Wednesday, November 16, 2011

تـخـم تـاثـيـر - محمد علي مھر


تـخـم تـاثـيـر
محمد علي مھر

خميسي حقي جو هڪڙو وڏو ڪش هڻڻ کان پوءِ، نـڙيءَ مان خرڙاٽ ڪري، زور سان کانگهارو ڪڍي اڇلايو. کانگهارو پيل مـُوڙي کي لڳو ۽ اتي ئي چنبڙي پيو. پريان ڀت تي ويٺل ڪُڪِڙ، کانگهاري کي ڏسي، خوشيءَ مان ڪڙ ڪڙ جا آواز ڪڍيا ۽ زُون ڪري اچي کانگهاري کي لڳي.
خميسي هٿ جي پٺيءَ سان پنھنجي وڏين اڇين مڇن کي چنبڙي پيل کانگهاري جي باقيات کي صاف ڪندي، ربن کي چيو؛ ”ٻيلي! ڊوهي اٿئي رب جي! ڪوڙ ته ڪونه ٿو هڻين!“
ربن جي منھن تي فخريه مُرڪ تري آهي، چيائينس؛ ”توسان ڪوڙ هڻندس!“
”ڀروسي جھڙو آهين ته ڪونه! پر چئين ٿو ته هوندو!“ خميسي، پُٽَ کي کِجائيندي چيو؛ ”پر ٻيلي! جي نه ٻِيٽ پئجي وين ته اها مينھن ماڻھين جي ..... مان به ڪڍرائي وٺندئي!“
ربن ٻوٿ گندو ڪندي، پيءُ کي چيو؛ ”انھيءَ ڳالهه کئون تون ڇٽل آهين! مان به رَنَ ڪونه ..... آهي! جي کـَبَر پين به ته مضريون نه اچي ڏئي وڃني ته چئجانءِ ته کميسي کان جي مـُٽَ مان ئي ڪونھين!“
خميسو کليو. پٽ سان چرچو ڪندي چيائين؛ ”هاڻي به ڪھڙي کبر!؟“
ربن کي ڳالهه نه وڻي. پيءُ کي موٽ ۾ چيائين؛ ”پئي اٿي قبر ۾ اُٿائي وڃي پڇينس ته ربن ڪنھن مون ڪڍيو اٿئي!“

”جي ڳالهه هوندي به ته ٻڌائيندي!؟“ خميسي چرچي کي اينگهائيندي چيس؛“ چور چوندو ته مان چوري ڪئي آ!؟“
”ما کي کبر آ ته مان تو مئون ئي آهيان.“ ربن به چرچي ۾ شريڪ ٿيندي چيو؛ ”باقي ماکئون مٿي ڪا هيٺانھين مٿانھين ٿي وئي هجي ته اها کبر کُداءِ کي! جان وري ڏاڏي مرهيات کي!“
خميسي کي چرچو وڻيو پر جواب نه سجهيس، سو وڏو ٽھڪ ڏئي پٽ کي ڀونڊو ڏيندي چيائين؛ ”وڏو ماءُ جو ....... آهين!“
اونھاري جي صبح هئي. سج اڃا مس نڪتو هيو. اڃا ٿڌي هير هلي رهي هئي. خميسو ۽ پٽھنس، پنھنجي لوڙهي واري ڪکائين گهر ۾ ڪاٺ جي صندلن تي ويٺا هيا. خميسي جي نھن ڀرائي، ڀرسان اٽو ڳوهي رهي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن سامھون ٺھيل مٽيءَ جي چلهه تي چڙهيل چانھن جي ڪاراٽيل ڪٽليءَ تي، لوڻو ڦيري نظر ڪري رهي هئي. پريان اڱڻ ۾ پيل کٽ تي ربن جي ننڍڙي نياڻي ستي پئي هئي. جنھن جي مٽڻ جي ڪري هيٺ ڪچيءَ زمين تي مُٽ جو دٻو ٺھي ويو هيو. سندس مُنھن ۽ موٽانگي تي، مکين جا ولر لامارا ڏئي رهيا هيا. اڱڻ ۾ بيٺل ٻير جي وڻ تي ڪانوَ اچي گڏ ٿيا هيا ۽ چُلھي ڏانھن اميد ڀريل نظرن سان ڏسي رهيا هئا.
