Friday, May 2, 2025

ڀَؤُ - گلزار - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ڀَؤُ

(مختصر ريختا ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: گلزار 

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ڀؤَ کان ھن جون نسون سيٽجي پئي ويون ۽ ويٺي ويٺي گوڏا ائين پئي کڙڪيس ڄڻ مرگهي ٿيڻ واري ھجيس.

شھر ۾ فساد کي ڦھلئي، چار ڏينھن ٿي چڪا ھيا. ڪرفيو جهٽ سوا لاءِ، صبح جو کلندو ھيو، جهٽ سوا لاءِ شام جو. ڪرفيو کلي ته ڪي ٿورا ماڻهو تڪڙ پڪڙ ۾ ڏھاڙي جي واھپي جون شيون وٺي سگھن. ڪي ماڻھو جهٽ پٽ ۾ مار ڌاڙ ڪري وٺن. باھيون ڏين. چاقوبازي ڪري وٺن ۽ ڪي لاشا ڪيرائي وجهن ۽ ڪرفيو شروع ٿيڻ کان اڳي پنھنجن گهرن ۾ پڄي، ٿانيڪا ٿي ويھي رھن. بمبئيءَ ۾ گرم گرم خبرون ۽ گرم گرم خون مسلسل اُڙها پئي. ليڪن ريڊيو ۽ ٽي وي باقاعده انائونس ڪري رھيا ھيا ته شھر جي حالت قابوءَ ھيٺ آھي ۽ حالتون نارمل ٿينديون ٿيون وڃن.



حالتن کي نارمل ثابت ڪرڻ جي لاءِ، ڪالھ کان لوڪل ٽرينون دير تائين ھليون پئي. گهڻا تڻا دٻا خالي ئي ھين. ليڪن روشنيون پٽڙيءَ تي ڊوڙندي نظر آيون ته چئن ڏھاڙن جي گهپ اوندھ کي ٿورو لوڏو آيو. ريلوي ٽريڪ جي ٻنھي پاسن وارين وسندين ۾ جيڪا سانت پٿرائجي وئي ھئي، سا ٽرينن جي لنگهڻ سان جھٽ سوا لاءِ ٽٽي ته وري منڍئون چرپر جي اميد پيدا ٿي. ياسين آواز به ٻڌا پئي ۽ اٿي بيھي ڏٺو به پئي ته متان گاڏي ھلڻ لڳي ھجي. ڪالھ پنجون ڏينھن ھيو. ھيءُ پنھنجي گهرئون غائب ھيو. ھاڻي ته الڪو به پلجي چڪو ھوندو ۽ سندس ڳولا شروع ٿي چڪي ھوندي. ڏينھن پورو ٿيڻ وارو ئي ھيو جو ياسين جي سھپ جواب ڏئي وئي. شام وارو ڪرفيو کلندي ئي، ھو انڌيريءَ جي ٽيشڻ تي پڄي ويو. پليٽ فارم ڀنڀ بيران لڳو پيو ھيو، ليڪن انڊيڪيٽر تي ٽرين جو ٽائيم، ٽم ٽم ڪري رھيو ھيو.

ٽرين ڏاڍو ھورڙيان سان ٽيشڻ اندر داخل ٿي، عام معمول مطابق نه. ڄڻ محتاط ھجي، يا ڊنل ۽ ھيسيل ھجي. ٿورا ماڻهو ھيا به ٽرين ۾ پر ايڪڙ ٻيڪڙ. ھيءُ فيصلو ڪري نه سگهيو ته ڪھڙي دٻي ۾ گهڙي. ججهائي ته ھندن جي آھي نه. ٻن ٻن چئن چئن جي ٽولين ۾ ڪٿي ڪٿي واڙيا پيا ھيا. ھيءُ پليٽ فارم تي ترسي بيٺو ۽ جڏھن گاڏي ھلڻ لڳي، تڏھن ھڪدم ڀڄندو وڃي چڙھيو. ھن اھو ئي دٻو چونڊيو، جنھن ۾ ٻيو ڪير نه ھجي. غور سان ڏٺائين چؤطرف، ڪير به نه ھيو. پوءِ دٻي جي آخري بينچ تي، ڪنڊ واري سيٽ تي گهت ھڻي پاڻُ ٿميائين، جتان ھو پوري دٻي تي نگاھ به رکي سگهيو پئي. ٽرين تيزي ورتي ته ھن جي به ساھ ۾ ساھ پيو. 

