ھڪڙي ٽوڪري ڏيندس ۽ ڏيکاري ڇڏيندس ته دوستن سان ائين ھلبو آ. جيترا غريب ڇوڪرا آھن، سڀني کي قميصون وٺرائي ڏيندس ۽ ڪتاب ڏيندس. ائين نه ته پئسي جون ريوڙيون وٺن ته ٻين کي سِڪائي سِڪائي کائڻ ويھن. وري چمٽو ڏسي، سڀ کلندئي. احمق ته آھن. ڊڄندي ڊڄندي، دڪاندار کان پڇيائين؛ ”ھيءُ چمٽو کپائيندين؟“ دڪاندار، ھن ڏانھن ڏٺو ۽ ساڻس ٻيو ڪو ماڻھو گڏ نه ڏسي چيائينس؛ ”اھو تنھنجي ڪم جو ناھي.“

”ويڪو آ ڪن نه؟“

”ويڪو آ، تڏھن ته کڻي اچي ھتي رکيو آ.“

”پوءِ ٻڌائين ڇو نه ٿو ته ڪيترن پئسن ۾ ڏيندين؟“

”ڇھ پئسا لڳندئي.“

حامد جي دل ٻڏي وئي.

”ڇھ پئسا! لڳندا!“

حامد جي دل ويھجي وئي. پوءِ به دل جھلي چيائينس؛ ”ٽي پئسا وٺندين؟“ ۽ اڳتي ھلڻ جي ڪيائين ته جيئن دڪاندار جون ڇڙٻون نه ٻڌڻيون پون. دڪاندار، ڇڙٻون ته نه ڏنس. ھٿائين چمٽو ھن ڏانھن وڌائي، پئسا ورتائينس. حامد، چمٽو ڪلھي تي رکيو، ڄڻ بندوق ھجي. ۽ شان مان سان ٽيڳربو وڃي سنگتين سان مليو. محسن کلندي چيس؛ ”ھيءُ وري چمٽو وٺي آيو اٿو! اڙي احمق! ڪاڏي ڪندين؟“

حامد، چمٽو زمين تي سٽيندي چيس؛ ”ٿورو پاڻ واري پخاليءَ کي زمين تي ته اڇلي ڏس! سڄو ڇيھون ڇيھون ٿي ويندو.“

محمود چيس؛ ”ھيءُ چمٽو به ڪو رانديڪو آ؟“

حامد چيس؛ ”رانديڪو ڇو ڪونھي؟ ھاڻي ڪلھي تي رکيم ته بندوق ٿي ويو. ھاڻي ھٿ ۾ کنيم ته فقير جو چمٽو ٿي پيو. وڻي ته ان سان تنھنجو نڪ پٽيان. ھڪڙي چمٽي ھڻڻ سان اوھان جي سڀني رانديڪڙن جو ساھ ئي ھليو وڃي. توھان جا رانديڪا ڪيڏو به زور لائين، ھن جو وار ونگو نه ڪري سگھندا. منھنجو بھادر شينھن پٽ! ھيءُ چمٽو!“

سميع، موھجندي چيس؛ ”مون واري دُھلڙيءَ تي مٽائيندين؟ ٻن آنن جي آ!“

حامد، دُھلڙيءَ ڏانھن نفرت ڀرين نگاھن سان ڏسندي چيس؛ ”مون وارو چمٽو پوي نه ته تو واري دُھلڙيءَ جو پيٽ ڦاڙي رکي. بس چمڙي جو ھڪڙو تھ ھڻي ٺاھيائونس. ھاڻي ڊڙ ڊڙ وڄي ٿي. اھا ٿي دھلڙي. ٿورو پاڻي پيس ته اھا دھلڙي پوري. مون وارو شينھن بھادر چمٽو ته باھ ۾، پاڻيءَ ۾، ٻوڏ ۾ طوفان ۾ دلير لڳو بيٺو آ.“

ميلو، گھڻو پوئتي رھجي ويو ھيو. ڏھ وڄي چڪا ھيا. گھر پھچڻ جي ھر ڪنھن کي جلدي ھئي. ھاڻي اھو چمٽو ملي نه ٿو سگھي. نه ئي وري ڪنھن وٽ ايترا پئسا ڪو بچيا به ھيا. حامد ھيو، جو مڙني ۾ ڏاھو نڪري پيو.

