Sunday, October 21, 2012

مئي جو مهربان چنڊ - او هينري - ممتاز لوهار


مئي جو مهربان چنڊ
 او هينري/ ممتاز لوهار
مئي مهني جو چٽو چنڊ مسز مرفي جي پرائيويٽ بورڊنگ هائوس کي روشن ڪري رهيو هو. اهو ته جنتري ڏسي ئي ٻڌائي سگهجي ٿو ته ان جا ڪرڻا ٻين ڪيترن وڏن علائقن کي روشن ڪن ٿا. بهار جي شروعات هئي ۽ بخار جي به، پارڪ پنن سان ساوا ۽ گلن سان ڀريل ڏسڻ ۾ آيا ٿي. گهمڻ ڦرڻ جا خواب ڏيکاريندڙ به ٻاهر نڪري آيا هئا. باجا وڄي رهيا هئا ۽ زنده دلين جي روش  ڏسڻ وٽان هئي.


مسز مرفي جي بورڊنگ هائوس جون دريون کيل هيون ۽ گهڻا ڪرائيدار مهاڙي ۾ ٺهيل بالڪوني وٽ چادرون وڇائي ويهي موسم جو مزو وٺي رهيا هئا.
ٽين منزل جي سامهون واري هڪ دريءَ مان مسز ميڪا پنهنجي مڙس جو انتظار ڪري رهي هئي. ميز تي ماني ٿڌي ٿي رهي هئي ۽ مسز ميڪا جو مزاج گرم ٿي رهيو هو. نائين وڳي مسٽر ميڪا سڪي صاحب حاضر ٿيو. هن ڪوٽ لاهي ٻانهن تي رکيو ۽ ڏندن ۾ پائيپ دٻايو. ڏاڪڻين تي جتي جتي ماڻهو ويٺا هئا انهن کان ٽپندو، پاڻ بچائيندو، معافي وٺندو هو مٿي پهتو ۽ دروازو کوليائين، هن کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته هن جي بيگم هن کي ڪا ٿالهي يا چمچو هڻڻ بدران صرف لفظن سان هن جي آجيان ڪئي.
مسٽر ميڪا سڪي سمجهو ته مئي مهيني جي مهربان چنڊ هن جي زال جي دل نرم ڪري ڇڏي آهي. رڌڻي جي ٿانون بدران هن کي اهڙي گفتگو ٻڌڻي پئي. ”ٻڌو سائين، هي اوهان جي ڪهڙي مشڪري آهي. ٻاهر ته ايترو اخلاق ٿو ڏيکارين جو ڪنهن کي ٺُونٺ ٿو هڻين ته معافي ٿو گهرندو وتين، باقي پنهنجي زال ڏانهن ته ائين ٿو ورين جيئن ڪاسائي ٻڪريءَ ڏانهن. پاڻ ته ٻاهر شراب پي مزا ٿو ماڻين ۽ هتي ڌوٻي، کير وارن پنهنجو قرض گهري گهري نڪ ۾ دم ڪيو آهي“.
ميڪاسڪي پنهنجو ڪوٽ ۽ ٽوپي هڪ ميز تي اڇلائي چيو ”اي بيوقوف عورت، تنهنجو هي گوڙ ٻڌي منهنجي بک ئي هلي ٿي وڃي. تنهنجو هي انداز ۽ رخائي سوسائٽي جي بنياد جي سرن مان گارو ئي ڪڍي ٿي ڇڏي. هاڻي اها سوئر جهڙي منڍي دريءَ کان هٽاءِ، ماني ڏي.
مسز ميڪا آهستي اٿي ۽ چلهه وٽ آئي، پر هن جي اٿڻ جو انداز اهڙو هو جو مسٽر ميڪاسڪي سمجهي ويو ته ڇا ٿيڻ وارو آهي. هن جي چهري جون بدلجندڙ ريکائون هو سمجهي ويندو هو. هاڻي چينيءَ جي ڪٽلين، پليٽن، پيالن جي قسمت ڦٽي آهي.
