Sunday, November 25, 2012

اَڇي ڌرتي - رياضت ٻرڙو


اَڇي ڌرتي
رياضت ٻرڙو
رات جا نوَ ڪو اهڙو وقت ناهي، جو هروڀرو زال مڙس کي دير سان گهر اچڻ تي رهڙ ڪڍي يا ماءُ پنهنجي ڪنواري نوجوان پُٽڙي کي نرڙ تي پيار مان مِٺي ڏئي وقت سان گهر اچڻ جو تاڪيد ڪري، پر احمد ايئن ڀائيندو آهي ڄڻ رات جو نائين وڳي تائين گهر پهچڻ، سندس ٻارن پاران ڏيهاڙي جاري ٿيندڙ اهڙو حڪم آهي جنهن کي شايد موت به ٽاري نه سگهندو، توڙي جو ان حڪم نامي تي احمد جي رضامنديءَ جون ٻه صحيحون به ٿيل آهن. تنهنڪري جيئن ئي واچ جون سُيون ساڍي اٺين وڳي کان اڳتي چُرڻ لڳنديون آهن، احمد کي به گهر پهچڻ جو خيال ٿيڻ لڳندو آهي، پر اڄ اتفاق اهڙو ٿيو جو احمد دوستن ۾ گهيرجي ويو ۽ جڏهن هُو پاڻ ڇڏائي گهر پهتو ته نوَ لڳي پنجٽيهه منٽ ٿيا هئا. هن هورڙيان پنهنجيءَ زال کان ڌيءُ بابت پڇيو، ته هُن ٻڌايس، ’تنهنجو انتظار پئي ڪري.‘
’۽ فاضل؟‘ احمد وري زال کان پڇيو.
’اُهو ننڊ پيو آ.‘