ھاڻي ٻه ٽوليون ٿي ويون. محمود، محسن ۽ نوري ھڪ طرف ته حامد اڪيلو ۽ تن تنھا ٻئي طرف. سميع وچ تي، نه ھيڏي نه ھوڏي. جنھن جو جوڙو ڏسندو سَرِ، تنھن جي وٺندو ڀَرِ. ھاڻي ٿيو مناظرو شروع. اڄ حامد جي زبان ڏاڍي صفائي ڏيکاري رھي ھئي. ٽن ڄڻن جو ٽولو، سندس جرح واري عمل تي پريشان ٿي رھيو آ. ٽن وٽ ڳاڻيٽي جي سگھ آھي. حامد وٽ سچ ۽ اخلاق جي. ھڪ پاسي مٽيءَ، رٻڙ ۽ ڪاٺ جون شيون، ٻئي پاسي اڪيلو لوھ. جيڪو ھن وقت پنھنجي پاڻ کي فولاد سڏي رھيو آ. ھو روئڻھارڪيون شڪليون آھن. قطارن کان ڇڳل آھن. جي ڪٿئون شينھن جي گجگوڙ جو آواز ڪن تي پين ته ميان پخالي جا اوسان ئي خطا ٿي ويندا. ميان سپاھي ته دلو ۽ بندوق ڇڏي ڀڄي ويندو. وڪيل صاحب جو سڄو قانون، پيٽ ۾ ھليو ويندو. ڪاري جبي ۾ ٻوٿ لڪائي ليٽي پوندو. مگر ھيءُ بھادر ھندستان جو رستم، ٽپو ڏئي شينھن جي ڪنڌ تي سوار ٿي ويھي رھندو ۽ اکيون ڪڍي وٺندس.

محسن، نُھن چوٽيءَ جو زور لائيندي چيس؛ ”ٺيڪ آ! تو وارو چمٽو، پاڻي ته ڀري ڪو نه ايندو.“

حامد چمٽي کي سڌو جھليندي چيس؛ ”اھو پخالي ھڪڙي دڙڪي ۾، ڊوڙندو پاڻي ڀري اچي ھن جي در تي پڄائيندو. سائين جن پوءِ ان مان ڀلي دلا، مٽ ۽ ڪونڊيون ڀري وٺن.“

محسن جي بولتي بند ٿي وئي. نوريءَ ڪمڪ پھچايس؛ ”پٽ پڪڙجي وڃي ته ڪورٽ ۾ بيٺا پيا چڪر ڏيندئو. اتي ته اسان جو وڪيل صاحب ئي ڪيس جي پيروي ڪندو نه! ھاڻ ٻڌاءِ منھنجا سائين!“

حامد کي انھيءَ حملي جو جواب، ترت نه سُجھيو. ٿورو سوچڻ لاءِ وٿي کپندي ھيس، تنھن ڪري وڪڙ ڏئي پڇيائينس؛ ”ھن کي پڪڙيندو ڪير؟“

محمود چيس؛ ”ھيءُ سپاھي، بندوق وارو.“

حامد وات چٻو ڪري چيس؛ ”اھو ويچارڙو، ھن ھندستان جي رستم ۾ ھٿ وجھي سگھندو؟ ٺيڪ آ! لاھينس ميدان تي! ٿورو پاڻي ٿي وڃي! اڙي ھن جي شڪل ڏسي، غريب جي مَيس ئي مري ويندي. پڪڙيندو ڇا ويچارو!.“

محسن، ساھي پٽي وراڻيس؛ ”تو واري چمٽي جو ڏھاڙي وات باھ ۾ پيو سڙندو.“

حامد وٽ جواب تيار پيو ھيو؛ ”باھ ۾ بھادر ڪُڏي پوندا آھن منھنجا سائين. تو وارو اھو وڪيل، اھو سپاھي ۽ اھو پخالي ڊڄڻا آھن. سڀ گھرن ۾ وڃي لڪندا. باھ ۾ ٽپي پوڻ اھو ڪم آ، جيڪو رستم ئي ڪري سگھي ٿو.“

نوريءَ عقل کان ڪم وٺندي چيس؛ ”تو وارو چمٽو، بورچي خاني ۾ پٽ تي پيو ھوندو. مون وارو وڪيل، شان مان سان ميز ڪرسي رکي ويھندو.“

انھيءَ جملي، مئلن ۾ ساھ وجھي ڇڏيو. سميع به کٽي ويو. بيشڪ وڏي ڪم جي ڳالھ ڪئي اٿئي. اھو چمٽو، بورچي خاني ۾ پيو ھوندو.