”وري چئه سوئر جو چهرو“ مسز ميڪا چيو ۽ گوشت ۽ ڀاڄيءَ سان ڀيرل ٻاٽي سان هن پهريون حملو ڪيو.
پر مسٽر ميڪاسڪي به ان فن ۾ نئون نه هو. هن کي خبر هئي ته پنهنجو بچاءُ ڪيئن ڪجي. ميز تي ڪباب جي پليٽ پئي هئي، هن جواب ۾ اها کڻي وهائي ڪڍي. ان جو جواب هن کي حلوي جي پليٽ سان مليو. جنهن تي مڙس پنير جو  ڀريل پيالو نشانو وٺي هنيو جيڪو اک هيٺيان کيس لڳو. ان تي پنهنجي واري تي مسز ميڪاگرماگرم ٻڙڪندڙ ڪافيءَ جي ڪٽلي وهائي ڪڍيائينس ته اصولن اها ويڙهه ان تي بند ٿيڻ کپندي هئي.
پر مسٽر ميڪا ائين آسانيءَ سان هار مڃڻ وارو ڪونه هو. هن چيني جي ڍاڪون سان بدلو ورتو. هيءَ شيءِ هن نشانو تاڻي اڇلائي هئي پر مسز ميڪاسڪي پاڻ بچائي وئي. آخر ڪوشش ۾ هنن استري ڏانهن هٿ وڌايا جو هيٺين ماڙ مان هڪ اهڙي رڙ ٿي جنهن سان خودبخود جنگ رڪجي وئي.
هيٺ بازار ۾ مٿي ڪن ڏيو پوليس وارو ڪليري بيٺو هو ۽ ٿانون، ڪٽلين جي جنگ جو آواز ٻڌي رهيو هو. ”هي اهو ئي ميڪاسڪي صاحب ۽ ان جي بيگم ٿي لڳي. مٿي وڃي ويڙهه بند ڪرايان يا نه؟ نه هي شادي شدهه ماڻهو آهن ۽ انهن کي به تفريح جي ضرورت هوندي آهي ۽ ٻيو ته اها ويڙهه گهڻو وقت به ڪونه هلندي. سڀ ٿانو ويڙهه ۾ ڪم اچي چڪا آهن. ويڙهه جاري رکڻ لاءِ انهن کي پاڙيسرين کان ٿانو اڌارا وٺڻا پوندا.“
ان مهل اُها رڙ جيڪا خوف يا انتهائي بي وسي جي علامت هئي هن جي ڪنن تائين  پهتي.
”ٻلي هوندي“ پوليس واري ڪليري چيو ۽ تڪڙا قدم کڻندو ٻئي پاسي هليو ويو.
ڏاڪڻ تي ويٺل مسواڙين ۾ ان رڙ تي چوٻول ٿي ويو. ٽومي صاحب جيڪو پيدائش کان محقق ۽ ڌنڌي ۾ بيمو ايجنٽ ثابت ٿيو هو ان رڙ جا پيرا کڻڻ لاءِ اندر گهڙيو  ۽ اها خبر کڻي موٽيو ته مسز مرفي جو ننڍو پٽ مائيڪ گم ٿي ويو آهي. ان جي پٺيان اڍائي مڻن جو لاش مسز مرفي ٿيڙ کائيندي پندرهن ڪلو جي شرارتي پٽ جي ڏک ۾ ڳوڙها وهائيندي بي قرار، رڙيون ڪندي آئي. مسٽر ٽومي ان حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي، مس پرڊي جي ويجهو ويٺو ۽ ”چُچُ، چُچُ“ ڪندي هن جي هٿ ۾ پنهنجو هٿ رکيائين. ٻنهي پوڙهين نوڪرياڻين به جن کي مائيڪ جي حرڪتن نڪ ۾ دم ڪيو هو، ڏک جي اظهار ڪندڙن ۾ شريڪ ٿي ويون. ميجر گرگس صاحب پنهنجي ٿلهي متاري زال سان گڏ سڀ کان مٿين ڏاڪڻ تي وڃي ويٺو هو. هن