هنن کي پاڻ ۾ محو ڏسي، ڪتي به مھل جو فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اڃا رات جي بچيل چانورن جي پاٽ ڏانھن وڌيو ئي مس ته ڀرائيءَ نظر پوندي، ڀري ڀونڊو ڏنس ۽ لتر لاهي زور مان ڏانھنس اڇليندي دانھن ڪئي ؛ ”لک جي لانت هجئي ماريا! ڪاڏي ٿو گهرندو اچين!“
ڪتي هلڪي ڪونڪ ڪئي ۽ پوءِ پڇ پائي لوڙهي ڏانھن ڀڄي ويو.
خميسي حقي جو ڪَش هنيو ۽ ننھن کي مخاطب ٿيندي، چيائين؛ ”امان! هن ۾ ٻه ٽي ٽانڊا ته وجهي وڃ!“ ۽ پوءِ ربن ڏي رخ ڪندي چيائين؛ ”پيري به هيل تائين نڪري پيا هوندئي!“
ڀرائي چمٽي سان ٻه ٽي ٽانڊا کڻي آئي ۽ اچي حقي جي ٽوپيءَ ۾ وڌائين. ربن حقي جو نڙ  پيءُ کان وٺي ٻه ٽي ڪش هنيا ۽ پيءُ کي چيائين؛ ”چاچو عيسو پـَرُ گذاري ويو. باقي ٻئي جي ماءُ کي موڪل آ!“
”بروبر! عيسو هجي ها ته آڱر کئون وٺي اچي در تي بيھارين ها!“ خميسي ٿڌو ساهه ڀريندي چيو.
عيسو تر جو ماهر ترين پيري هيو. هو جيتوڻيڪ خميسي جو گهاٽي ۾ گهاٽو يار هيو پر پنھنجي پيشي سان ايترو سچو هيو جو پيرو سڃاڻڻ کان پوءِ، پنھنجي سچي پيءُ کي به ڪونه ڇڏي !
”ٻڪر باقي ڀينسان ڀلوڙ آندو اٿئي!“ خميسي ٻير سان ٻڌل ٻڪر ڏانھن ڏسندي پٽ کي چيو .
”مـُرڇد جي پٽ جو وهانءُ آ. گهٽتائي ڪري قيامت ڪاري ڪرڻي آ ڇا؟!“ ربن پيءُ جي اکين ۾ اکيون وجهي، مرڪندي چيو؛ ”وري اهو چيوسي ته اڄوڪي ڏينھن ته ابي جو ڪنڌ مٿي هجي!“
سائين موجن شاه جي پٽ جي شادي هئي. سنڌ جي سادات جي روايت موجب، مرشد کي پنھنجي کيسي مان ٽڪو به خرچ ڪونه ڪرڻو هيو. اهو سنڌ جي اعلى روايتن جي خلاف هيو ته آلِ رسول کي ڪنھن به قسم جي تڪليف، پاڻ کي ڪري پئي. تنھنڪري سندن گهر جو سمورو خرچ پکو ۽ شاديون مراديون ته رهيون پنھنجيءَ جاءِ تي، ويندي سندن رات جي دعوتن تائين، جنھن ۾ ڪؤڙو پاڻي ۽ اعلى ترين انساني گوشت جو بندوبست به غريب امتين جي مٿي هيو. جيڪي ڀلي پاڻ بکيي پيٽ ۽ اگهاڙي لڱين هجن پر مرشدن جو پُڳر پھچائڻ لاءِ پابند هيا.
هن شاديءَ جو سمورو بار به، سائين موجن شاه جي مريدن خادمن تي هيو. خليفا ڪتن وانگر نُوس نُوس ڪري، جنھن وٽ ڪا چڱي شي هئي، سا مرشد وٽ هڪي حاضر ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري رهيا هئا.