حامد، دمبڙ ٻڌندي چيس؛ ”مون وارو چمٽو بورچي خاني ۾ رھندو، وڪيل صاحب ڪرسيءَ تي ويھندو ته وڃي کيس پٽ تي اڇلي ايندو ۽ سڄو قانون کڻي سندس پيٽ ۾ وجھي ايندو.“

انھيءَ جواب ۾ ڪو دم خم نه ھيو. بلڪل اڻ ٺھندڙ ڳالھ چيل ھئي. ليڪن قانون پيٽ ۾ وجھڻ واري ڳالھ وزن کڻي وئي. ٽئي سورما، ھڪٻئي جا ٻوٿ تڪڻ لڳا.

حامد، مڙني کي مات ڏئي چڪو ھيو. تنھن ھوندي به ٽنھي وٽ اڃا بال، سيٽي ۽ باجو پوئتي ھيا. مگر ھنن مشين گنن آڏو انھن بزدلن کي ڪير ٿو پڇي؟ چمٽو، ھندستان جو رستم آ. ان آڏو ڪنھن کي چون چان ڪرڻ جي ھمت ئي ناھي.

کٽندڙن کي، ھارائيندڙن کان وقار ۽ خوشامد جي ڍَل ملندي آ. سا حامد کي ملڻ لڳي ۽ مڙني ٽي ٽي آنا خرچيا ۽ ڪم جي ڪا شيءِ آندائون. حامد، ٽن پئسڙن مان ئي رنگ ڏيکاري ڇڏيا. رانديڪڙن جو ڪھڙو ڀروسو. اھي ته ھڪڙي ئي ڏينھن ۾ ٽٽي ڦٽي ويندا. حامد وارو چمٽو، سوڀارو رھندو. سدائينءَ جي ٺاھ لاءِ، شرط طئي ٿيڻ لڳا.

محسن چيس؛ ”ٿورو پاڻ وارو چمٽو ته ڏي! اسان به ته ڏسونس.“

حامد چيس؛ ”مون کي ان ڪو اعتراض ڪونھي.“

ھيءُ سخي دل ۽ سوڀارو آ. چمٽو واري وٽيءَ سان محمود، محسن، نوريءَ ۽ سميع وارن جي ھٿن ۾ آيو. وري سندن رانديڪا، واري وٽيءَ سان حامد جي ھٿن ۾ آيا. ڪيڏا نه سھڻا رانديڪا آھن. لڳي ٿو ڄڻ اجھو ڳالھائڻ لڳا. مگر ھنن رانديڪن لاءِ، کين دعائون ڪير ڏيندو؟ ڪير ڪير انھن رانديڪن کي ڏسي خوش ٿيندو، جيترو ڏاڏي امڙ چمٽي کي ڏسي ٿيندي. کيس پنھنجي عمل تي ھرگز ويسورو ڪونھي. ٻيو ھاڻ چمٽو آھي، جيڪو سڀني جو بادشاھ آ. واٽ تي محمود ھڪڙي پئسي جون ونگيون ورتيون. انھن مان حامد کي به حصو مليو پر ھيءُ نھ نھ ڪندو رھيو. محسن ۽ سميع به پئسي پئسي جا ڦاروا ورتا، تن مان به حامد کي ونڊ مليو. اھو سڀ رستمِ ھند جي برڪت ھئي.

