Sunday, August 23, 2015

اجورو - رام جوهراڻي

اجورو
رام جوهراڻي
ممبئي مهانگر جي پاسي واري هڪ بستيءَ ۾ سيٺ نارائڻداس رهندو هئو، جنهن جو ممبئيءَ ۾ ڏاڍو سٺو بزنس هلندڙ هئو. نارائڻ داس نيڪ انسان هئو ۽ پنهنجي فطرت موجب هر ضرورتمند جي وقت آهر مدد ڪندو رهندو هئو. پر ڀلائيءَ جا ڪاريه ڪندي، سيٺ کي پنهنجي نالي جي به هوندي هئي ۽ جتي به ڪجهه مالي مدد ڪندو هئو ته اُتان موٽ جي تمنا ضرور رکندو هئو. ڪنهن اسڪول تي پنهنجو نالو لکارائيندو، ڪنهن اسپتال جي روم تي پنهنجي نالي جو پٿر لڳارائيندو ۽ ڪنهن فنڪشن ۾ ويندو ته مکيه مهمان ۽ مهمان خصوصي ٿيندي هار ۽ مالهائون پائيندي بيحد تسڪين ماڻيندو هئو.


نارائڻداس کي سماجي بهبوديءَ جا ڪم ڪندي ۽ پنهنجي ساراھ ٻڌندي ايترو ته مصروف رهڻو پيو، جو پنهنجي آفيس ڏانهن به ڌيان ڏيڻ گهٽائي ڇڏيائين. هر هنڌ سيٺ نارائڻداس جي واھ واھ لڳي پيئي هوندي هئي. ٻولڙيا اڳيان پويان پيا ڦرندا هئا ۽ هيءُ ان ۾ ئي پورو لڳو پيو هوندو هئو.
چوندا آهن ته؛ انسان ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾. سڀ ڏينهن هڪ سمان ڪو نه هوندا آهن. نارائڻداس کي به ڪجهه اهڙا ئي ڏينهن ڏسڻا پيا. شيئرس بازار جي اوچتو گهٽجڻ تي، هن جي آفيس کي پيسي جي ڏاڍي ڇڪ ٿيڻ لڳي. وري جو ڪِريل شيئرس بازار مان به ڌڙو گهٽائڻ لاءِ نارائڻ هِتان هُتان قرض کڻي ٻيا به شيئرس ورتا، ته هن دفعي بجاءِ ڌوڙ گهٽجڻ جي مارڪيٽ اڃا به وڃي ترو ورتو.
ڳالهه جو هُلاءُ ٿيو ته نارائڻداس جي دروازي تي لهڻيدارن جون قطارون لڳي ويون. هُن پنهنجي عزت بچائڻ لاءِ هڪ هڪ شيءِ وڪڻي سمورا قرض لاٿا، پر کيس اهڙا ڏينهن ڏسڻا پيا جو هاڻ ته کائڻ به ڀاري ٿي پيو. آفيس بند ٿي ويئي، بنگلو وڪامجي ويو. آخر گهر جو ڪارخانو هلائڻ لاءِ نارائڻداس اچي هڪ بئرڪ ۾ رهيو ۽ سوچيائين ته هاڻ هن شهر ۾ ته ڪو ننڍو ڪم ڪري ڪو نه سگهبو، سو هُو روز پنهنجي ڌرمپتنيءَ کان سنبوسا ٺهرائي، ٿالهه کڻي، ڀر واري ڳوٺ ۾ ڪنهن سئنيما ٻاهران وڃي روزگار ڪرڻ لڳو.
هڪ ڀيري سئنيما ۾ ڪنهن نئين فلم لڳڻ سبب، نارائڻ جا سنبوسا جلد ئي کپي ويا. هُو پنهنجو ٿالهه ۽ ڇٻو سنڀالي رهيو هئو، جو هڪ درويش اچي اتان لانگهائو ٿيو ۽ نارائڻ کي پيسا ڏيندي ٻه سنبوسا گهريائين. نارائڻ بيوسيءَ وچان کيس ٻڌايو ته سنبوسا ته سڀ ختم ٿي چڪا آهن. اهو ٻڌي درويش چيو ته؛ ”ابا!ٺيڪ آھ، جي سنبوسا نه آهن ته پاڻي پي گذران ڪبو. ايترا پيسا ته آهن ڪو نه جو ڪنهن هوٽل تي وڃجي.“
