Wednesday, November 16, 2011

هيـپـي نـيـو يـيـئـر - محمد علي مھر


هيـپـي نـيـو يـيـئـر
محمد علي مھر

ڪوٽـڙي بيراج واري پل جي وچ تي پھچي، هُن پنھنجي چمڙي جي جيڪٽ لاهي فوٽ پاٿ تي اڇلي ۽ قميص جا بٽڻ کولي ڇڏيائين. وڌي اچي ريلنگ جي ڀرسان بيٺو.
سياري جي رات چانڊوڪيءَ ۾ چلڪي رهي هئي. هوا جي هڪڙي ٿڌي جهوٽي، هن جي وارن ۾ ڪتڪائي ڪئي ۽ سندس قميص ۾ هوا ڀرجڻ جي ڪري ڦڙڦڙاهٽ ٿي. کيس سيءَ جي ڪري ڏڪڻي محسوس ٿي. تنھن هوندي به هن پنھنجا هٿ، برف جھڙي ٿڌي ريلنگ تي کوڙي ڇڏيا ۽ اڳتي ڏانھن جهڪي بيھي رهيو. درياءَ ۾ ٽپو ڏيڻ کان اڳي وارا چند لمحا، چڱيءَ طرح انجواءِ ڪرڻ چاهيائين پئي. سوچيائين؛ ”ڪجهه گهڙين کان پوءِ جڏهن منھنجو روح ڪائنات جي گھراين ۾ گم ٿي ويندو ته پوءِ مان ڪجهه محسوس ڪري سگهندس، الائي نه ...... مان ڪري سگهان يا نه .... هوءَ ته محسوس ضرور ڪندي!“

ان سان گڏوگڏ، ٻي سوچ سندس ذهن تي اها به آئي؛ ”ٻڏڻ مھل ڪا تڪليف ته نه ٿيندي!؟“ ٿڌي پاڻيءَ  جو خيال ايندي ئي سڄي جسم مان درهڙي نڪري ويس. پر پوءِ پنھنجي خيال تي پاڻ ئي کِلي پيو. جڏهن ٻڏڻو ته پوءِ گهيڙ ڪھڙو پڇڻو؟ جڏهن مرڻو ته پوءِ تڪليف جو احساس ڇا جو؟ مرڻ وقت، تڪليف ٿئي يا نه، موت ته ضرور ايندو.
کيس هر حال ۾، درياءَ ۾ ٽپو ڏئي، پنھنجي عشق جو سچو هئڻ ثابت ڪرڻو هيو. سحر تي اهو به ثابت ڪرڻو هيس ته هو ڪو معمولي ماڻھو ناهي. جيڪو محبوب جي سامھون، پنھنجي عشق جي سچي هئڻ جي ڊاڙ ته هڻي پر قرباني ڏيڻ مھل ڀڄي وڃي. سحر سان واعدو ڪيو هئائين؛“ جيڪڏهن نئين سال جو سج ڏسان ته منھنجو عشق ڪوڙو. شاعري ڪوڙي.“
کيس پاڻ ملھائڻو هيو، پنھنجي زبان کي پاڻي ڏئي، عشق جي صديون پراڻي ريت نڀائڻي هئي.
لطيف هاسٽل کان ڦاٽڪ تائين، هو آخري بس تي آيو هيو. دلبر هوٽل تي دِل تي ماني کائي، مارڪيٽ تائين وڃڻ واري سوزوڪيءَ ۾ چڙهي، ايريگيشن ڪالونيءَ تائين پھتو هيو. جتان وري بيراج تائين هُن پنڌ ڪيو هو. ٿڌ جي باوجود انھيءَ طويل سفر کيس ٿڪائي وڌو هيو. هُن کي انھيءَ ٿَڪَ ۽ سيءَ جي پرواهه ڪانه هئي. ڇو جو کيس هرحال ۾ درياهه ۾ ٽپو ڏيڻو هيو.
سوچيائين؛ ”مان عشق جي باب ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ڪندس.“ کيس پڪ هئي ته جڏهن سندس بي مثال قربانيءَ جي خبر ڦھلجندي ته ٻئي ڏينھن جي اخبارن ۾ سندس يارَ؛ طارق عالم، ناز سنائي ۽ لياقت رضوي، سندس حياتيءَ ۽ موت بابت وڏا ڪالم لکندا. ملڪن ۾ مشھوري ٿي ويندي. ٿي سگهي ٿو ته سائين ميراڻي صاحب جو آرٽيڪل به ڪنھن انگريزي اخبار۾ ڇپجي ۽ پوءِ اڳتي هلي ڪو مستقبل جو شاهه عبداللطيف ڀٽائي سندس باري ۾ ڪو داستان يا سُرُ رقم ڪري وجهي.