يارھين بجي، سڄي ڳوٺ ۾ ھو ھواءِ ٿي وئي؛ ”ميلي وارا پھچي ويا.“ محسن جي ننڍي ڀيڻ، ڊڪي وڃي سندس ھٿئون پخالي کسيو ۽ خوشيءَ مان جيئن ٽپا ڏنائين ته ميان پخالي ھٿان ڇڏائي ويس ۽ وجدان جي جھان ڏانھن راھي ٿي ويو. ان تي ٻنھي ڀيڻ ڀاءُ ۾ موچڙا ماري ٿي. ٻنھي ڏاڍو رنو ڪيو. سندن ماءُ اھو ڪھرام ڏسي ويتر ڪاوڙي. ان به مٿئون ٻه ٻه ٿڦڙون ٻنھي کي ھڻي ڪڍيون. ميان نوريءَ جي وڪيل صاحب جو حشر، ان کان به بڇڙو ٿيو. وڪيل، زمين يا طاق تي ته ويھي نه پئي سگھيو. سندس ويھڪ جو بناوٽ جي لحاظ کان بندوبست ته ڪرڻو پوندو. ڀت ۾ ٻه ڪليون ٺوڪيون ويون. مٿن ڪاٺيءَ جو پراڻو تختو رکيو ويو. مٿس ڳاڙھي رنگ جي اڳڙي وڇائي وئي، جيڪا قالين جي مثال ھئي. وڪيل صاحب، مٿانھين ھنڌ تي ڦڻ ڪڍي ويٺو. اتئون ئي قانوني بحث ڪندو. نوري، ھڪڙو وڃڻو کڻي ھڻڻ لڳس. خبر ناھي ته وڃڻي جي ھوا سان يا وڃڻي جي ٺينشڙي سان، وڪيل صاحب مٿئين جھان مان فاني جھان ڏي ھليو آيو. سندس خاڪي جسم، پرزا پرزا ٿي ويو. پوءِ ته وڏو ماتام ٿيو ۽ وڪيل صاحب جو لاش، پارسي رسمن مطابق، ڍير تي اڇليو ويو ته جيئن ڪانءُ ڪتي جي ڪم اچي سگھي.

باقي بچيو محمود جو سپاھي. اھو ته احترام لائق ۽ رعب واري ھستي آ. پنھنجي پيرن سان پنڌ ڪرڻ کيس وڻي ئي ڪو نه. محود پنھنجي ٻڪريءَ جي ڇيلو پڪڙي، مٿس سپاھيءَ کي سوار ڪيو. محمود جي ڀيڻ، ھڪڙي ھٿ سان سپاھيءَ کي جھليو بيٺي ھئي ۽ محمود ڇيلي کي ڪن کان وٺيون دروازي ڏانھن ڇڪيون پئي ويو. سندس ٻئي ڀائر، سپاھيءَ جي طرفئون ’رت دانگيءَ تي وري‘ وارو مرثيو ڳائيندا پئي ھليا. مڄاڻ ڇا ٿيو جو ميان سپاھي پنھنجي گھوڙي جي پٺيءَ تان ڪري پيو ۽ بندوقڙيءَ سميت پٽ تي اچي پيو. ھڪڙي ڄنگھ نڪري ويس. خير آ، ڪو حرج ناھي. محمود ھوشيار ڊاڪٽر آ. ڊاڪٽر نگم ۽ ڀاٽيه سندس شاگردي ڪري سگھن ٿا ۽ ڀڳل ٽنگ اتي جو اتي ڳنڍي وٺندو. فقط گُولرَ جو کير کپي. گولر جو کير آيو. ڄنگھ ڳنڍجي وئي. ليڪن جيئن ئي اٿي بيٺو، ڄنگھ وري الڳ ٿي وئي. جراحت وارو عمل ناڪام ٿي ويو. تنھن تي محمود، سندس ٻي ڄنگھ به ڀڃي ٿو ڇڏي. ھاڻ ھو، آرام سان ھڪڙي جاءِ تي ويھي سگھي ٿو. ھڪڙي ڄنگھ سان نه ھلي سگھي، نه ويھي سگھي. ھاڻ پردي جي اوٽ ۾ ويٺو شڪار ڪندو.