اوچتو، دٻي جي ٻئي پاسي کان ھڪڙي منڍي نمودار ٿي. ياسين جا ته اوسان ئي خطا ٿي ويا. گوڏن ۾ وري مرگهيءَ جو دؤرو پوڻ شروع ٿيس. نِوِڙي، سيٽ تي ايترو ھيٺ ٿي ويو جو اگر ھو ھيڏانھن اچي به ته فورًا بينچ جي ھيٺان ٿمجي وڃي يا نرو ڏئي اڳيان اچي بيھيس. ۽ پوزيشن سنڀالي سگهي.

دٻي جو دروازو به پري نه ھيو. ليڪن ھلندڙ گاڏي ڍري ٿي به وئي ته ھو شخص.....

اُمالڪ اھو شخص، پنھنجي جاءِ تي رڪجي بيھي رھيو. بيٺي بيٺي ئي، ھُن چؤطرف ڏٺو. ليڪن سندس چھري تي ڀؤ يا ڊڄ جا اھڃاڻ نه ھيا. ھو پڪ ھندو ھيو. ياسين جو پھريون ري ايڪشن اھو ھيو.. ٽلندو ٽلڪندو، ھو گاڏيءَ جي پرئين دروازي تي وڃي بيھي رھيو. ھوا تي سندس مفلر، ڦاٽل جهنڊي وانگر ڦڙڪي رھيو ھيو. ٿوري جهٽ ھو ٻاھر ليئا پائي ڏسندو رھيو. پوءِ لڳو ته ڄڻ ڪنھن شيءِ سان زور آزمائي ڪندو ھجي.... ياسين جتي ٿميو ويٺو ھيو، تتان چٽو نظر نه پئي آيس. ڪا شيءِ ھو ڇڪي رھيو ھيو. ڪڏھن دٻايائينس پئي. ڪڏھن کنيائينس پئي. ڪڏھن ڇڪيائينس پئي. ياسين کي لڳو ته ڪا شيءِ ڇني پيو. تان جو اُمالڪ ھڪڙو زنگيل دروازو زور سان گيساٽيو ۽ ھڪڙي وڏي ڌماڪيدار کڙکڙاھٽ سان ڀِيچجي ويو. چڱو ٿيو جو ياسين جي واتان رڙ ڪا نه نڪتي.... ليڪن انھيءَ آواز تي اھو شخص پاڻ به ڇرڪي ويو ھيو. ھن ڏٺو ھيو چؤطرف ۽ اُن طرف ٿورو ججهي دير تائين ڏسندو رھيو، جتي ياسين ٿميو ويٺو ھيو. ياسين کي شڪ جاڳيو ته ڪاٿي ڏسي ته نه ورتو آھي، ھن؟ متان کُڻڪ پئجي وئي ھجيس؟ ان شخص جي زور آزمائيءَ، ياسين جي ھيانءَ ۾ ھيڪاري دھشت ويھاري ڇڏي. جيڪڏھن دوبدو مقابلو ٿي پوي ته ڇا ھيءُ، ساڻس سينو ساھي سگهندو؟ اھو شخص، ٽلندو ٽلڪندو، ٻئي پاسي جي دروازي تي وڃي بيھي رھيو. گاڏي، جوگيشوريءَ جي ڀنڀ بيران ٽيشڻ اورانگهي وئي. گاڏي بيھي ھا ته شايد ھيءُ لھي وڃي ھا. ليڪن ھيءُ ته ڪرفيوءَ جو علائقو ھيو، تنھنڪري گاڏي اتي بيٺي ئي نه. ڪرفيوءَ جو علائقو ئي گهڻو محفوظ ھوندو آھي. گهٽ ۾ گهٽ اتي پوليس ته ھوندي آھي. ٻيو ته ھاڻ، مليٽري به گهرائي وئي ھئي. شھر ۾ فساد وارن علائقن ۾ سندن ساون خاڪي دٻڪن واريون ٽرڪون گهمندي نظر آيون پئي ۽ مٿن، ساڳئي رنگ جون ورديون پائي