اٿي بٽڻ بند ڪندي چيو”ٻار وڃائجي ويو آهي، مان سڄي شهر ۾ ڳوليندس“ هن جي زال کي گهر کان ٻاهر قدم به رکڻ نه ڏيندي هئي، پر هن موقعي تي ان به نهايت شفقت منجهان چيو ”وڃ اهڙي وقت ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڏکايل ماءُ جي مدد نه ٿو ڪري ته سمجهه ته ان جي دل پٿر جي آهي.“
”مون کي هڪ روپيو ته ڏي، اڃان به ڏيڍ روپيو ڏجان.“ ميجر چيو ”ڪڏهن ڪڏهن ٻار گهڻو پري هليا ويندا آهن. مون کي بس تي وڃڻو پوندو.“ پوڙهو ڊيني جيڪو سڀ کان مٿين ماڙ واري هال جهڙي ڪمري ۾ ٻين سان گڏ رهندو هو. ان وقت سڀ کان هيٺين ڏاڪڻ تي ويهي گهٽيءَ ۾ لڳل بتي جي روشني ۾ اخبار پڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هن ”پوڙهن جي هڙتال“ جي بقايا پڙهڻ جي لاءِ ورق اٿلائيندو رهيو. مسز مرفي وري رڙيون ڪيون”ها”! منهنجو ٻچڙو، چنڊ جو ٽڪڙو الائي ڪاڏي ويو“
پوڙهي ڊيني اکيون ڪاريگرن جي ڪانفرنس جي رپورٽ تي ڄمائيندي مسز مرفي کان پڇيو ”ٻار ڪڏهن گم ٿيو آهي. آخري ڀيرو اوهان هن کي ڪهڙي وقت ڏٺو هو؟“
مسز مرفي روئندي چيو ڪلهه ڏٺو هئيم آخري ڀيرو، بلڪ شايد ڪي چار ڪلاڪ اڳ ڏٺو هئم. چڱي طرح ياد ڪونهي، هاءِ منهنجو ٻچڙو الائي ڪاڏي ويو؟ هو بس هيٺ گهٽي ۾ اڄ  صبح ئي کيڏي رهيو هو. اڄ صبح نه ته اربع ڏهاڙي ته ضرور کيڏيو هوندو. مان ڪم ۾ ايتري رڌل هوندي آهيان، جو ڏينهن“ تاريخون ڪجهه به ياد ناهي رهندو. پر مون ان گهر  کي هيٺ مٿي ڪنڊ ڪنڊ جانچي ڏٺي آهي، هو ڪٿي به مون کي نظر ڪونه آيو، خدا جي واسطي منهنجو ٻچڙو...“
شايد ڪو ٻيو حادثو انسان جي دل کي ائين متاثر نه ٿو ڪري، جيترو ڪنهن ٻار جي گم ٿيڻ جو، ٻار نادان ۽ ڪمزور هوندا آهن ۽ راهون ايتريون ڏکيون ۽ ور وڪڙ.
ميجر گرگس گهران نڪتو ۽ گهٽي جي وڪڙ کان ٿيندو بيلي صاحب جي شراب خاني ۾ اچي ٿڪ ڀڃيائين ”اڙي يار هڪڙو جام  ته کڻي اچ. ڪجهه اثرائو آڻجان ۽ ها ڏسجان متان هتي آس پاس ڪو ڇهن سالن جو شرارتي ٻار بيٺو هجي تو ڏٺو آهي اهڙو؟ ”هيڏانهن مسٽر ٽومي اڃان تائين مس پرڊي جي هٿ ۾ هٿ ڏئي ڳالهين ۾ مصروف ويٺا هئا“ مون کي ته هر هر ٻار جو خيال ٿو اچي، ماءُ جي جهولي مان وڃي نه ڄاڻ الائي ڪاڏي هليو ويو. ٿي سگهي ٿو، ڪنهن گهوڙي يا گاڏي جي هيٺيان اچي هينئر چيڀاٽجي به ويو هجي.
