Sunday, August 23, 2015

حواسن جي سرحد کان اڳتي - مختيار جاگيراڻي

حواسن جي سرحد کان اڳتي
مختيار جاگيراڻي
ڏينهن جا يارنهن ٿيا هئا. گرمي، سخت گرمي، ڌرتي ٽامو لڳي پئي هئي، صفا ڪانءَ جي اک پئي نڪتي.
شايد اهو سڀ ڪجهه ان وڻ، گھاٽي وڻ جي وڃڻ ڪري ٿيو هو. ها بلڪل ڌرتيءَ تان وڻ جو وڃڻ ئي ان ڪري هوندو آهي ته جئين الميا جنم وٺن.
وڻ جو وڃڻ المين جي نشاندهي ڪندو آهي.


پر هو ته اڃا ويو ئي مس هو. هن جي خاڪ ئي ٿڌي ڪا نه ٿي هُئي. آءٌ به ان تي سوچڻ روئڻ لاءِ ريل بند (جنهن تي هاڻ ريل ناهي هلندي) تي وڃي پڳو هئس. اُس، ڪاري اُس! ۽ اکين مان لڙندڙ لڙڪ.
گھمندي گھمندي خبر ئي ڪا نه پئي ته ٽي، منجھند جا ٽي ٿي ويا.
اوچتو اوندهه، ڏسڻ ۾ مٿان پي آئي پر آئي الائي ڪٿان پي؟
اڪيلائيءَ کان خوف کائيندي وڃي هڪ وڻ جو پاسو ورتو، وڻ اهڙو وڻ جنهن جا پن اُس جھولي ساڙي/ سڪائي ڇڏيا هئا.
بغير پنن جي وڻ، وڻ گھٽ عجوبو وڌيڪ پي لڳو. ان هوندي به ان کي چنبڙڻ ۾ عافيت سمجهيم، وڻ کي چنبڙندي هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيرائيندي ڏسڻ جي ڪوشش ڪيم.
هٿ، خوفناڪ هٿ، کليل هٿ، عجيب وغريب هٿ، ڀوائتو هٿ، هٿ هيو به يا ٻيو ڪجهه! پر مون هٿ سمجهيو.
جيئن جيئن ويجھو ايندو ويو تيئن تيئن خوف ۽ اوندهه جا پاڇا به ويا پي وڌندا.
گھرن اندر ٿڌين مشينن ۾ ويٺل بي خبر ماڻهو شايد اڃا بي خبر هئا. توڙي جو بي خبريءَ وارو عذاب، روحن ۾ ڪنڊا پوکي ويندو آهي. پر پاڻ وٽ روح ڪٿ بچيا آهن!
اڃا ان خيالن مان نڪتو ئي نه هئس ته پريان آواز... . ڀائو... . اي ڀائو ڀڄ... .
هاڻ ڪاڏي ڀڄان... . ڀڄڻ جو ته وقت ئي نڪري چڪو هو.
ويتر وڻ کي زور ساڻ چنبڙندي نهاريم، اوندهه! عجيب اوندهه! اوچتي اوندهه! ماڻهن جون وايون بتال ڪري ڇڏيندڙ اونداهه!
افراتفريءَ جو عالم، هر طرف رڙيون ۽ ڪوڪون. ڀڄ ڀڄان؛ ابا ڙي! گھوڙا ڙي! هي ڇا ٿي ويو؟
ٻيون راهون رد ڏسي، هر ڪو پنهنجن گھرن طرف ڊوڙڻ لڳو. پر اهڙين حالتن ۾ ماڻهوءَ کان ڪٿ ٿو پنهنجو گھر لڀي. ان هوندي به ڀڄ ڀڄان! ڪيترا ٻارن وارا ته سڃاڻپ سواءِ ٻين جا ٻار ڪلهي تي کنيون ٿي ڀڳا.
ماڻهو ڀڄي ڀڄي وري به ساڳي هنڌن تي پي آيا. ڄڻ رستا ڄاڻي واڻي ماڻهن کي ڀلائي رهيا هئا.
هاڻ ڇا ٿئي؟ سڀ جو سڀ سڪتي ۾. وات پٽجي وين، اکيون فوٽارجي وين. پيرن پنڌ ڇڏي ڏنن.
هاڻ اهڙي حالت ڄڻ نانگ ڪکي وين، ماڻهو، بي ساها ماڻهو... . افعالن جا ماريل ماڻهو... . پنڊ پهڻ ماڻهو... . ايتري ۾ ڀڻڪو... . قيامت.
پوءِ ته هر هڪ وات تي قيامت جا آواز. جڏهن اُهي آواز، گھٽين کان ٿيندا گھرن ۾ پڳا ته هر طرف ڪهرام! رڳو آواز
قيامت... ... .. قيامت... ... .. ھاڻ گهرن وارن کي ٿڌيون مشيون، باهه وسائيندي نظر آيون... . ڪنهن کي به ڪجهه ياد نه رهيو. مردن توڙي ماين، ٻارن توڙي ٻڍن جي هٿن ۾ مقدس ڪتاب. هر طرف هٿ ئي هٿ. ميندين وارا، ڳانن وارا، پتڪڙا، ڏڪندڙ ۽ دبرا هٿ، هٿ ئي هٿ... ... .