ويٺل فوجي، پنھنجين بندوقن/ رائفلن جا نال، ٻاھر ڪڍيو ويٺا ھيا. پوليس ته بيڪار ٿي وئي ھئي. ھاڻ کانئن ڪو ڊِڳو به نه پئي. ڊَنب، مٿن بنا کٽڪي جي پٿر وسائيندا ۽ سوڍا واٽر جون بوتلون اڇليندا ھيا ۽ ھاڻ ته تيزاب جا ڀريل بلب به. پوليس اگر ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا گولا ڇوڙيندي به ھئي ته ھجوم جا ماڻھو آلي ڪپڙي سان اھي کڻي، موٽائي پوليس تي اڇليندا ھيا. ’ساڪاناڪيءَ‘ ۾ جڏھن اھا بيڪري سڙي ھئي، جنھن ۾ ھيءُ ڪم ڪندو ھيو، ڇا ڪيو ھيو پوليس؟ پري بيھي رونشو ڏسندي رھي ھئي ۽ ھيءُ سنھين گهٽين مان بچندا ڀڄندا، انھن گيراجن ڏانھن ڀڳا ھيا، جتي لڳل، سڄيون چٻيون ٿيل، اڌ تي چٻيون ٿيل، گاڏين جا ڍانچا پيل ھوندا ھيا. جان بچائي ڀڳا ھيا، لڪڻ جي لاءِ.... اٺ ڏھ ماڻھو ھيا، ھي. ڀلو ٿئي ڀائوءَ جو، جيڪو ڀڄندي ڀڄندي کيس چيلھ وٽئون ٻک وجهي، چانھ واري ٻاڪڙا کوکي ۾ گھلي ويو ھيس. ڀائوءَ کي ته خبر آھي ته ھيءُ مسلمان آھي. ليڪن پاڻ ته ھندو آھي، سو ڇو ڀڳو؟ ڀائوءَ چيو پئي؛ ”جڏھن ھجوم جي مغز ۾ خون سوار ھجي ته اھي نالو پڇڻ لاءِ ڪو نه ترسندا آھن. سندن اڃ، خون سان ئي اُجهامندي آھي يا باھ سان. ساڙي ڇڏيو، يا ماري ڇڏيو، نيست و نابود ڪري ڇڏيو. سندن ڪاوڙ تڏھن ٺرندي آھي، جڏھن اڳيان ڪجھ به نه بچي.“

ٻئي دروازي جي کڙڪي، کيس ڇرڪائي ڇڏيو. دٻي جي پرئين پاسي وارا ٻئي دروازا، ان شخص بند ڪري ڇڏيا ھيا ۽ چڱي جهٽ تائين ايڏانھن نھاريندو رھيو ھيو، جيڏانھن ياسين لڪيو ويٺو ھيو. ڀؤَ، وري سندس ساھ، پنھنجي ڪوڙڪيءَ ۾ ڪري ڇڏيو. اھو ماڻهو، دروازا بند ڇو ٿو ڪري پيو، دٻي جا. ڇا ھو، ھن کي ماري، رت ۾ ليٿڙيل لاش، ھن ئي دٻي اندر ڇڏي، لھي ويندو اڳين ٽيشڻ تي! ٽرين ھاڻي جهَڪي ٿيڻ لڳي ھئي. ڪا ٽيشڻ اچڻ واري ھئي. ان ماڻھوءَ جي اُٿَپ ۾، ھاڻي اڳي کان واڌو خود اعتمادي ھئي. ھو ھوريان ھوريان ھلندو، ھن جي پاسي ڏانھن اچي رھيو ھيو. ياسين جو ساھ، ڳؤرو ٿي ويو. نرڙ تي ٿڌي پگهر جو ٽمڻ محسوس ڪرڻ لڳو. ساھ، مُونجهو ٿيڻ لڳس. ٿُڪَ، ڳِسيس نه پئي. ڪاٿي کيس ڇِڪ ’آ ڇُو!‘ نه ٿي وڃي. ھو کنگهيو نه پئي. ور نه ته انھيءَ سيٽ جي ھيٺان ٿمئي ٿمئي......