”ها”! هي ته عضب ٿي ويو“ مس پرڊي چيو، ءِ ته پوءِ وڃان ڳولهڻ، مان ڪا مدد ڪريان؟ مسٽر ٽومي هٿ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.”وڃڻ ته گهرجي مس پرڊيءَ چيو پر نه وڃ ٽومي تون طبيعت جو ڏاڍو تڪڙو آهين. ڪٿي جوش ۾ خدا نه ڪري پاڻ نه ڪنهن حادثي جو شڪار ٿي وڃين“
”پوءِ.....“
پوڙهو ڊيني اڃان تائين سٽن تي آڱريون ڦيرائيندو رهيو، مزدورن جي ڪنهن جهيڙي جي فيصلي جو مطالعو ڪري رهيو هو. ٽين ماڙ جي سامهون واري دري مان مسٽر ميڪاسڪي ۽ ان جي زال جو چهرو نظر آيو، مڙس پنهنجي ڳلي تان ڀاڄي لاهي رهيو هو، جيڪا چنبڙي پئي هيس ۽ زال اک کي ٽاڪور ڪري رهي هئي ۽ ڳوڙها به اگهي رهي هئي. ڇو ته گوشت جي پليٽ جيڪا کيس لڳي هئي ان جون ڦهنگون اکين ۾ به ويون هئس. ٻنهي رڙ ٻڌي پنهنجون منڍيون دري مان ڪڍيون هيون.
”ننڍڙو مائيڪ گم ٿي ويو آهي، ڪيڏو پيارو ٻار هو. خوبصورت کيچلو، بلڪل ننڍڙو فرشتو“ مسز ميڪاسڪي چيو“ ”اڙي هي ڇا ٿي ويو، ڪا عورت گم ٿئي ها ته مان خوشي ملهايان ها. ڇو ته عورت جو ڪاڏي وڃڻ ئي سٺو آهي پر ٻار جو گم ٿيڻ ته واقعي ڏک ۽ افسوس جي ڳالهه آهي“.
مسز ميڪاسڪي پنهنجي ڌڪن کي وساري مڙس جو هٿ پڪڙي چيو ”جان! مسز مرفي جو ننڍڙو گم ٿي ويو آهي“ هيڏو وڏو شهر آهي ۽ وري هو بي سمجهه ڇهن سالن جو ٻار هاڻي ڀلا ڇا ٿيندو؟“
اسان جو ٻار اڄ ايترو ئي هجي ها جيڪڏهن خدا ڇهه سال اڳ اسان کي ٻار ڏئي ها.“
”مگر ٿيو ڪونه“ مسٽر ميڪاسڪي ڳالهه ٻڌائيندي چيو ”مگر جان! جيڪڏهن هجي ها ته سوچ ته سهي هينئر اسان کي پنهنجي پياري فيلن جي گم ٿيڻ جو ڪيترو نه ڏک هجي ها“
تون بيوقوفن جهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين مسٽر ميڪا چيو
”اسان جي ٻار جو نالو پيٽر هجي ها. بابي جي نالي تي نه ڪي فيلن“
”تون ڪوڙو آهين“ مسز ميڪاسڪيءَ جواب ڏنو.“
”منهنجو ڀاءُ تنهنجي کڳ پوڙهي پيءُ کان سٺو هيو مان ته پنهنجي پٽ تي ان جو نالو رکان ها“
مسز ميڪاسڪي وري دريءَ مان هيٺ ماڻهن جي اچ وڃ ڏانهن نهاريو.