خميسي وٽ ڪو اهڙو ڍور ڍڳو هيو ڪونه. ويتر سندس فصل به پاڻيءَ جي اڻھوند ڪري ٺپ ڪونه ٿيو هيو. حالت اها هئي جو گهر جو خرچ هلائڻ لاءِ به کيس وڏي پَٽَ سَٽَ ڪرڻي پيئي هئي.
خليفي رمضان کي سندس حال جي ڀليءَ ڀِت پروڙ هئي، تنھن هوندي به مٿس هڪڙو ٻڪر رکيو ويو هيو. خميسي جڏهن کيس پنھنجي حالت ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ته خليفي هڪ به نه ٻڌس. هٿائين شاديءَ واري ڏينھن تي ٻڪر ڪنھن به حالت ۾ پھچائڻ جو حڪم ڏنو هئائين. ٻڪر نه پھچائڻ جي صورت ۾ کيس قيامت ڪاري ٿيڻ سان گڏوگڏ سنگين نتيجن ڀوڳڻ جي ڌمڪي پڻ ڏني هئائين.
خليفي  جي رواني ٿيڻ واري ڏينھن کان وٺي، خميسو ڀڄ ڊڪ ۾ لڳي ويو هيو ته ڪنھن نموني ڪو انتظام ٿئي. يارن دوستن، مٽن مائٽن کان وٺي ويندي ڏور پار جي واقفن تائين ڪوشش ڪري ڏٺي هئائين. پر سڀني جي حالت، کيس پاڻ کي به خبر هئي. پاڻيءَ جي اڻاٺ ڪري، مڙني جي صورتحال ساڳي هئي.
آخري اميد طور هن روهڙيءَ وڃي، ڪوٽومل کان وياج تي اوڌر وٺڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
ڪوٽوءَ جو ته اڳيئي قرضي هيو، تنھن ڪري ڪوٽو ڳالهه ٻڌي چيو هئس؛ ”کميشا کانَ! ڪھڙيون ٿو کبرون ڪڙين ڀائي! ڦسُل ته توکي کبڙ آ ته هيل ڪيئن ٿيو آ! ميان هتي ڌنڌي هلائڻ لاءِ پئشا ڪونھن. توکي ڪڙز ڪاٿئون ڏيان!“
”ڪوٽو مل! ٻيلي ڏاڍي گهرج پئجي وئي آ. وياج ڀلي تون چار آنا مٿي وٺجانءِ پر ڪجهه ڏي!“ خميسي، ڪوٽوءَ کي ليلائيندي چيو هيو.
”کميشا کانَ! ماڻھو تون گڊ آهين. جواب ڏيندي سچي ڳالهه ته منھنجو به اندڙ ٿو سڙي. پَڙ ياڙ حالت اشان جي به کڙاب اٿئي. بِجنس هيل صڦا ڪونه ٿيو آ. نه ته توکي جواب ڏيان ها!“
ڪوٽومل کان کتو جواب ٻڌي، خميسي ذهني طور پنھنجو پاڻ کي، حالتن لاءِ تيار ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هيو. مرشد جي ناراضگيءَ جو مطلب؛ حقي پاڻي بند ٿيڻ کان وٺي، ويندي زمين تان بيدخليءَ تائين شامل هيو.
ڪجهه عرصو اڳ ۾، سخت ضرورت پوڻ تي کين ربن جو شوق مان ڌاريل گوءِ وارو ڏاندن جو جوڙو کپائڻو پيو هيو. اهو جوڙو ربن کي ڏاڍو پيارو هيو. انھن جي مدد سان هن گهڻيون گوئيون کٽيون هيون. جڏهو اهو جوڙو وڪڻڻو پيو هون ته ربن ڏاڍو ڏسڪيو هيو. پر مجبوري به سخت هين، تنھن ڪري ربن پيءُ کي جواب نه ڏئي سگهيو هيو. اها ڳالهه خميسي کي دل تي اٽڪيل هئي، تنھن ڪري هن ڀيري پٽ سان ڪين ڪڇي سگهيو هيو.