پر هاڻ هٿ ڪير ڏسي، مٿان ڏسڻ واري کي به رڳو ڪتاب، مقدس ڪتاب نظر آيا.
جڏهن ڏسڻ واري هٿ نه ڏٺا ته هٿ پنهنجون معنائون وڃائي ويٺا. هٿ ڪنهن ڪم جا نه رهيا.
هٿن کانپوءِ، آوازن جو وارو هو. هڪ وقت ۾ ايترا آواز، ڪير سمجهي. سمجهڻ واري کي به سمجهه ۾ نه پي آيا.
هي آواز گھٽ، ڌمچر وڌيڪ پي لڳو. ڪنهن وٽ به ڪجهه نه بچيو، سواءِ بي وسي جي. بي وسي! صرف بي وسي!
جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن تيئن هٿ آيو وڌندو. ايتري تائين جو اچي امڙ جي نڙيءَ ۾ کتو.
ڪنهن ڏٺو، ڪنهن به نه، پر امڙ جي دليون ڏاريندڙ دانهن تي سمجهيوسون ته آفت اچي وئي. دانهن تي اڃا ڪن وک وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ئي مس ته ڪنهن آڱوٺي نما شيءِ سان زوردار ڌڪو ڏيندي، ماءُ کان ڌڪي ڌار ڪري ڇڏيو. ماءُ کان ڌار ٿيندي ئي، پاڻ کي ڪنهن پاتال ۾ پاتوسون. گھٽ، ٻوسٽ، عجيب و غريب غار، هڪ ٻئي مٿان سٿيل سر. مير، پير، هاري، ناري، مزدور، ملازم، ٻڍا، ٻار، ڪتا ۽ ٻلا سڀ جو سڀ هڪ هنڌ اڇلايل.
اونڌا، سنوان، ابتا، سبتا سِر. سڀن سان ڪتن واري ڪار، بس رڳو دانهون ڪوڪون؛ ابا ڙي! گھوڙا ڙي! بغداد ڙي هي ڇا ٿي ويو؟
ماڻهو، لکين ماڻهو، نه زنده نه مرده. ڄڻ بليڪ هول ۾ اڇلايل. پر هي بليڪ هول به نه هو، الائي ڇا هيو؟ نه ڪو سارڻ وارو، نه سنڀالڻ وارو. هر ڪو پنهنجي پِٽڪي ۾.
اهڙي عجيب صورتحال ۾ به ماءُ جو خيال. ماءُ، منهنجي ماءُ، جيڪا مون کان گھڻو تمام گھڻو پري ڪئي پي وئي. ان ٻڏ تر ۾ هڪ آواز، ڪائنات کان وڏو آواز، خوف جو آواز، جنهن ساهه سڪائي ڇڏيو چؤطرف خوف ئي خوف. صفا هو جو عالم.
ماءُ کي آخري ڀيرو ڏسڻ جي خواهش. خواهش سان گڏ ڪوشش. سا به اک ٽيٽ سان. پر خوف، اڳيان ڀت بڻجي بيهي رهيو. ان هوندي به ٻيهر ڪوشش.
عڪس، ڌنڌلو عڪس، چؤکنڀي ٻڌل ماءُ جو عڪس. اڃا اڳيان آيو ئي مس ته ٻه اڀيون آڱريون، سخت لوهه کان به وڌيڪ سخت، نوڪدار آڱريون، اچي اکين ۾ کتيون. رڙ نڪري وئي. وڏي رڙ، ايڏي وڏي رڙ، جيڪا شايد ٻين سمورن گرهن تي رهندڙن ته آسانيءَ سان ٻڌي هوندي پر.
پنهنجي ڀرپاسي وارن مان، ڪنهن به ڪا نه ٻڌي. رت ٺينڍيون ڪري وهڻ لڳو. اکين اڳيان اوندهه سان گڏ درد جو احساس شديد تر ٿي ويو.
هاڻ لڳو درد، اوندهه ۽ مان. اکين تي هٿ رکڻ جي ڪيم پر پنهنجا هٿ ڪراين کان ڪپيل لڳا. دانهن ٻاهر نڪرڻ بجاءِ اندر جو رخ ڪيو.
کرڙيون هڻڻ گھريم پر پنهنجا پير چوري نه سگھيس، ۽ پوءِ بي وسيءَ جي سمنڊ ۾ غوطا کائڻ شروع ڪيم. ته ايتري ۾ آواز. شايد الهامي آواز هو يا مون ائين سمجھيو.

بس آواز
هن الائي ڇا پي چوڻ چاهيو. پر مون ائين سمجھيو ته چئي رهيو هجي وڻ کان سواءِ الميا جنم وٺندا آهن. ۽ پوءِ بس الميا... .. الميا... .. الميا... .. الميا... ... ..


No comments:

Post a Comment