انھن سوچن، هن جي ارادي کي، وڌيڪ پختو ڪري وڌو. سڀني کان وڌيڪ، سحر وٽ پنھنجي پاڻ ملھائڻ واري خيال، کيس نئين همت بخشي. سحر جي دل وٺڻ لاءِ، هڪڙيءَ جان جي قرباني، ڪا وڏي ڳالهه ڪانه هئي. پر هن وٽ ان کان وڌيڪ، قربان ڪرڻ لاءِ، ڪجهه هيو به ڪونه. هن جي جسم مان، هاڻي سيءَ جو احساس ختم ٿي چڪو هيو.
سحر به مھراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي هئي ۽ کانئس هڪ سال جونيئر هئي. جنھن سان سندس پھريون باقاعده تعارف، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ نصير مرزا جي ڪمري ۾ ٿيو هيو. هنن ٻنھي کي، نصير نوجوان اديبن جي هڪڙي پروگرام ۾ شرڪت لاءِ سڏايو هيو.
ان کان اڳ، هن سحر کي يونيورسٽيءَ ۾ ڏٺو ضرور هيو. سحر ڊگهي قد ۽ ڀريل بت واري ڇوڪري هئي. سندس رنگ هلڪو سانورو هيو پر چھري ۾ بلا جي ڪشش هيس. سندس اکين جي تارن ۾ ڪي تبرون هيون، جيڪي ڏسندڙن کي زور  ڀريون زبرون هڻي، هميشه هميشه لاءِ گهايل ڪري ڇڏڻ جون صلاحيتون رکنديون هيون. سندس ڏند، دلبند هئا. جڏهن کلندي هئي ته سندس کِل جا گلاب، سامھون واري کي سدائين لاءِ مُنڊي ڇڏيندا هيا. سندس جسم، ڪنھن ڏاڙهونءَ جي ڏار وانگر هيو؛ ڀريل، پر معمولي هوا جي جهونڪي سان جهولندڙ.
هو سحر کي اڳي ته ڏسندو رهندو هو پر نصير جي ڪمري واري ملاقات، سندن مستقبل جي ملاقاتن جو حوالو بڻجي وئي.
هو ملندا رهيا؛ امداد واري ڪينٽين ۾، ڪينٽين جي ٻاهران جُوس واري وٽ. ٿورا فري ٿيا ته هِن مارئي هاسٽل به وڃڻ شروع ڪيو. جتي ڪلاڪن جا ڪلاڪ، ٻئي مختلف موضوعن تي ڳالھائيندا هيا.
ڪجهه عرصي کان پوءِ، جڏهن محسوس ڪيائين ته؛ هو سحر جي عشق ۾ پورو وٺجي ويو آهي ته سحر سان اظھار محبت ڪري ڇڏيائين. کيس موٽ اثرائتي نه ملي. سحر مٿانئس واضح ڪري ڇڏيو؛ ”تون هڪڙو سٺو دوست آهين. بلڪل ائين، جيئن ٻيا نوجوان شاعر دوست آهن.“ انھيءَ سان ڌڪ ته ڏاڍو لڳو هئس پر پچائي ويو.
ان کانپوءِ جڏهن به ٻنھي جي پاڻ ۾ ملاقات ٿي، هن پنھنجي ڪوشش جاري رکي. ٻئي طرف کان ساڳيو ئي جواب هيو. تنھن هوندي به همت نه هاريائين.
ٻه ڏينھن اڳ، جڏهن سحر کي اوچتي ملاقات ۾ چيو هئائين؛ ”مان توکان سواءِ رهي نه سگهندس.“ تڏهن سحر مٿس ڏاڍو کلي هئي ۽ سندس دعوى کي فقط هڪڙي شاعراڻي ڌمڪي قرار ڏنو هئائين.