گاڏي، بيٺي. ڪا ٽيشڻ آئي ھئي. اھو شخص آرام سان، ان دروازي تي اچي بيھي رھيو، جنھن پاسي کان پليٽ فارم ھيو. سندس ھڪڙو ھٿ، کيسي ۾ ھيو. ’کيسي ۾ ڪو ھٿيار ھوندس. پستول يا چاقو؟‘ ياسين سوچيو؛ ’ڀڄي، ٻئي پاسي واري دروازي کان ٻاھر ٽپو ڏئي.‘ ليڪن جاتي ٿميو ھيو، اتان نڪرندي نڪرندي ته اھو ماڻهو سندس پيٽ چيري رکندو. پيٽ ئي ڇو؟ نڙگهٽ ڪپي ڇڏيندس ته جيئن ٻڻڪ ئي ٻاھر نه نڪريس. ترڇين نگاھن سان، ھن واجهائي ڏٺس. اھو شخص ٻاھرئين طرف ئي ڏسي رھيو ھيو. پليٽ فارم تي ڀنڀ بيراني ھئي. ڪنھن جي به پير جي کڙڪي جو آواز ڪو نه پئي آيو. ياسين گهڻو ئي چاھيو ته ڪو نه ڪو اچِي وڃي. ليڪن ڪھڙي خبر ڪير ٿو اچي؟ ھندو؟ يا مسلمان؟ ھڪ ٻيو ھندو ئي سھي. من ڪو ڀائوءَ جھڙو رحمدل ھجي. چانھ جي ٻاڪڙا کوکي تان ڪيئن نه پنھنجو جڻيو پارائي، ھو کيس پنھنجي ڀونگڙيءَ تائين وٺي ويو ھيو. چئن ڏھاڙن تائين ترسايو ھيائينس. چيو ھيائينس.... ”مان مرھٽو آھيان ياسين! ليڪن ڏھاڙي گوشت نه کائيندو آھيان. تون چئين ته وٺي اچان؟ خبر ناھي ته ڪھڙو ملئي! حلال ٻلال جي مون کي خبر نه پوندي اٿئي. ۽ ٻاھر جون حالتون اھي آھن جو سبزيون سڙن ٿيون پيون انڌيريءَ ۾، ليڪن وڪڻڻ وارو ڪو آھي ئي ڪو نه. لٽڻو آھي ته جيتريون کپئي کنيو وڃ....؟“

وري ريڊيو اھو چئي رھيو ھيو ته شھر جون حالتون آھستي آھستي نارمل ٿي رھيون آھن. گاڏيون ھلن پيون. ڪن علائقن ۾ بسون به ھلايون ويون آھن. انھن چئن ڏھاڙن ۾ ھن کي گهر وارن جي وڏي ڳڻتي ھئي. گهر وارا به سندس ڳڻتيءَ ۾ ھوندا. کيس ھڪڙو ڀؤ ھيو.... ڪاٿي فاطمہ کيس ڳولڻ، بيڪريءَ جي پتي تي نه نڪري وڃي. جنھن ڀونگيءَ ۾ لڪيو ھيو، تتان ريل جي پٽڙي نظر آئي پئي. گاڏيون نظر آيون پئي. ليڪن ڀائوءَ کيس وڃڻ نه ڏنو.