”جان! معاف ڪجانءِ مسز ميڪاسڪي هينئر نرمي مان چيو مان پنهنجي وس ۾ نه رهي هيس“
ان کان پوءِ هن مڙس جو کهرو هٿ پنهنجي هٿ ۾ ڪندي چيو“ ڏس ته ويچاري مسز مرفي ڪيئن پئي روئي، هيڏي وڏي شهر ۾ هڪ ننڍڙي ٻار جو وڃائجي وڃڻ، عضب آهي. جيڪڏهن اسان جو فيلن ائين وڃائجي ها ته منهنجي دل ٽٽي پوي ها“ ميڪاسڪي اهو ٻڌندي ئي پنهنجو هٿ ڇڏائي ورتو. پر وري هٿ پنهنجي زال جي ڪلهي تي رکندي چيائين ”بيوقوفي جي ڳالهه نه ڪر، منهنجو پنهنجو اهڙو حال هجي ها، جيڪڏهن ڪو اسان جي ننڍڙي پيٽر کي اغوا ڪري وڃي ها يا هن کي ڪجهه ٿي وڃي ها پر اسان کي ته ڪو ٻار ٿيو ئي ڪونه“
جو ڊي! ڪڏهن ڪڏهن مان به توسان خراب ٿو هلان، ان جو مون کي ڏاڍو ڏک آهي“
هو ٻئي دري مان ٻاهر ڏسڻ لڳا، جتي اهودل ڏکائيندڙ ڊرامو ٿي رهيو هو.
هو در تائين ئي ويٺا رهيا، گهٽي ۾ ماڻهو جي اچ وڃ جاري هئي ۽ اهي ڪنڊ ڪڙڇ جون ڳالهيون ڪري رهيا هئا.
مسز مرفي هڪ هڪ وڏي جبل وانگر هيڏانهن کان هوڏانهن ڦري رهي هئي ۽ ان جبل مان ڳوڙها آبشار وانگر وهي رهيا هئا.
هڪ ڀيرو ٻيهر گهر جي سامهون شور گهڻو ٿي ويو.
”هاڻي ڇا ٿيو آهي جوڊي!؟ “مسٽر ميڪاسڪي پڇيس.
”مسز مرفي جو آواز آهي.“ مسز ميڪاسڪي چيو.
”هاڻي خبر پئي آهي ته مائڪ صاحب ان جي ڪمري ۾ پلنگ جي هيٺان پراڻي ڪپڙن جي ڳنڍ جي پويان ستو پيو هو.“
مسٽر ميڪاسڪي وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ چيائين ”ڀلا اسان جو پيٽر اهڙي غلطي ڪري سگهي ها؟“
”اگر اسان جو پٽ، جيڪو پيدا ناهي ٿيو. ائين گم ٿي وڃي ته بيشڪ تون هن جو نالو سيلن ئي رکجان.
پوءِ هو به ائين ٻلي وانگر پلنگ جي هيٺان ڪپڙن جي ڳنڍ جي هيٺان ستو پيو هجي ها.“
مسز ميڪاسڪي چپ چاپ اٿي ٿانون جي الماري ڏانهن وڌي.
هن جو چهرو ايندڙ طوفان جي سڌ ڏيئي رهيو هو.
گهٽي جا ماڻهو پنهنجي گهرن ڏانهن وڃي رهيا هئا. پوليس وارو ڪليري پنهنجو چڪر پورو ڪري پوءِ ان جي گهر سامهون پهتو ۽ ڪن مٿي ڪري بيٺو ان کي ڏاڍو تعجب ٿيو ته ميڪاسڪي جي گهر مان اڃان تائين پليٽن، چمچن، ڪٽلين ۽ ديڳڙين جي ويڙهه جو آواز اچي رهيو هو. هو هڪوٻڪو ٿي بيهي رهيو. هن واچ ۾ ٽائيم ڏٺو ”وڃ ڀيڻان!“
ميڪاسڪي ۽ ان جي زال سوا ڪلاڪ کان ائين ئي وڙهي رهيا آهن وڏي همت اٿن! وڏي ڪا ظالم عورت آهي.“
پوليس وارو ڪليري حيرت کائيندو اڳتي هليو ويو.
پوڙهي ڊيني پنهنجي اخبار ويڙهي ۽ جلدي ڏاڪڻيون ٽيندو مٿي پهتو، ان وقت مرفي دوازو بند ڪري تالو ڏئي رهي هئي.

No comments:

Post a Comment