”سحر!“ هن چيو هئس؛ ”جيڪڏهن مان توکي حاصل نه ڪري سگهيس ته مري ويندس!“
”شاعر جو شاعر ئي رهئين!“ سحر ٽھڪ ڏيندي وراڻيو هئس؛ ”مرڻ جيئڻ به پنھنجي اختيار ۾ آهي ڇا؟“
”ها آهي!“ هن مضبوط لھجي ۾ چيو هئس؛ ”مان توسان وچن ٿو ڪيان ته جيڪڏهن مان توکي حاصل ڪري نه سگهيس ته نئين سال جو سج نه ڏسندس!“
سحر جواب ۾ وڏو ٽھڪ ڏنو هئو ۽ ”See you on Ist January “ چئي کلندي هلي وئي هئي.
اها اوڻٽيھينءَ جي ڳالهه هئي. اڄ ايڪٽيھين ڊسمبر هئي ۽ کيس پنھنجو وچن پاڙڻ لاءِ، هر حال ۾ درياه ۾ ٽپو ڏيڻو هيو.
هن اڳتي جُهڪي، هيٺ نھاريو ته هيٺ نظر ايندڙ منظر کيس موهي وڌو. گهڙي سوا لاءِ هو، جسم ۾ تير وانگر چڀندڙ تکي ۽ ٿڌي هوا، درياه جي شور ۽ پنھنجي وجود کان، بلڪل بيگانو ٿي ويو. بيراج جي دروازن مان نڪرندڙ پاڻي، کيس چانڊوڪي رات ۾ ائين لڳو ڄڻ بيراج ڪا تمام وڏي بٺي هجي، جنھن مان هزارين مڻ پگهريل چاندي وهندي هجي ۽ پوءِ ميلن جا ميل سفر طئي ڪري، سمنڊ ۾ وڃي انت ڪندي هجي. پريان ڪا ٻيڙي هئي، جيڪا درياه جي لھرن ۾ آهستي آهستي ترندي پئي وئي. ٻيڙيءَ مان لالٽين ٻري رهيو هيو ۽ وچ تي باه جي سگريءَ مٿان ويٺل مھاڻو، وڏي آواز ۾ راڻو ڳائي رهيو هيو. سامھون ريلوي  جي پل تي لڳل بتيون، ڏاڍو خوبصورت نظارو پيش ڪري رهيو هيون. ائين لڳي رهيو هيو، ڄڻ درياه جي سيني تي نو لکي موتين جو هار پاتل هجي.
چانڊوڪيءَ رات جي انھيءَ خوبصورت منظر کيس مـُنڊي وڌو. سندس دماغ ۾ باغيانه خيالن ڪـَرُ کڻڻ شروع ڪري ڏنو ته؛ ”هڪڙي ماڻھوءَ کي عشق جو احساس ڏيارڻ لاءِ، هن ڪائنات جي خوبصورتي قربان ڪرڻ ڪا سياڻپ آهي!“ هن جي ذهن ۾، اهو خيال آيو. پر پوءِ هن پنھنجي پاڻ کي دليل ڏيندي چيو؛ ”عشق م سياڻپ جو ڪھڙو عمل دخل! مون سحر سان واعدو ڪيو آهي؛ کيس حاصل نه ڪري سگهيس ته جان قربان ڪري ڇڏيندس!“
”پر ڇا؟ جان جي قرباني ڏئي، تون سحرکي حاصل ڪري سگهندين؟!“ سندس باغي ذهن، کيس نئون نشتر چڀايو؛“ مري وڃڻ کانپوءِ سحر کي جيڪڏهن احساس ٿيو به ته ڪھڙي ڪم جو. جيڪو جيئري نه مليو، سو مئي کان پوءِ قبر تي اچي ليٽندو ڇا؟!“
کيس ڀڳت ڪبير جو دوهو ياد آيو؛
موئي پيڇي مت ملو، ڪھي ڪبيرا رام،
لوها ماٽي مل گيا، تب پارس ڪھ ڪام.
کيس ڪوبه جواب نه سُجهيو. ڀڳت ڪبير کيس بلڪل لاجواب ڪري ڇڏيو.