نارائڻ کان رهيو نه ويو. هُن ڇا ڪيو، جو پنهنجي هڙ مان چار ڦلڪا ڪڍي درويش کي ڏيندي چيو، ته؛ ”سائين! ڀڳوان الائي ڪهڙي ڳالهه ۾ راضي آهي جي اوهان کي بک لڳي آهي ته اِجهي هيءُ منهنجا چار ڦلڪا آهن، ٻه اوهين کائو ۽ ٻه مان ٿو کاوان. مڙيو ئي هيانءُ جهل ٿي پوندي!“ درويش اهي ٻه ڦلڪا کائي، بک مٽائي، کيس دعائون ڏيندو هليو ويو.
اوچتو هڪ ڏينهن شهر ۾ پڙهو ڏنو ويو ته جهولي لال مندر ۾ هڪ الهه وارو سنت آيل آهي، جنهن پاڻ سان سڀني جي دان ڌرم جو ليکو چوکو گڏ آندو آهي. جنهن به جيترو به دان پڃ ڪيو آهي، کيس ان جو اوترو اجورو ڏنو ويندو! ماڻهن پڙهو ٻڌي، وڃي مندر ۾ سنت وٽ لائين لڳائي. نارائڻ جي ڌرمپنتي به سائينءَ جا شڪرانا مڃيندي، اچي گهوٽ کي ٻڌايو ته جلدي اُٿو! مندر ۾ هلي سنت کان پنهنجي هيڏن سارن شڀ ڪرمن جو اُجورو وٺو!
نارائڻ به نه ڪئي هم نه تم. يڪدم ڌرمپتنيءَ کي ساڻ ڪري، وڃي اُن مندر واري لڳايل لائين ۾ بيٺو. ڇا ڏسي ته جنهن ننڍا ننڍا ڪم به مس ڪيا هئا، سنت انهن کي به چڱو ئي اجورو ڏيئي رهيو هئو. نارائڻ کي ڄڻ اميد جو هڪ نئون ڪرڻو نظر آيو. هن ڌرمپتنيءَ کي چيو ته؛ سٽ ڏيئي گهران وڃي ٻه ٽي ڳوڻيون کڻي اچي، هُن ته هيڏا سارا خير جا ڪم ڪيا هئا. آخر جڏهن سچ پچ نارائڻ جو وارو آيو ته سنت پنهنجي بنديءَ ۾ سندس دان ڌرم جو حساب ڏسي ٻنهي زال مڙس کي ڪي ٿورا پيسا مس هٿ تي رکيا. تڏهن نارائڻ اُتاولو ٿيندي سنت کي چيو، ته؛ ”سائين! ان بنديءَ ۾ چڱيءَ طرح ڏسو، منهنجو نالو سيٺ نارائڻداس روچلداس آسناڻي لکيل هوندو! مون گهڻيئي ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا آهن. ڪٿي غلط کاتو ته ڪو نه ڏسي رهيا آهيو! مون کي ”دان-وير“ نالي به سڏيندا هئا، ڪٿي ان اڪائونٽ ۾ نه لکيل هجي!
سنت کيس مسڪرائيندي چيو ته؛ ”بابا! تون به صحيح آهين ۽ هيءُ اڪائونٽ به صحيح آهي، پر اُجورو نڪام شيوائن جو ڏنو ويندو آهي! اڳ اوهان جنهن اسپتال ۽ جنهن اسڪول کي چندو ڏنو، اُتي پنهنجي نالي جو پٿر لڳارائي ڇڏيو. ڪنهن فنڪشن تي ويا ته مکيه مهمان طور عزت ماڻي ۽ مالهائون پارائي حساب صاف ڪري ڇڏيو. هيءُ جيڪو ٿورو گهڻو اجورو اوهان کي ملي رهيو آهي، اُهو انهن ٻن ڦلڪن جو آهي جي ڪجهه ڏينهن اڳ اوهان هڪ درويش کي کارايا هئا!“ اِهو ٻڌي نارائڻ ۽ سندس ڌرمپتنيءَ جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا ۽ هميشه لاءِ بي لوث خدمتن جو پهه  ڪيائون!

No comments:

Post a Comment