گاڏي ڌڏڪو کائي ھلي پئي ۽ ياسين ڀونگيءَ مان دٻي ۾ اچي ڪريو. اھو شخص، کاٻي ھٿ سان راڊ کي جهليو، وڏي خود اعتماديءَ سان بيٺو ھيو. سندس ساڄو ھٿ، اڃا تائين کيسي ۾ ھيو. گاڏي ٿورو پري تائين سِرڪندي گِھلِبي ھلندي رھي. ھيءَ گاڏي، تيز ڇو نه ٿي ٿئي. سگنل نه ملڻ جي ڪا تُڪ ٿي ئي نه ٿي سگهي. پٽڙين تي ٽريفڪ آھي ڪاٿي؟ اڃا تائين ڪا گاڏي، ٻئي طرف کان به ڪا نه لنگهي آ. گاڏي گهڻي دير تائين گيھاٽبي، گيھاٽبي ھلندي رھي ۽ جتي اچي بيٺي سا ڀنسدر جي پل ھئي. ھيٺان سمنڊ جي کاري ھئي، جنھن منجهان، اڪثر لاشن جي نڪرڻ جون خبرون، اخبارن ۾ ڇپجنديون رھنديون آھن.

ياسين جو ساھ ٻوساٽجڻ لڳو. انھيءَ ڀؤ ۾ جيئڻ جنجال ٿي ويس. ٻيو ته اھو شخص، کيسي مان ھٿُ ڪڍي ڇو نه ٿو؟ سندس تيور ٻڌائين ٿا ته وارُ ڪرڻ وارو آھي. ڇا ٿيندو، جڏھن وارُ ڪندو؟ ھن کي ٻاھر نڪرڻ لاءِ چوندو؟ يا ڄُنڊن مان وٺي، گھليندس ۽ شڙاپ سان چاقو سندس نڙگهٽ تي رکندو. ڇا ڪندو ھو؟... ٻيو ته ڪجھ ڪري ڇو ڪو نه ٿو؟

ان وقت، ان شخص، کيسي مان ھٿ ڪڍيو ۽ وري زور آزمائي ڪرڻ لڳو. ھو ٽيون دروازو به بند ڪري رھيو ھيو ۽ ھيٺ سِيرَ ھئي. ٽپو ڏئي ته موت، پڪو آھي. ڀؤُ ھاڻي چوٽِ چڙهي چڪو ھيس. ٿَمُّ به لنبجي رھيو ھيس.

اُمالڪ بُلُ ڏئي، ھيءُ ٻاھر نڪري نروار ٿيو. ڇرڪي ڏٺس ھن ماڻهوءَ، ھٿ کيسي ۾ وڌائين ۽ خبر ناھي ڪٿئون آئي ايڏي طاقت ياسين ۾ جو ’يا علي‘ ڪري ان ھمراھ کي ٽنگن جي وچئون کنيائين ۽ ٻاھر اڇلائي ڇڏيائينس. ھيٺ ڪرندي ڪرندي، ھن جي رڙ ٻڌڻ ۾ آئي.

”الله.....“

ياسين، بيٺو رھيو. گاڏي، ھلي پئي. ياسين کي حيرت ٿي.

”ڇا مسلمان ھيو، ھو به؟“

ليڪن ڀؤ جي ڪوڙڪيءَ منجهئون ائين آجو ٿيو ھيو ڄڻ موت جي منھن منجهئون واپس موٽيو ھجي.....!

ان رات ھو فاطمہ کي ٻڌائي رھيو ھيو... ”اگر ائين نه ٿئي ھا ته پوءِ مان به مسلمان ھجڻ جو تڪڙو ثبوت ڪھڙو ڏيان ھا کيس؟“ 


(دھواں تان ترجمي سان کنيل)


No comments:

Post a Comment