ربن پاڻ به پيءُ جي حالت ڏسي رهيو هيو ۽ اندرئي اندر ۾ ڪُڙهيو پئي. جڏهن خميسي کي هر پاسي کان کتو جواب مليو ته ربن دل ئي دل ۾ هڪڙو فيصلو ڪيو ۽ شاديءَ کان هڪ ڏينھن اڳ ۾ گهر مان روانو ٿي ويو.
هو درياه ٽپي سڌو وڃي جلو مـَھرَ سان مليو ۽ کيس سربستو احوال ڪري ٻڌايائين. جلو تر جو وڏي ۾ وڏو ڪاٽڪو هيو. سخت کان سخت پھري ۾ ٻڌل جانور راتوواه ائين گم ڪري ڇڏيندو هيو جو ڄڻ زمين ڳھي وئي. ڪنھن دور ۾ خميسو ۽ جلو گڏجي اهو ڪم ڪندا هيا پر پوءِ جڏهن مرشد جي گهاٽي يار جي واڙي ۾ ٻڌل تازي گهوڙي گم ٿي وئي هئي ۽ ان جو ڪوبه ڏس پتو نه مليو هيو ته مرشد ٻنھي کي گهرائي، آئنده انھيءَ ڪم نه ڪرڻ جو قسم وڌو هيو. جيتوڻيڪ گهوڙيءَ جو پتو کُرو آخر تائين ڪونه پيو پر سڀني کي خبر هئي ته اهڙي اعلى درجي جي فنڪاري خميسي ۽ جلوءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪري نه سگهندو.
خميسي حڪم مڃيو ۽ اها ڪرت ڇڏي ڏنائين. جڏهن ته جلو درياه ٽپي وڃي ڪچي ۾ ويٺو ۽ ڌنڌو به جاري رکيائين. پر پنھنجي مرشد جي علائقي ۾ واردات نه ڪرڻ جو پاڻ کي پابند به رکيائين.
ربن جي ڳالهه ٻڌي، جلو کيس پنھنجي واڙي ۾ وٺي ويو، جتي هر قسم جو ڍور ٻڌو بيٺو هيو.
”ٻچا!“ هن ربن کي چيو؛ ”تون اسان جي يار جو پٽ آهين! يار تڪليف ۾ هجي ۽ جلال کانَ کي سک اچي، اهو ٿيڻو ئي ناهي. تون هتان، جيڪي وڻيئي، ڪاهي وڃ!“
ربن جي نظر وڃي هڪڙي، سڀ کان سڻڀي، ٻڪر تي پئي. جلو سندس نظرن کي تاڙي ورتو ۽ چيائينس؛ ”ڇوڙي وڃ! ربنواز کانَ!“
”ائين نه چاچا!“ ربن، اکين ۾ اکيون وجهي چيس.
”باقي!“ جلو پڇيس .
”هڪڙو ڍور آهي منھنجي نظر ۾!“ ربن چيس؛ ”رات مان اهو ڪڍي ايندس، ان جي بدلي ما کي هي ٻڪر کپي!“
”ڀلاڙي کميسا کانَ! مان به چوان ته پٽ ته کميسي کانَ جو آ، پوءِ ايترو بي وس ڇو؟ ڍور ڪھڙو آ؟!“
”مينھن آ! پر چاچا اهڙو هيرو تو به گهٽ ڏٺو هوندو.“
جلو جي نظر کان تر جو ڪوبه جانور گٿل نه هئو. سندس اکين ۾، ٻڌڻ شرط، چمڪ اچي وئي ۽ چيائين؛ ”ماڻھو کپئي! ڪڍي اچڻ لاءِ!“
”چاچا! مان کميسي کانَ جو کُونُ آهيان.“ ربن اعتماد مان چيس؛ ”ڪڍي مان ايندم. ان کانپوءِ نه تو مانکي ڏٺو نه ما توکي!“
”ڀلاڙي کميسا کانَ!“ جلو هڪ ڀيرو وري ورجايو؛ ”ڪڍندي ڪيئن؟“
”اهو تون مانتي ڇڏي ڏي!“ ربن اعتماد سان چيس؛ ”مان ڄاڻا! منھنجو ڪم ڄاڻي!“
اهو سمورو انتظام ڪري، شام جو هو ڪچي مان روانو ٿيو هيو ۽ پوءِ واعدي موجب مينھن آڻي جلو جي ماڻھن کي ڏني هئائين. انھن موٽ ۾ ٻڪر سندس حوالي ڪيو هيو.