احمد تکو تکو پنهنجن ٻارن جي ڪمري ۾ گهڙيو ته کيس ڏسي، سندس ڌيءُ ڪاوڙ مان منهن گهنجايو.
احمد مرڪي پيو. ’پرڀات!‘ هن ڌيءُ کي در وٽان ئي سڏيو، پر پرڀات ڪمبل ڇِڪي پنهنجو منهن لڪائي ورتو.
’او هو ! چئبو ته پنهنجي بابا کان ڪاوڙ آ!‘ احمد وڌي اچي، پرڀات جي کٽ تي ويهندي چيو.
ڀرسان پيل ٻيءَ کٽ تي سندس اٺن ورهين جو پٽ ننڊ پيو هو.
پرڀات چُپ رهي.
احمد پرڀات جي منهن تان ڪمبل پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته پرڀات ڪمبل کي پنهنجن ننڍڙن هٿڙن سان سوگهو جهلي ورتو.
’ڇا سچ پچ ڪاوڙ آ، پرڀات!؟‘
پرڀات ڪمبل اندران ئي هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
احمد کان ٽهڪ نڪري ويو. پرڀات منهن تان ڪمبل پري ڪري، منهن گهنجائي، احمد کي ڏٺو.
’ائي! ايڏي ڪاوڙ!‘ احمد کلندي، ڪوڙي حيرت مان چيو.
پرڀات به کِلي پئي. هن احمد کي چيو، ’بابا! اڄ وري دير ڪري آيا آهيو.‘
’آءِ ايم ساري، ماءِ ڊاٽر!‘ احمد هڪدم ٻانهون ٻڌي چيو.
’قبول ڪجي ٿي، پر ...‘ پرڀات هاسيڪار چپ ٿي وئي.
’پر ڇا، پرڀات!‘
’ڏنڊ ضرور لڳندو.‘ پرڀات مرڪي چيو.
’جلدي حڪم ڪيو، شهزادي صاحبه! مون کي ماني به کائڻي آهي، ڇو ته ڏاڍي بک لڳي آهي.‘
’ڏنڊ اهو آ ته اڄ هڪ بدران ٻه آکاڻيون ٻُڌايون وڃن.‘
’في الحال اهو ناممڪن آهي، شهزادي صاحبه! ڇاڪاڻ ته توکي پنجن ڏينهِن کان پوءِ خميس تي ستين درجي جي پهرين ٽيسٽ ڏيڻي آهي ۽ ان ۾ پهرين پوزيشن به کڻڻي آهي.‘
’پر بابا!‘ پرڀات منهن ڀيلو ڪندي چيو، ’ٽيسٽ ۾ اڃا پڪا پنج ڏينهن پيا آهن ۽ ٽيسٽ آهي به سولي.‘
’ٽيسٽ ڪيڏي به سولي ڇو نه ھجي، پر پنج ڏينھن ان جو مُدو مقرر آھي. اھا ڪا ون ڊي مئچ ناھي جو ھڪڙي ئي ڏينھن ۾ خلاص ڪري ڇڏجي.‘ احمد کلندي چيو.
’اوھه بابا!‘ پرڀات ويچارائپ مان چيو، ’مان توھان سان پُڄي نٿي سگھان.‘
’مون سان في الحال پنھنجي ماءُ کي پڄڻ ڏي، ماءِ ڊاٽر!‘
’جي! پرڀات حيران ٿي پڇيو، ’ڇا چيوَ؟‘
’چيم اھو ته تو لاءِ ٻي آکاڻي پنھنجي ذھن جي لاڪر ۾ رکي ٿو ڇڏيان، ايندڙ جمعي تي اھا تنھنجي خدمت ۾ پيش ڪبي.‘
’اڄ ٻڌايو نه بابا! پليز!‘
’پوليس جي آکاڻي جمعي تي، اڄ توکي ھن دنيا جي تمام خطرناڪ آکاڻي ٿو ٻڌايان.‘
’تمام خطرناڪ! پرڀات ڪلھا سوڙھا ڪندي چيو، ’پر بابا! آکاڻي تمام خطرناڪ ڇو ٿيندي آھي؟‘
’ان ڪري ڌيءُ، جو آکاڻيءَ جا ڪردار خطرناڪ ٿيندا آھن. احمد وراڻيو، ’چڱو، ھاڻي ڌيان ڏئي ٻُڌ! ‘
ھا بابا! پرڀات ڪن لائيندي چيو.
’ھيءَ دنيا جيڪا آھي، احمد آکاڻي ٻڌائڻ شروع ڪئي، ’جنھن تي اسين رھون ٿا، ڪنھن ٺاھي ھجي يا نه، پر ان جا ڊاھيندڙ تمام گھڻا آھن.‘
’ھان، بابا؟!‘ پرڀات حيرت مان چيو.
’ھا پرڀات!‘
’اھي ڪير آھن، بابا؟‘ پرڀات پڇيو.
’اھي ھن دنيا جا ڪجھه ملڪ آھن، جيڪي دنيا جي ٻين ملڪن تي پنھنجو قبضو ڪرڻ لاءِ، پنھنجي ھَلنديءَ لاءِ، سازشون ڪن ٿا، جنگيون لڳرائن ٿا، سيڪنڊن ۾ شھر ۽ ماڻھو ختم ڪندڙ ھٿيار استعمال ڪرائن ٿا ۽ ڪن ٿا. توکي مون ٻي مھا ڀاري جنگ جي ڪٿا ٻڌائي آھي ته ڪيئن جرمنن ۽ جپانين دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن سان جنگ جوٽي ھئي جنھنڪري لکين ماڻھو مري ويا ۽ لکين معذور ٿي ويا. جيڪڏھن اڳوڻِي سوويت يونين جرمنن سان منھن نه ڏئي سگھي ھا ۽ آمريڪا انتھائي بيدرديءَ ۽ ظلمي طريقي سان ئي سھي، جپان جي ٻن شھرن مٿان ايٽم بم نه ڪيرائي ھا ته ھيءَ دنيا ٻي عذاب ۾ ھجي ھا، توڻي جو ھاڻ وري ٻين طريقن سان دنيا جي اڪثر ملڪن کي قبضي ۾ ڪري سامراجي ۽ سازشي ملڪ پنھنجا فائدا پيا حاصل ڪن.‘
