Sunday, October 21, 2012

.. ۽ جڏهن آفتاب گرهجي ويو - دودو چانڊيو


.. ۽ جڏهن آفتاب گرهجي ويو!
دودو چانڊيو
ايڌي سرد خاني ۾ گمنام لاش ڏسندي منهنجي نظر هڪ اهڙي چهري تي پئي، جو منهنجي پيرن هيٺان زمين ڇڏائي وئي! ”اڙي! هيءُ ته آفتاب!!؟“ آواز اٽڪي پيو، اکيون لڙڪن سان ڀرجي آيون، دل چيو زور، زور سان اوڇنگارون ڏئي روئان! کن پل لاءِ پنهنجي دل جو ڌڙڪو بيهندي محسوس ڪيم. لاش جي ڪفن تي لڳل نمبر پليٽ ڏسي تيز وکون کڻندو رجسٽريشن ڪائونٽر تي آيس، ايڌي هوم جي رضاڪار کان  پڇيم، ”آفتاب جو لاش ڪٿان مليو ۽ هتي ڪير کڻي آيو؟“ هن مون تي مٿاڇري نظر وڌي، رجسٽر پنا اٿلائي چيائين، ”ڪير آفتاب؟“ چيم، ”هو جيڪو سرد خاني ۾ لاش پيو آهي، آفتاب جو.....“ چيائين، ”گمنام لاش آهي، ملير نديءَ جي ڪناري تان مليو هو، ڪابه سڃاڻپ نه اٿس، اڄ ان کي لاوارث ڄاڻائي دفنائڻ پيا وڃون.“ مون ٻاهر نڪري آفتاب جو موبائل نمبر ڪڍڻ لاءِ پنهنجو سيل فون کنيو، هن جو نمبر نه مليو، مون انهن دوستن جا نمبر ملايا، جيڪي آفتاب کي سڃاڻندا هئا، پر ڪنهن جو نمبر نه لڳو. ايڌي رضاڪار سرگرم هئا، هر ۵ منٽن ۾ ڪانه ڪا ايمبولينس لاش کڻڻ ۽ ڇڏڻ لاءِ اچي ۽ وڃي رهي هئي، شهر ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي بازار گرم هئي. آئون ايڌي هوم جي سامهون روڊ جي ڪناري تي ويهي رهيس، ڪئين گاڏيون گذري رهيون هيون، مون کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي.