ٿوري دير اڳ ۾ ئي هو ٻڪر سوڌو گهر پھتو هيو ۽ هاڻي پيءُ سان سمورو احوال ڪري رهيو هيو.
”چاچا جلو سلام ڏيندو هيئي!“ ربن سڄي ڳالهه ٻڌائڻ کانپوءِ پيءُ کي چيو.
”ماليڪم سلام. پر جلو کي ته هِن جُوءِ ۾ واردات ڪرڻي ئي ڪانه هئي؟!“
”هن ڪئي ڇا؟“ ربن پيءُ کي چيو؛ ”نه تنھنجو قسم ٽـُٽو نه هُن جو. پنھنجو ڪم ٿي ويو.“
”بروبر!“ خميسي فخر مان چيو؛ ”تکم تاثير آ! رت جو اثر ڪاڏي ويندو!“
ڏينھن ٺاري، خميسي خان پنھنجو سڀ کان ڀلو وڳو ڪڍي پاتو ۽ پٽڪو ٻڌي، مڇن کي تيل پياري، ٻڪر سوڌو بس ۾ چڙهي اچي مرشد جي ڳوٺ نڪتو.
شاديءَ جا انتظام وڏي پيماني تي جاري هيا. هڪڙي پاسي خليفو رمضان به ٻن ٽن معزز ماڻھن سان ڪرسيءَ تي ٽيڪيو ويٺو هيو. خميسي سڌو وڃي ٻڪر سندس حوالي ڪيو. رمضان کي اميد ڪانه هئي ته خميسو ڪو انتظام ڪري سگهندو، سو خميسي سان ٻڪر ڏسي حيرت ٿيس ۽ چيائين؛ ”خميسا! انتظام ڪري ورتئي ني؟!“
”سائين! ڪيئن نه ڪندس بابا!“ خميسي ٻانھون ٻڌندي وراڻيس؛ ”مرڇدن جي کُڇي آ. ربنواز کانَ کي چيم ته بابا ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪرڻو آ.“
”ٻڪر ته خميسا خان ڀلوڙ آندو اٿئي!“ خليفي جي ڀر واري ڪرسيءَ تي ويٺل وڏيري دين محمد ٻڪر کي تعريفي نگاهن سان ڏسندي خميسي کي چيو.
”بس سائين! ربنواز کي چيو هيم ته اهڙو انتظام ڪجانءِ ته مرڇد به راضي ٿين ۽ قيامت به سنوارجي وڃي.“
”واه خميسا واه!“ خليفي شابس ڏيندي چيس؛ ”تو جھڙا ماڻھو آهن جو دنيا هلي ٿي پئي. نه ته اڄ ته مرشد سائين ايڏي ڪاوڙ ۾ آ، جو جيڪر وس پڄيس ته ڀنڀور کي باهه ڏئي ڇڏي!“
”ڇو خليفا!“ وڏيري دين محمد، خليفي کان پڇيو؛ ”خير ته آهي، مرشد سان!“
”بس يـَرَ دين محمد خان! ڪھڙيون ٿو خبرون پڇين!“ خليفي، دين محمد کي ويجهوٿيندي سرٻاٽ ۾ چيو؛ ”ڪارو ٿي ويو آ منھن اڄ جي ماڻھن جو. اک ۾ شرم نه رهيو اٿن. سيد جي گهر مان به نه مڙيا. ڪھڙي ٿو ڳالهه پڇين! رات ڪو ڪاٽڪو مرشد جي واڙي ۾ ٻڌل ڀلي ۾ ڀلي مينھن ڪاهي ويو آ! هڻي هڻي بيٺا آهيون، نه پير ٿو ملي، نه پتو ٿو پوي!“

**

No comments:

Post a Comment