Wednesday, July 2, 2025

سياڻي ٻڍڙي - سيلي جينز - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

سياڻي ٻڍڙي

(مختصر ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: سيلي جينز 

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ، ھن پنھنجي ٽنھي ساٿين کي مانيءَ جي دعوت تي سڏايو. الزامور کي چڱيءَ پر سُڌِ ھئي ته سنگتين کي خوش ڪئي بنا، کانئن ڪم ڪڍڻ ڪيڏو نه ڪٺن آ.

”دوستو!“ ھن پنھنجو جام کنيو. ”اسان ماڻھن پنھنجي منصوبي جو ھر پاسي کان جائزو ورتو آ. ڪٿي به جھول نه اٿس. پوءِ به مون کي خوشي ٿيندي جيڪڏھن توھان جو ڪو پڇيل سوال، ان منصوبي جو ڪمزور پاسو ظاھر ڪري وجھي. ڇا؟ اوھان منجھان ڪنھن کي ڪو سوال پڇڻو آھي؟“




ٽونيءَ چيو؛ ”باس! رڳو ھڪڙو سوال؛ اسان ماڻھو ڪيستائين روڊ کوٽيندا رھنداسين؟“

”بس ٻن ڏينھن تائين.. صبح کان شام تائين، اٺ ڪلاڪ. پر جي ضرورت پئي ته ٿورو وڌيڪ به....“

”ڀلا ڪنھن کي ڪو شڪ شبھو نه ٿيندو. نيٺ اسان ماڻھو، نه ميونسپل ڪاميٽيءَ طرفان ٿا کوٽائي ڪيون، نه واٽر بورڊ جي طرفان، نه گئس ڪمپنيءَ جي طرفان ۽ نه وري ٽيليفون کاتي طرفان. آخرڪار اسان کي روڊ کوٽڻ جو حق ڪھڙو آ؟“

”تو ھڪڙو سٺو سوال اٿاريو آ ٽوني!“ الزامور چيو؛ ”مگر تو اڃا انساني فطرت کي سڃاتو ئي ناھي. ڇا تون روڊ تان ڪڏھن ان وقت لنگھيو آھين، جڏھن ٿورا مزدور روڊ پيا کوٽيندا ھجن؟ ڇا تو به بيھي ڪڏھن کانئن پڇيو آھي ته توھان ماڻھو آھيو ڪير ۽ توھان کي ڪھڙو حق آ؟ ڇا تو ڪڏھن ان قسم جو سوال ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ کي پڇندي ڏٺو آھي؟ ھرگز نه! ڪنھن کي ڪھڙي پئي آ جو پنھنجو ڪم ڇڏي ويٺو ان قسم جا وائڙا سوال پڇي ۽ پنھنجو وقت وڃائي. سڀئي پنھنجي واٽ وَھندا ويندا آھن. بھرحال جيڪڏھن ڪنھن پڇيو به ته جواب ڏيڻ لاءِ مان ويٺو ھوندم. فورمين واري لباس ۾.“

”باس!“ بل جيڪ پھريون ڀيرو ڳالھايو؛ ”اھا ڪا ڀلي ڳالھ ناھي جو تون رڳو بيھي اسان ماڻھن کي ڪم ڪندي ڏسندو رھندين. جڏھن ته اصل محنت اسان ماڻھو پيا ڪنداسين، اھو انصاف ناھي.“

”اصل ڪم آ مغز جو. بھرحال جيڪڏھن پنجاھ ھزار پائونڊن لاءِ اوھان کي ٻه ڏھاڙا کوٽائي ڪرڻي پئي ته آخر ان ۾ حرج ڪھڙو آ؟ ٿوري ٿڪي ورزش ئي ٿي ويندي، ٻيو ڇا؟ وٺو! ھيءُ انگورَ کائو!“

پوءِ ھن ميز تي مڪ ھڻي ڪڍي. اھو ان ڳالھ ڏانھن اشارو ھيو ته ھاڻي ھيءَ محفل برخواست ٿي ڪجي... ۽ سڀاڻي کان ڪم شروع ٿي ويندو.

ڪرزن اسٽريٽ جي وچ تي انٽرنيشنل بئنڪ جي فارين ڪرنسيءَ جي شاخ ھئي. الزامور، روڊ جي کوٽائيءَ لاءِ ضروري سامان پھچائي ڇڏيو ھيو. اتي روڊ جي ٻنھي پاسي، ٻه بورڊ به لڳل ھيا جن تي لکيل ھيو؛ ”خطره! ھتي مزدور کوٽائي پيا ڪن.“ متاثر ايراضيءَ جي چوڌاري ريلنگ پڻ لڳائي وئي ھئي ۽ چئن ڳاڙھين بتين جو بندوبست پڻ ٿيل ھيو.