آفتاب، جنهن جي اصل نالي جي ته مون کي خبر نه هئي پر هو بُنير جو بنيري هو، ڪراچيءَ ۾ منهنجي مرحوم يار جو بورچي هو. طبيعت ۾ فقيري، دل ۾ حساسيت ۽ ياريءَ ۾ وفا ته ڪو آفتاب کان سکي. هن کي چنڊ وڻندو هو، چانڊوڪي راتين ۾ ماني ٺاهيندي بورچي خاني جي اها دري هميشه کليل رکندو هو، جتان کيس چنڊ نظر ايندو هو. چانڊوڪي راتين ۾ ڪراچي جي سمنڊ ڪناري ويهي هو الاءِ ڪهڙين دنيائن ۾ گم ٿي ويندو هو. منهنجو يار کيس ان ڪيفيت ۾ ڏسي هميشه اياز جو هي شعر پڙهندو هو:
اکيون آرزوئون، اکيون التجائون
اکيون يار تنهنجون، صدين جون صدائون
منهنجي دوست جا سمورا يار هن کي بي انتها ڀائيندا هئا، سندس نالو بنيري مان ڦيرائي آفتاب رکيو ويو. ڪراچي ۾ رهندي هن سنڌي به سکي ورتي هئي. اسان ڪڏهن ڪڏهن رات جي ڪچهري دوران شعر و شاعري ۾ شروع ٿيندا هئاسين ته هو ڪم ڪار اڌ ۾ ڇڏي اچي ڀر ۾ ويهي رهندو هو، جيڪو به شعر کيس سٺو لڳندو هو، يا سندس دل جي تارن کي ڇُهندو هو، پوءِ پاسي واري کيسي مان ڊائري ڪڍي ضد ڪري به اهو شعر لکرائيندو هو. سنڌ جو هڪ ڀلوڙ شاعر سندس ڊائريءَ جي پهرين صفحي تي لکي ويو هو:
درد وري به درد هو،
ابتو به لکيم، سبتو به لکيم !!!
سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن، اديبن ۽ صحافين جا هٿ اکر هن جي کيسي ۾ هر وقت هوندا هئا. منهنجو دوست ٻڌائيندو هو ته ڪڏهن ڪڏهن رات جو هو ننڊ مان اٿي ڪمري مان ٻاهر نڪري ڏسندو هو ته آفتاب دريءَ تي بيهي ٻاهر روڊ کي پيو گهوريندو هو. هڪ ڀيرو هن ڪاوڙجي دڙڪا ڏيندي چيس ته، ”ڪهڙو خواب ڏٺو اٿئي، جو ننڊ ڦٽي ويئي اٿئي“ ته آفتاب بُنيري پنهنجي کيسي مان ڊائري ڪڍي هڪ صفحو منهنجي دوست آڏو کوليو، جنهن تي لکيل هو:
”خواب اهو ناهي، جيڪو توهين
رات جو ننڊ ۾ ڏسو ٿا،
پر خواب اُهو آهي جيڪو توهان کي
رات جو ننڊ ڪرڻ نه ڏي...!“
نه ڄاڻ ڪهڙا خواب هئا هن جا، جيڪي هن اسان کي ڪونه ٻڌايا، پر ڪڏهن ڪڏهن دوست جي فليٽ تي ڪچهري دوران هو اداس ٿي چوندو هو، ”مون کي ڪڏهن اهڙي مشاعري ۾ وٺي هلجو، جتي شاعرائون شعر پڙهن، مون ڪيئي سال اڳ بنير جي هڪ شاعره کان شعر ٻڌو هو، اڄ ڏينهن تائين ان کي وساري نه ٿو سگهان.“ لڳندو ائين هو ته ڄڻ هو پنهنجي دل ان شاعره جي ڪنهن غزل وٽ ڇڏي آيو هو. ان ڪري هو ڪراچي جي انساني  سمنڊ جهڙي شهر ۾ به اداس رهندو هو. هجومن ۾ هو اڪيلو لڳندو هو، چانڊوڪيون کيس کائڻ اينديون هيون، مينهن وسندا هئا ته هو روئندو هو، سندس اکيون ڏسي اندازو ٿي ويندو هو ته آفتاب جي رات ڪيئن گذري هوندي، اياز چيو آهي ته:
ميلي ۾ تون تنها تنها، ڪنهن کي ڳولهين ٿو
هن کي وڏا وار وڻندا هئا، ان ڪري هو وارن تي ڪو شعر ٻڌندو هو ته بورچي خاني ۾ ٻوڙ جو داڳ ساڙي ڇڏيندو هو. هو اڪثر اسان سان سفر ۾ گڏ هوندو هو. لاڙ ۾ ڪڻڪون نسرن، ٿر ۾ مينهن پون يا مهراڻي تي گاهه ڦٽن، ڪاڇي ۾ نئيون وهي اچن يا اُتر جون هوائون لڳن، آفتاب اسان سمورن دوستن جي پٺيان پئجي ويندو هو، ”هتي ڪراچي جي دوزخ ۾ ڇا ٿا ڪريو، هلو ته گهمي اچون.“ اسان سڀ دوست کيس بي انتها ڀائيندا هئاسين، ان ڪري آفتاب جي راءِ تي غور ٿيندو هو. مون کي ياد آهي ته هڪ ڀيري کاري ڇاڻ کان سوکيءَ جي بندر طرف ويندي مون دوستن کي لطيف سائينءَ جا ٻه شعر ٻڌايا ۽ ان جي تشريح ڪيم ته آفتاب وٺي دانهن ڪئي، ”سائين ڊائري وساري آيو آهيان فليٽ تي، پني تي لکي ڏيو.“ اسان کيس جام روڪيو پر هن جيستائين اهي شعر لکرائي کيسي ۾ نه وڌا، تيستائين اڳتي وڌڻ ڪونه ڏنائين. شعر هئا:
سر لوهيڙا ڳڀيا، ڪسر نسريا،
تو ڪيئن وسريا، ڍوليا ڏينهن اچڻ جا.
۽ اهو به،
”سر نسريا پاند، اتر لڳا آءُ پرين،
مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سهسين سکائون ڪيون.
آفتاب هڪ بورچي هوندي اسان جي دوستن جي دانشوراڻي سرڪل جو اهم حصو هو، ڪهڙو دوست ڪهڙي حال ۾ آهي، اها سموري خبر چار اسان کي آفتاب ئي ٻڌائيندو هو. آفتاب اوچتو ڇو هليو ويو؟ ڪا نظر لڳي وئي اسان جي بهارن کي، جيئن سرءُ ۾ وڻن جا پن ڇڻندا آهن، ائين اسان جا دوست ڇڻندا ويا. هڪ دوست کي مارگلا جي پهاڙن ايئر بلو جي حادثي ۾ اسان کان جدا ڪيو ته ٻيو دوست ڪئنسر جهڙي بيماري ۾ راهه ويندي جدا ٿي ويو، ٽيون دوست روڊ حادثي ۾ جدا ٿيو، ڄڻ ته سڀ ڪجهه جدا ٿي ويو. بقول شيخ اياز جي ته:
محفل نه رهي، ساقي نه رهيا،
گذري وئي الا! گذري به وئي...!!
جڏهن محفل نه رهي، ڪجهه به نه رهيو ته اوچتو آفتاب به الائي ڪيڏانهن هليو ويو. ڪنهن دوست ٻڌايو ته هو واپس بنير هليو ويو آهي. مون ڪراچي جهڙي سمنڊ ۾ هن کي گهڻو ڳولهيو هو ته من ڪٿي نظر اچي، ساڻس ڪچهريون ڪجن ۽ سندس ڊائريءَ ۾ دوستن جا هٿ اکر ڏسي روح جا ٿڪ لاهجن، پر هو ڪٿي به نه مليو. ڪالهه جڏهن سندس لاش ايڌي مرده خاني ۾ ڏٺم ته هڪ دنيا مان ئي ٻي دنيا ۾ موٽي آيس. جڏهن آئون ايڌي سرد خاني واپس موٽيس ته هن جو لاش ايمبولينس ذريعي تدفين لاءِ وڃي چڪو هو. مون اکيون پوري هڪ جملو چيو، ”يار آفتاب، تون به هليو وئين!؟“

No comments:

Post a Comment