’اھو وري ڪيئن، بابا؟‘ پرڀات سوال ڪيو.
’اھو طريقو ته پراڻو آھي، پر ٿئي وڏي پئماني تي ٿو، يعني ملڪن کي قرض ڏئي پنھنجن فائدن لاءِ استعمال ڪرڻ، پوءِ ڀلي ته ڇو نه انھن ملڪن جو عوام ٻه ويلا کائڻ لاءِ سڄو ڏينھن گڏھن وانگر ڪم ڪري، پر پوءِ به ھڪ ويلو مسَ کائي سگھي.‘
’بابا! پرڀات چيو، ’پر انھن ملڪن ۽ ماڻھن جو ڇا ٿيندو؟اسان جو ملڪ به ته قرضي آھي نه؟‘
’ھا، ڌيءُ!‘ احمد وراڻيو، ’اسان جو ملڪ به قرضي آھي. اسان جو عوام اڃا وڌيڪ غريب ٿيندو ٿو وڃي ۽ ڪي چند ماڻھو ٺڳيءَ جي طريقن سان شاھوڪار ٿيندا ٿا وڃن. خير! ان ڳالھه کي تنھنجي لاءِ ٿورن لفظن ۾ ٻڌائي نٿو سگھان، پر انھن سڀني مسئلن ۽ سامراجي ۽ سازشي ملڪن کي منھن ڏيڻ لاءِ ضروري آھي ته اسان اعليٰ ترين تعليم  ۽ سکيا حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيون، ڇاڪاڻ ته تعليم اسان کي شعور، سمجھه ۽ پروڙ ڏيندي آھي، جنھنڪري ماڻھو نه رڳو پنھنجو چڱو ۽ لڱو سمجھڻ لڳندو آھي پر پاڻ سان ٿيندڙ ويڌنن کي ختم به ڪري سگھندو آھي. اھا ڳالھه تون ائين به سمجھه ته جڏھن آمريڪا جپان جي شھرن تي ايٽم بم ڪيرائي، جپان جي چيلھه ڀڃي وڌي ھئي ته پوءِ جپانين پھريون ڪم اھو ڪيو جو انھن تعليم ۽ سکيا ڏانھن لاڙو ڪيو، جنھن جو نتيجو اھو نڪتو آھي جو ھاڻ جپاني ان ئي آمريڪا کان گوءِ کٽڻ جي ڪوشش ۾ آھن ۽ ڪيترن ئي معاملن ۾ ته اھي آمريڪا کان به اڳ ڪڍي ويا آھن. ان کان سواءِ منھنجي پياري ڌيءُ! تعليم اسان کي امن ۽ ڀائپيءَ سان رھڻ جو درس ڏئي ٿي. اھو ئي سبب آھي جو مون کي اڇو رنگ وڻندو آھي.‘
’اڇو رنگ!‘ پرڀات، جيڪا ڌيان سان ٻُڌي رھي ھئي، حيرت مان چيو، ’اڇي رنگ جو وري امن سان ڪھڙو ڪم!؟‘
’ڏس تون منھنجيون ڳالھيون وساري ٿِي ڇڏين نه!‘ احمد ڪجھه ڏک مان چيو،’مون توکي رنگن بابت ٻڌايو ھو ته سائو رنگ ساوڪ جو، ڳاڙھو انقلاب جو، ڪارو ڏک جو ۽ اڇو امن ۽ سک جو اھڃاڻ آھي. ان ڪري ئي مون ھن گھر جي سڀني ڀتين، ڇتين، ٽيئرن ۽ گارڊرن، درن، درين ۽ ڪٻٽن، مطلب ته لڳ ڀڳ ھر شي جو رنگ اڇو يا ميرانجھڙو اڇو ڪرايو آھي.‘
’مان سمجھي ويم، بابا!‘ پرڀات چيو.
’پر اھو ياد رکجانءِ ته پنھنجين شين کي اڇو ڪرڻ سان اُن ھنڌ امن ۽ ڀائپي ڪو نه ٿي سگھندي آھي پر ان لاءِ به جدوجھد جي گھرج پوندي آھي، گھڻ پاسائين جدوجھد جي. ايئن سمجھه ته اھا اڇي رنگ جي مُھم پاڻ وٽان شروعات آھي ان ڪم جي، جيڪو سڀني کي فائدو ڏيندو، ڇو ته جيستائين اسان ٻئي جو چڱو نه سوچينداسين تيستائين اڳلو به اسان جو چڱو سوچي نه سگھندو، اھا ھڪ قسم جي سماجي ريت به آھي. چڱو ڌيءُ، تون ھاڻي ننڊ ڪر!‘ احمد اٿندي چيو، ’وقت به چڱو ٿي ويو آھي ۽ ھي ڳالھيون کٽڻيون به نه آھن، تنھنڪري مان ٻيھر چڪر تي اچان، ته تون سمھي چڪي ھجين. ٺيڪ آ نه؟‘
’ٺيڪ آ، بابا!‘ پرڀات وراڻيو،’گڊ نائيٽ، بابا!‘
’گڊ نائيٽ، پرڀات!‘
احمد ڪمري مان نڪري ويو. پرڀات ڪجھه گھڙيون سوچيندي رھي. پوءِ ھوءَ اُٿي ۽ سامھون ٽيبل تي رکيل ڌرتيءَ جي گولي تي چِٽيل مختلف ملڪن کي ڏسڻ لڳي. ھن محسوس ڪيو ته ڪنھن به ملڪ کي اڇو رنگ ڏنل ڪونھي. ھن ھڪ ڪٻٽ مان رنگن جي دَٻي کنئي، اڇي ٽيوب مان رنگ ڪڍي ٺاھيو ۽ ھوري ھوري گولي تي موجود ملڪن کي اڇو ڪرڻ لڳي.

No comments:

Post a Comment