”ڏٺئي!“ سندس دماغ کيس چيو؛ ”ٽرڙائي نه ڪر! تون زنده رهي ڪيترائي وڏا ڪم ڪري سگهندين. تون شاعر آهين ۽ شاعر ته قومن جي تقدير بدلائڻ جي به صلاحيت رکندا آهن. تنھنجي قوم هن وقت وڏن مسئلن جو شڪار آهي. جان ڏيڻي ئي اٿئي ته ڪنھن وڏي ڪاز لاءِ ڏي!“
”مان ڇا ڪري سگهندس؟!“ هن پنھنجي دماغ سان بحث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
”تون ڇا ڪري سگهندين؟!“ سندس دماغ کي سندس اجائي بحث تي ڪاوڙ لڳي ۽ چوڻ لڳس؛ ”تون ادب کي ۽ تاريخ کي پڙهندو رهندو آهين! توکي خبر ناهي ته شاعرن ۽ اديبن ڪيئن ملڪن ۾ انقلاب آڻي ڇڏيا آهن. ڇا تو والٽيئر، روسو ۽ پئبلو نرودا جو نالو نه ٻڌو آ. توکي اها خبر ناهي ته هنن ڇا ڪري ڏيکاريو. ها! پري ڇو ٿو وڃين! پاڻ وارن عظيم شاعرن ڪيئن ايوبي آمريت ۽ ون يونٽ جي خلاف باهه ڀڙڪائي! ڪيئن پڇاڙيءَ ۾ سندس تڏا ويڙهائي ڇڏيائين!“
”پر مان چاهيان به ته انھن جي پيرن جي دز کان مٿي ڪجهه ڪونه ٿي سگهندس!“
سندس ارادو ڪچو ٿي چڪو هئو. پر پوءِ به هن پنھنجي دماغ سان جهيڙو جاري رکيو؛ ”وڏا ڪم صرف وڏا ماڻھو ئي ڪري سگهندا آهن.“
”پوءِ تون ننڍو ڪم ئي ڪر!“ سندس دماغ کيس ياد ڏياريو؛ ”ياد اٿئي ته روهڙيءَ جي هڪڙي غريباڻي گهر ۾ رهندڙ، هڪڙي ننڍڙي ٻار سان تون ڪو واعدو ڪري آيو آهين؟.... اهو ٻار تنھنجي اوسيئڙي ۾ آهي.“
کيس اوچتو ياد آيو ته ڄامشوري اچڻ مھل، کانئس ننڍڙي ڀاءُ ڪمن، کانئس واعدو ورتو هيو ته هو جڏهن به گهر موٽيو ته حيدرآباد مان سندس لاءِ بيٽريءَ تي هلندڙ ننڍڙي ڪار وٺي ايندو.
سندس اکين آڏو، ننڍڙي ڪمن جي تصوير ڦرڻ لڳي. هن فيصلو ڪيو ته هو سحر جي غرور کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ، ننڍڙي ڪمن جي خوشين کي قربان نه ٿو ڪري سگهي. هوا جي تيز ٿڌي جهوٽي، کيس ياد ڏياريو ته سندس قميص جا بٽڻ کليل آهن. کيس ڏڪڻي وٺي وئي. هڪ هڪ ڪري قميص جا بٽڻ بند ڪيائين. جيڪٽ اڏامي پرڀرو هلي وئي هئس. يڪدم کڻي پاتائين ۽ زپ بند ڪري ڇڏيائين.
هن جي اندر ۾ جيئڻ جي شديد امنگ ڀرجي وئي. محسوس ڪيائين ته ڪائنات ۾ ايڏي خوبصورتي ۽ ايڏي محبت ڀريل آهي. هڪڙي محبت نه ملي ته ڪھڙو فرق ٿو پوي. تمام گهڻا ماڻھو آهن جن کي نه محبوب مليو نه منزل. پوءِ به جيئن پيا. مرندن ڪاڻ مربو آهي، جيئندن ڪاڻ ڪھڙو مرڻ؟! محبت، ملڻ سان مرندي آهي، جيئندي ناهي. يڪ-طرفي محبت کي زنده رکڻ لاءِ آپگهات ڪرڻ، انا ئي ته نه آهي.
انھن خيالن کانپوءِ، هن درياهه ۾ ٽپو ڏيڻ جو خيال مٽائي ڇڏيو.
پل تي ڪا به ٽرئفڪ ڪانه هئي. سانت ۽ سنسان لڳي پئي هئي. ٻانھن ورائي ٽائيم ڏٺائين. هڪ لڳي ويھه منٽ ٿيا هيا. ريلنگ ڀرسان ٺھيل فوٽ پيريءَ تان لھي وچ روڊ تي هلڻ لڳو. کيس لطيف هاسٽل تائين پنڌ موٽڻو هيو. ڇاڪاڻ جو رات جي هن پھر ۾ ڪنھن به سواري ملڻ جو آسرو نه هيو. خوبصورت پر شديد سرد چانڊوڪيءَ رات ۾ گهلندڙ ٿڌي هوا جو هڪڙو ساه، ڦـڦڙن ۾ ڦوڪي ڀريو، پوءِ ڄام شوري ڏانھن وک وِڌائين.