”ياد رکو!“ الزامور، مزدورن کي مخاطب ٿيندي چيو؛ ”ڇھن فوٽن جي کوٽائيءَ کان پوءِ، ھڪڙو پائيپ نظر ايندو. توھان جو ڪم اھو آ ته ان پائيپ جي پاسي سان کوٽائي ڪندا ھلجو، ڇو جو اھو رستو بئنڪ جي خزاني جي فرش تائين پھچندو آ. اسان کي سڀاڻي شام تائين، ان ھنڌ تي پھچي وڃڻ گھرجي. تيستائين بئنڪ به بند ٿي چڪي ھوندي ۽ عمارت صفا خالي ھوندي.“

مانجھاندي ڪرڻ شرط ئي مزدور وٺجي ويا ھيا. آرام ڪرڻ لاءِ مھلت گھريائون، ليڪن الزامور ٺپ جواب ڏنن. ڪم کي ھلندو رکڻ، اشد ضروري ھيو. پوءِ ته شام ٿي وئي. الزامور، موڪل جو اعلان ڪيو؛ ”اسان کي اڄ ھيستائين کوٽائي ڪرڻي ھئي! نه ڪري سگھياسين. ان ڪري سڀاڻي توھان کي وڌيڪ پورھيو ڪرڻو پوندو. ھاڻ، توھان گھر وڃو ۽ وڃي آرام ڪيو.“

ٻئي ڏينھن صبح جو ھڙ ماڻھو پنھنجي ڪم تي پھچي چڪا ھيا. کوٽائي ڏاڍي سخت ھئي، ڇو جو پٿريلي زمين جي کوٽائي ڪرڻ سولو ڪم نه ھيو. بئنڪ جي پيڙھ گھڻي گھري ھئي. بھرحال شام جو پنجين بجي تائين پلان جي مطابق کوٽائي مڪمل ٿي چڪي ھئي. ھاڻ کين صرف انتظار ھيو ته بئنڪ بند ٿئي ۽ سڄي اسٽاف جا ماڻھو ھليا وڃن.

شام جو ساڍي پنجين بجي تائين، اسٽاف جو آخري ھمراھ به وڃي چڪو ھيو. بئنڪ جي سمورن دروازن کي تالا لڳي چڪا ھيا. ھڪ ڀيرو ٻيھر کوٽائي شروع ٿي وئي. بئنڪ جي فرش جي ھيٺئون، الزامور ڳاڙھيون بتيون ٻاري ڇڏيون ته جيئن ٽرئفڪ ٻئي پاسي کان لنگھندي رھي. سوا ڇھين بجين تائين فرش ۾ ايترو ڳِڙکڙو ٿي چڪو ھيو جو ھڪڙو ڄڻو سولائيءَ سان منجھانئس لنگھي وڃي. سڀ کان پھرين انھيءَ ڳڙکيءَ مان ٽونيءَ کي اندر اماڻيو ويو. کيس تالن ڀڃڻ جا اوزار ساڻ ھيا. سندس پٺيان جيڪ ولن کي ۽ آخر ۾ الزامور پاڻ گھڙي ويو. الزامور جي ٻنھي ھٿن ۾ وڏي پاور جون ٽارچون ٻري رھيون ھيون.

ليڪن چئني جون اکيون ڦاٽل ئي رھجي ويون. پوليس کين ڪڙو چاڙھي چڪي ھئي. پوليس سان گڏ اھا ٻڍڙي به ساڻ ھئي جيڪا روڊ جي پاسي ۾ ويھي ٻارن لاءِ کاڌي پيتي جون شيون ۽ رانديڪڙا کپائيندي آھي.

الزامور، وڏي حيرت مان سپاھين کي ڏٺو، ليڪن ڪنھن سپاھيءَ جي ڳالھائڻ کان اڳ، اھا ٻڍڙي عورت اڳيان آئي ۽ مرڪي چئني ڏوھارين کي ڏٺائين ۽ سوڀائتي انداز ۾ کين چيائين؛ ”مون ئي ھنن کي ٽيليفون ڪئي ھئي ته ھتي ڪا وڏي گڙٻڙ ٿي لڳي. ان شڪ جو سبب اھو ھيو ته توھان ماڻھو عام مزدورن کان وڌيڪ ھٽا گھٽا ۽ چالاڪ پيا نظر اچو. توھان جھٽ پلڪ به اجايي نه وڃائي آ. توھان منجھان ڪنھن ھڪ به، ڪو سگريٽ به نه پيتو آ. مانجھاندي ڪرڻ خاطر به ڪم بند نه ڪيو اٿَوَ. وري مڙني کان وڏي ڳالھ اھا ته اوھان جو فورمين ھر ماڻھوءَ سان ڏاڍي نرمي ۽ شائستگيءَ پيو ڳالھائي. ان ڳالھ مان اھو ته چٽو پٽو ظاھر ھيو ته اوھان ماڻھن، پنھنجي ڪنھن ذاتي فائدي لاءِ ڪم پئي ڪيو.“

 

(ابوالفرح ہمايون، ڪراچيءَ واري جي اردو ترجي تان کنيل)

(ماھوار ھمسري آن لائين حيدرآباد جي جولاءِ ۲۰۲۵ع واري شماري ۾ ڇپيل)


No comments:

Post a Comment