ھاڻي ميان حامد جو قصو ٻڌو. امينا، سندس آواز ٻڌندي ئي ڊڪندي آئي ۽ کيس ڪڇ ۾ کڻي پيار ڪرڻ لڳي. اوچتو سندس ھٿ ۾ چمٽو ڏسي رڙ نڪري ويس؛ ”ھيءُ چمٽو ڪاٿي ھيو پٽ!؟“

”مون ناڻي ورتو آ، ٽن پئسن ۾.“

امينا ڇاتي ڪٽيندي چيس؛ ”اڙي ڪھڙو نه اٻوجھ ٻچڙو آھين. منجھند اچي ٿي آ. نه ڪجھ کاڌئي نه پيتئي. وري آندئي ته ھيءُ چمٽو؟ ڀريي تري ميلي ۾ تو کي چمٽو مليو، ٻي ڪا شيءِ ڪا نه ھئي!“

حامد شرمساريءَ واري انداز ۾ ڪنڌ جھڪائي چيس؛ ”تنھنجون آڱريون تئي تي سڙنديون آھن نه؟“

امينا جي ڪاوڙ، ھڪدم ٻاجھ واري لھجي ۾ تبديل ٿي وئي. ۽ ٻاجھ به اھا نه جيڪا وات سان بيان ڪري سگھبي آ جيڪا پنھنجو تاثير لفظن ۾ وکيري ڇڏيندي آ. اھا بي زبان شفقت ھئي، جيڪا التجا جي درد ۾ ٻڏل ھئي. اوھ! ڪيڏو نه نفس کي مارجي ٿو. ڪيڏو نه اندر ساڙڻو ٿو پوي. گگدام ويچاري پنھنجي ٻاراڻي شوق کي روڪڻ لاءِ ڪيڏو نه پاڻ تي ضبط ڪيو آ. جڏھن ٻيا ٻار، رانديڪا وٺي رھيا ھوندا، مٺائيون کائيندا ھوندا، ھن جي دل ڪيڏيون نه سٽون کاڌيون ھونديون. ايڏو ضبط، ھن کان ٿيو. ھائو پنھنجي ڪراڙي امڙ جي ياد کيس اتي به آئي ھوندي! منھنجو ٻچڙو ڪيڏي نه منھنجي ڳڻتي اٿس. سندس دل ۾ اھڙو جُھٻو آيو جو ھوند سڄي دنيا جي بادشاھت سندس ھٿ اچي وڃي ته جيڪر اھا حامد تان گھوري ڇڏي. پوءِ تڏھن ھڪڙي دلچسپ ڳالھ ٿي. ڪراڙي امينا، گُڏڙي امينا ٿي وئي. ھوءَ روئي ويٺي. جھول جھلي حامد کي دعائون ڏيڻ لڳي ۽ اکين مان نير جا ڳوڙھا وھائڻ لڳي. حامد انھيءَ راز کي ڪٿي سمجھي سگھندو ۽ شايد ئي ڪي اسان جا پڙھندڙ به سمجھي سگھن.

 

(ماھوار ھمسري حيدرآباد آنلائين جي جون ۲۰۲۵ع پرچي ۾ ڇپيل)


Friday, May 2, 2025

ڀَؤُ - گلزار - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ڀَؤُ

(مختصر ريختا ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: گلزار 

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ڀؤَ کان ھن جون نسون سيٽجي پئي ويون ۽ ويٺي ويٺي گوڏا ائين پئي کڙڪيس ڄڻ مرگهي ٿيڻ واري ھجيس.

شھر ۾ فساد کي ڦھلئي، چار ڏينھن ٿي چڪا ھيا. ڪرفيو جهٽ سوا لاءِ، صبح جو کلندو ھيو، جهٽ سوا لاءِ شام جو. ڪرفيو کلي ته ڪي ٿورا ماڻهو تڪڙ پڪڙ ۾ ڏھاڙي جي واھپي جون شيون وٺي سگھن. ڪي ماڻھو جهٽ پٽ ۾ مار ڌاڙ ڪري وٺن. باھيون ڏين. چاقوبازي ڪري وٺن ۽ ڪي لاشا ڪيرائي وجهن ۽ ڪرفيو شروع ٿيڻ کان اڳي پنھنجن گهرن ۾ پڄي، ٿانيڪا ٿي ويھي رھن. بمبئيءَ ۾ گرم گرم خبرون ۽ گرم گرم خون مسلسل اُڙها پئي. ليڪن ريڊيو ۽ ٽي وي باقاعده انائونس ڪري رھيا ھيا ته شھر جي حالت قابوءَ ھيٺ آھي ۽ حالتون نارمل ٿينديون ٿيون وڃن.