اختر ۽ مجيب، سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٽيچرس ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽيءَ جي هڪڙي بنگلي ۾ ٿيل پرائيويٽ نيو ييئر پارٽي اٽينڊ ڪري موٽي رهيا هئا. پارٽيءَ ۾ شراب ۽ ڪباب جو آزادانه دور هليو هيو. جنھن کي ڪراچيءَ مان گهرايل اسٽيج ڊانسرائن، چار چنڊ لڳائي ڇڏيا هيا. پارٽيءَ ۾ حيدرآباد جا گهڻا ڪامورا پڻ شامل هيا. حاضرين کي پارٽيءَ ۾ ڏاڍو مزو آيو هيو. پارٽي اڃا جاري هئي. اختر ۽ مجيب کي ٻئي صبح جو ڪجهه اهم ڪم ڪرڻا هيا، جنھن ڪري هنن جلدي موٽڻ جي ڪئي هئي. هڪ بجي هنن هلڻ جو پروگرام رٿيو ته رات اڃا جوان هئي. جيتوڻيڪ ٻئي پياڪ هيا، تنھن هوندي به ڊمپل وسڪيءَ ۽ رشين واڊڪا کين، ضرورت کان وڌيڪ خمار ڏئي ڇڏيا هيا. خالي ۽ سنسان روڊ، کين گاڏي تيز هلائڻ تي مجبور ڪري رهيو هيو.
ڄام شوري ڦاٽڪ کان ئي اختر کڻي ايڪسيليٽر تي زور رکيو هيو. اريگيشن ڪالونيءَ کي سيڪنڊن ۾ اورانگهي، پل جي ويجهو پھتا هئا.
تمام تيز اسپيڊ جي ڪري، گاڏي پل جي ويجهو ٺھيل اسپيڊ بريڪر تي زور سان ٽپو کاڌو. اختر جي هٿن مان اسٽيئرنگ ڇڏائجي ويو. يڪدم گاڏيءَ کي بريڪ هڻي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين پر گاڏي اسڪڊنگ ڪندي بي قابو ٿي وئي. اوچتو سامھون وچ روڊ تي کين ماڻھو نظر آيو. هاڻ وري ان کي بچائڻ جي ڪوشش ڪيائين پر گاڏي سندس اختيار کان نڪري چڪي هئي. سامھون کان ايندڙ همراه، سندس گاڏيءَ سان ٽڪرائي بونٽ تي چڙهي آيو ۽ جيئن گاڏي فٽ پيريءَ سان ٽڪرائي، تيئن اڇل کائي، ريلنگ جي مٿان ٿيندو وڃي درياه ۾ ڌوڙيو ڪيائين. گاڏي بيھي رهي. ٻئي گاڏيءَ مان لھي آيا. اڃا نشن ۾ هيا. هيٺ ڏٺائون، کين ڪجهه نظر نه آيو.
”هي ڀيڻ جو .........  هن مھل هتي ڇا پيو ڪري!؟“ اختر نشي واري آواز ۾ مجيب کي چيو.
”الائي ڪھڙي ماءُ پيو ..... تون هڻيس گولي. هاڻ نڪرڻ جي ڪر ته ڪو اچي نه وڃي.“ مجيب ٿـڙندو وڃي گاڏيءَ ۾ ويٺو.
اختر گاڏيءَ ڏانھن ڏٺو، ڪو خاص نقصان نه ٿيو هيو. بونٽ ۾ هلڪو ڊينٽ پئجي ويو هيو ۽ هڪڙي پاسي جي هيڊ لائيٽ ڀڄي پئي هيس.
اختر گاڏي اسٽارٽ ڪئي. هلڻ کانپوءِ، مجيب ٽھڪ ڏيندي چيس؛ ”ظالم! نئين سال جو سج به ڏسڻ نه ڏنوسي!“
ٻنھي جا خمار اڃا برقرار رهيا. اختر دريءَ مان منھن ڪڍي درياه ڏانھن ڏٺو ۽ زور سان رڙ ڪندي چيائين؛ ”هئپي نيو ييئر!“

**

No comments:

Post a Comment