Saturday, March 29, 2025

ھڪڙو جرنيل لائبرريءَ ۾ - اِٽالو ڪيلوينو - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ھڪڙو جرنيل لائبرريءَ ۾

(مختصر اطالوي ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: اِٽالو ڪيلوينو 

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



پينڊوريا جي مشھور قوم ۾ ھڪ ڏھاڙي، اعليٰ حاڪمن جي مغز منجھ اھو شڪ اچي اڀريو ته ڪتابن ۾ اھڙا خيال ملن ٿا، جيڪي عسڪري عزت ۽ وقار جي رد ۾ آھن. اصل ۾ ٿيو ھيئن ته پڇا ڳاڇا ۽ قائم ڪيل مقدمن، انھيءَ مامري جي نشاندھي ڪئي ھئي ۽ اھا اھڙي لھر ھئي جيڪا ماڻھن منجھ ججھي ڦھليل ھئي. انھن سمجھيو پئي ته جرنيل ئي اھي ماڻھو آھن، جيڪي اصل ۾ غلطيون ڪن ٿا ۽ آفتن ۽ جنگين جا ذميدار ٿين ٿا.... ٻيو ته اھو سڀ ڪجھ قوم کي شاندار نصيب ڏانھن نيو نه پيو وڃي ۽ نه ئي قوم کي بچائڻ خاطر ڪيو ٿو وڃي. اھي خيال گھڻن ڪتابن منجھ ساڳيا ئي ھيا، چاھي اھي آڳاٽا ھيا يا ھاڻوڪا، ڪتاب پينڊوريا جا ھيا يا پرڏيھي.

پينڊوريا جو ’جنرل اسٽاف‘ گڏجي ويٺو ته جيئن صورتحال جو جائزو وٺي سگھي. کين، ليڪن اھا سڌ ئي نه ھئي ته ڪاٿان کان شروع ڪجي ڇو جو منجھانئن ڪو به خاص طور تي ڪتابيات جي معاملن کان واقف نه ھيو. تنھنڪري انھن جنرل فيڊينا جي سربراھيءَ ۾ ھڪ انڪوائري ڪاميٽي جوڙي. اھو جرنيل، سخت طبيعت جو ليڪن فرض شناس آفيسر ھيو. انھيءَ ڪميشن کي، پينڊوريا جي مڙني کان وڏي لائبرريءَ ۾ موجود سمورن ڪتابن جي جاچ پڙتال ڪرڻي ھئي.

Sunday, March 2, 2025

پرديسياڻي ماءُ - ڀوديو شرما - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

پرديسياڻي ماءُ

(مختصر ھندي ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: ڀوديو شرما (ڀارت)

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



آشيش دويدي، ھيوسٽن ۾ سالن کان رھندو آ. ھڪ ڏھاڙي ٻڌايائين ته پاڻ گورکپور جو رھواسي آ ته مون به ٻڌايس ته منھنجي وڏي ڀيڻ به اتي رھندي آ، ۽ ڀيڻيويو ديدورت، گورکپور ۾ ماجسٽريٽ آھي. ان کان پوءِ ڀارت ويس ته آشيش، پنھنجي ماءُ لاءِ ٿورو سامان سڙو موڪلڻ چاھيو. مان خوشيءَ سان کڻڻ لاءِ تيار ٿي ويس. مان ھتي ھڪ وڏي ميڊيڪل ڪمپنيءَ ۾، جنھن جون شاخون ڪيترن ئي ملڪن منجھ آھن، ’ريسرچ ۽ ڊولپمينٽ‘ جو ڊائريڪٽر آھيان. اڪثر منھنجو ٻاھر وڃڻ ٿيندو رھندو آ، ٻيو ته ڀارت ڪڏھن ڪڏھن ڊوڙي ڊڪي سال ۾ ٿي ئي ايندو آھيان.

ڀارت پھچي، مون سامان سنيتا ديديءَ کي ڏئي، آشيش جي امڙ کي موڪلڻ لاءِ چيو. نالو ۽ ايڊريس ڏسي ديدورت چوڻ لڳو؛ ”اڙي! ھيءَ ته ريلوي جي رٽائرڊ ڪنٽرولر مسٽر گنگاڌر دويديءَ جي گھر واري آھي. وڏو اوچو خاندان آ، گورکپور جو. مان کين فون ٿو ڪيان. سڀ سندن گھر ھلئون ته ڏاڍو ڀلو ٿيندو.“

Wednesday, February 5, 2025

ھيڻو ھجڻ به عذاب آ - انتون چيخوف - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ھيڻو ھجڻ به عذاب آ

(ننڍڙي روسي ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: انتون چيخوف

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ٿورا ڏينھن ٿيندا جو مون کي آفيس جي ڪمري ۾ گھرايو ويو، جتي منھنجي ٻارن جي اتاليق، يوليا واسيليونا، پنھنجو حساب چڪتو ڪرڻ آئي ھئي.

مون کيس چيو؛ ويھ! يوليا! ... اچ ته پھرين ليکو ٿا ڪيون. تو کي سدائين پئسن جي گھرج پوندي رھندي آ، ليڪن تون ايڏي لڄاري آھين جو زبان سان ته گھرندي ئي ناھين. خير اسان تو سان ٽيھ روبل مھيني جا طئي ڪيا ھيا.“

ڪتابن جا عجيب نالا - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ڪتابن جا عجيب نالا

(ننڍڙي ڪھاڻي)

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ھڪڙي ڇوڪري، پنھنجي پيءُ سان گڏجي، ڪتاب کپائي رھي ھئي.

اوچتو، ھن پريان کان پنھنجي محبوب کي ايندي ڏٺو. دل جو دھڪو تيز ٿي ويس. نيٺ چپن تي شرارتي مرڪ آڻيندي، چيائينس؛ ”ڇا تون ان ڪتاب جي خريداريءَ لاءِ آيو آھين، جنھن جو نالو آ ’بابو، مون سان ساڻ‘ انگريزي ليکڪ شيڪسپيئر اٿس.“

Saturday, February 1, 2025

صبح ساجھر جو منھنجي اک کلي - پطرس بخاري - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

صبح ساجھر جو منھنجي اک کلي

(مختصر ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: پطرس بخاري

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



گدڙ کي کڻي کُٽي ته شھرِ مُنھن ڪري. مون کي به کنيو کُٽيءَ جو ھڪڙي ڏھاڙي پنھنجي پاڙيسريءَ لالا ڪرپا شنڪرجي برھمچاريءَ سان ڳالھ ڳالھ تان چُرندي چئي ويٺس؛ ”لالاجي! امتحان جا ڏھاڙا ويجھا پيا اچن. اوھان اسر ڏئي اٿندا آھيو، سو مون کي به ڀنڀراڪي مھل جاڳائيندا ڪيو.“

ھو حضرت به نيڪين ڪمائڻ لاءِ ڪو آتو ويٺو ھيو، سو ٻئي ڏھاڙي، اٿڻ سان ئي ايشور جو نالو وٺي اچي مون واري دروازي کي مڪن سان ورتائين. جھٽ سوا تائين ته مون سمجھيو، خواب پيو لھان. ھاڻِ ڪھڙي ڳڻتي. جاڳيس ته لاحول پڙھي وٺندس. ليڪن اھا گولا بازي ھوريان ھوريان وئي تيز ٿيندي ۽ سائين منھنجا جڏھن دروازي جي چؤنڪ واريون ڀتيون ڌُڏڻ، گھگھيءَ مٿان اونڌو رکيل گلاس پياني وانگر وڄڻ ۽ ڀت تي ٽنگيل ڪئلينڊر پينڊوليم وانگر جھولڻ لڳو ته سجاڳ ٿيڻو ئي پئجي ويو. ليڪن ھاڻ دروازو آھي جو لاڳيتو وڄائجندو پيو ٿو رھي. مان ته ڇا، مون وارن ابن ڏاڏن جا روح ۽ مون واري ستل قسمت به جاڳي پيا ھوندا. ڀلو آ ته ورندي ڏيانس.